Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 8:53 - Common Language New Testament

53 اسان جو پيءُ ابراھيم جيڪو مري ويو تنھن کان بہ تون وڏو آھين ڇا؟ نبي بہ مري ويا تہ تون پاڻ کي ڇا ٿو سمجھين؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

53 اسان جو ابو ابراهيم، جو مري ويو، تنهن کان بہ تون وڏو آهين ڇا؟ ۽ نبي مري ويا: تون پاڻ کي ڇا ٿو سمجهين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

53 اسان جو پتا ابرهام جيڪو مري ويو تنهن کان بہ تون وڏو آهين ڇا؟ سنديش ڏيندڙ سنت بہ مري ويا. تون پاڻ کي ڇا ٿو سمجھين؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

53 اسان جو پيءُ ابراهيم جيڪو مري ويو تنهن کان بہ تون وڏو آهين ڇا؟ نبي بہ مري ويا. تون پاڻ کي ڇا ٿو سمجھين؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 8:53
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھتي ھڪڙو اھڙو بہ آھي جيڪو ھيڪل کان بہ وڏو آھي.


ائين نہ سمجھو تہ اوھين ابراھيم جو اولاد آھيو. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ خدا ھنن پٿرن مان بہ ابراھيم لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو.


تنھن تي يھودين وراڻيس تہ ”اسين تو کي ڪنھن چڱي ڪم ڪرڻ ڪري سنگسار نہ ٿا ڪريون پر ڪفر بڪڻ ڪري، ڇالاءِ⁠جو تو انسان ٿي ڪري پاڻ کي خدا سڏايو آھي.“


تنھن تي ميڙ چيو تہ ”اسان جي شريعت ٻڌائي ٿي تہ مسيح ھميشہ جيئرو رھندو، تہ پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ابن⁠آدم ضرور مٿي چاڙھيو ويندو؟ اھو ابن⁠آدم ڪير آھي؟“


تنھن تي انھن ماڻھن زور ڀري چيو تہ ”اسان وٽ شريعت آھي ۽ ان موجب ھو موت جي لائق آھي، ڇالاءِ⁠جو ھن خدا جو فرزند ھجڻ جي دعويٰ ڪئي آھي.“


ڇا اوھين اسان جي ڏاڏي يعقوب کان بہ وڏا آھيو، جنھن ھيءُ کوھہ اسان کي ڏنو ھو؟ ھن مان ھو پاڻ، سندس پٽ ۽ سندس مال سڀيئي پاڻي پيئندا ھئا.“


ھن ڳالھہ جي ڪري تہ يھودي اڳواڻ ھيڪاري کيس مارڻ جا وجھہ ڳولڻ لڳا، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن نہ رڳو سبت جو قاعدو ٿي ڀڳو بلڪ خدا کي پنھنجو پيءُ سڏي پاڻ کي خدا جي برابر ٿي ڪيائين.


عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ ابراھيم جي ڄمڻ کان اڳي بہ آءٌ آھيان.“


قوم جا ابا ڏاڏا بہ انھن مان ئي آھن ۽ رت جي رشتي ڪري مسيح بہ انھن جو ئي آھي. خدا، جيڪو سڀني جي مٿان حاڪم آھي، شل ھميشہ انھيءَ جي واکاڻ ٿئي. آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ