Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 8:46 - Common Language New Testament

46 اوھان مان ڪو اھڙو آھي، جيڪو ثابت ڪري تہ مون گناھہ ڪيو آھي؟ جيڪڏھن آءٌ سچ ٿو چوان تہ پوءِ اوھين مون تي ڇو نہ ٿا ايمان آڻيو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

46 اوهان مان ڪير مون تي گناهہ ثابت ٿو ڪري؟ جي آئون سچ ٿو چوان تہ اوهين ڇو نٿا مون تي ايمان آڻيو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

46 اوهان مان ڪو اهڙو آهي جيڪو ثابت ڪري تہ مون ڪو پاپ ڪيو آهي؟ جيڪڏهن آءٌ سچائي ٻڌايان ٿو تہ پوءِ اوهين مون تي ڇو نہ ٿا يقين ڪريو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

46 اوهان مان ڪو اهڙو آهي جيڪو ثابت ڪري تہ مون ڪو گناهہ ڪيو آهي؟ جيڪڏهن آءٌ سچائي ٻڌايان ٿو تہ پوءِ اوهين مون تي ڇو نہ ٿا يقين ڪريو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 8:46
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٻڌايو تہ يحيٰ جي بپتسما ڪنھن جي طرفان ھئي، خدا جي طرفان ھئي يا ماڻھن جي طرفان؟“ تنھن تي اھي پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”جيڪڏھن ’خدا جي طرفان‘ ٿا چئون تہ ھو اسان کي چوندو تہ ’پوءِ اوھان ھن تي ايمان ڇو نہ آندو؟‘


تنھن تي اُھي پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”ڇا چئون؟“ ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن اھي جواب ۾ ”خدا جي طرفان“ چون پيا تہ عيسيٰ چوين ھا ”تہ پوءِ اوھان يحيٰ تي ڇو ڪين ايمان آندو؟“


ھن کان پوءِ آءٌ اوھان سان وڌيڪ نہ ڳالھائيندس، ڇالاءِ⁠جو ھن دنيا جو سردار اچي رھيو آھي. ھن جو مون تي ڪوبہ اختيار نہ آھي.


جيڪڏھن اوھين منھنجي حڪمن تي عمل ڪندا تہ اوھين منھنجي پيار ۾ رھندا، جھڙيءَ طرح مون پنھنجي پيءُ جي حڪمن تي عمل ڪيو آھي ۽ سندس پيار ۾ رھان ٿو.


جڏھن ھو ايندو تڏھن سڄيءَ دنيا کي گناھہ، سچائيءَ ۽ انصاف جي نسبت ڏوھاري ٺھرائيندو:


تنھن تي پلاطس چيس تہ ”پوءِ ڇا تون بادشاھہ آھين؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”اھو تہ اوھين پاڻ ٿا چئو تہ آءٌ بادشاھہ آھيان. آءٌ انھيءَ مقصد لاءِ ڄائس ۽ ھن دنيا ۾ آيس تہ رڳو سچ جي شاھدي ڏيان. جيڪو بہ سچ جي پاسي آھي سو منھنجو آواز ٻڌي ٿو.“


جيڪو خدا وٽان اچي ٿو سو خدا جون ڳالھيون ٻڌي ٿو. اوھين انھيءَ ڪري نہ ٿا ٻڌو ڇالاءِ⁠جو اوھين خدا وٽان نہ آيا آھيو.“


جڏھن ھو کانئس پڇندا رھيا، تڏھن ھن ڪنڌ مٿي ڪري چين تہ ”اوھان مان جنھن ڪڏھن بہ ڪو ⁠گناھہ نہ ڪيو ھجي، سو پھريائين ھن عورت کي پٿر ھڻي.“


مسيح گناھہ کان واقف نہ ھو، پوءِ بہ خدا کيس اسان جي بدلي گناھہ جي قرباني ٺھرايو، تہ جيئن مسيح سان گڏجي ھڪ ھئڻ ڪري اسان مان خدا جي سچائي ظاھر ٿئي.


ڇالاءِ⁠جو اسان جو سردار ڪاھن اھڙو ناھي جو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان جو ھمدرد نہ ٿي سگھي، پر ھو اھڙو آھي جو ھر طرح سان اسان وانگر آزمايو ويو آھي، تڏھن بہ بي⁠گناھہ ثابت ٿيو.


سو اھڙي ئي سردار ڪاھن جي اسان کي گھرج ھئي جيڪو پاڪ، بي⁠ڏوھہ، بي⁠عيب، گنھگارن کان ڌار ۽ آسمانن کان بہ بلند ڪيو ويو ھجي.


جھڙيءَ طرح لکيل آھي تہ ”ھن نڪي ڪو گناھہ ڪيو ۽ نہ ئي سندس وات مان ڪا ٺڳيءَ جي ڳالھہ نڪتي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ