Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 8:52 - Common Language New Testament

52 انھن يھودين کيس چيو تہ ”ھاڻي اسان کي خبر پئي تہ تو ۾ ڀوت آھي. ابراھيم مري ويو ۽ نبي بہ مري ويا تہ بہ تون چوين ٿو تہ ’جيڪو منھنجي ڪلام تي عمل ڪندو سو ڪڏھن بہ نہ مرندو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

52 يهودين چيس تہ هاڻي اسان سمجهيو تہ تو ۾ ڀوت آهي. ابراهيم مري ويو، ۽ نبي مري ويا، ۽ تون ٿو چئين تہ جيڪو منهنجي ڪلام تي هلندو، سو موت جو مزو اصل نہ چکندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

52 تنهن تي انهن يهودين کيس چيو تہ ”هاڻي اسان کي پڪ ٿي تہ تو ۾ ڀوت آهي. ابرهام مري ويو ۽ سنديش ڏيندڙ سنت بہ مري ويا، تہ بہ تون چوين ٿو تہ ’جيڪو منهنجي ڳالهين تي عمل ڪندو سو ڪڏهن بہ نہ مرندو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

52 تنهن تي انهن يهودين کيس چيو تہ ”هاڻي اسان کي پڪ ٿي تہ تو ۾ ڀوت آهي. ابراهيم مري ويو ۽ نبي بہ مري ويا، تہ بہ تون چوين ٿو تہ ’جيڪو منهنجي ڳالهين تي عمل ڪندو سو ڪڏهن بہ نہ مرندو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 8:52
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يحيٰ نہ کائيندو نہ پيئندو آيو آھي، تنھنڪري ماڻھو چون ٿا تہ ھن ۾ ڀوت آھي.


يحيٰ جي شاھدي ھن طرح آھي تہ جڏھن يروشلم جي يھودي اڳواڻن يحيٰ ڏانھن ڪاھن ۽ لاوي موڪليا، جن اچي کانئس پڇيو تہ ”تون ڪير آھين؟“


تنھن تي عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو سو منھنجي ڪلام تي عمل ڪندو. منھنجو پيءُ ھن سان پيار ڪندو، آءٌ ۽ منھنجو پيءُ ھن وٽ اينداسون ۽ ساڻس گڏجي رھنداسون.


مون اوھان کي جيڪي ٻڌايو آھي سو ياد رکو تہ ڪوبہ غلام پنھنجي مالڪ کان وڏو نہ آھي. سو جيڪڏھن ماڻھن مون کي ستايو آھي تہ اوھان کي بہ ستائيندا. جيڪڏھن انھن منھنجي تعليم تي عمل ڪيو آھي تہ اوھان جي تعليم تي بہ عمل ڪندا.


دنيا مان جيڪي ماڻھو تو مون کي ڏنا ھئا، تن تي مون تو کي ظاھر ڪيو آھي. اھي تنھنجا ھئا ۽ تو ئي مون کي ڏنا آھن. انھن تنھنجي ڪلام تي عمل ڪيو آھي.


تنھن تي ماڻھن چيو تہ ”تو ۾ ڀوت آھي. ڪير تو کي مارڻ جي ڪوشش ڪندو؟“


تنھن تي يھودي اڳواڻن چيو تہ ”ھي چوي ڇا ٿو تہ ’جتي آءٌ ويندس اتي اوھين اچي نہ سگھندا؟‘ انھيءَ جي معنيٰ تہ ھو پنھنجو پاڻ کي ماريندو ڇا؟“


سو انھن يھودين عيسيٰ کي چيو تہ ”ڇا اسين سچ نہ چئي رھيا ھئاسين تہ تون سامرين وانگر ڪافر آھين ۽ تو ۾ ڀوت آھي؟“


آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪو بہ منھنجي ڪلام تي عمل ڪري ٿو سو ڪڏھن بہ نہ مرندو.“


اوھان ھن کي ڪڏھن بہ نہ سڃاتو آھي پر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو. جيڪڏھن آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ ھن کي نہ ٿو ڄاڻان تہ آءٌ بہ اوھان جھڙو ڪوڙو ٿيندس. پر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو ۽ سندس ڪلام تي عمل ڪريان ٿو.


ٻئي دفعي انھن وري انھيءَ ماڻھوءَ کي گھرايو جيڪو اڳي انڌو ھو ۽ کيس چيائون تہ ”تون خدا جي آڏو واعدو ڪر تہ سچ ڳالھائيندين. اسين ڄاڻون ٿا تہ اھو ماڻھو گنھگار آھي.“


اھو ايمان ئي ھو جنھن تي اھي سڀ ماڻھو سڄي عمر قائم رھيا. جيتوڻيڪ کين واعدي ڪيل شيون نہ مليون، مگر انھن کي پري کان ئي ڏسي سندن مرحبا ڪيائون. ان سان گڏ ھنن قبول ڪيو تہ اسين ڌرتيءَ تي مھمان ۽ مسافر آھيون.


مگر اسين عيسيٰ کي ڏسون ٿا، جنھن کي موت سھڻ ڪري عزت ۽ عظمت وارو تاج پارايو ويو آھي. ھن کي ملائڪن کان انھيءَ ڪري ٿورڙو گھٽ ڪيو ويو ھو، تہ جيئن ھو خدا جي فضل سان ھر انسان لاءِ موت جو مزو چکي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ