Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 8:42 - Common Language New Testament

42 عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”جيڪڏھن خدا اوھان جو پيءُ ھجي ھا تہ اوھين مون سان پيار ڪريو ھا، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ خدا وٽان آيو آھيان. آءٌ پاڻ ئي ڪين آيو آھيان پر ھن مون کي موڪليو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

42 يسوع چين تہ جي خدا اوهان جو پيءُ هجي ها تہ اوهين هوند مون کي پيار ڪريو ها، ڇالاءِ تہ آئون خدا مان نڪري هت آيو آهيان؛ آئون پاڻهي ڪين آيو آهيان پر هن موڪليو اٿم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

42 يسوع انهن کي چيو تہ ”جيڪڏهن ايشور اوهان جو پتا هجي ها تہ اوهين مون سان پيار ڪريو ها، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ايشور وٽان آيو آهيان. آءٌ پاڻ ئي ڪين آيو آهيان پر هن مون کي موڪليو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

42 عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”جيڪڏهن خدا اوهان جو پيءُ هجي ها تہ اوهين مون سان پيار ڪريو ها، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خدا وٽان آيو آهيان. آءٌ پاڻ ئي ڪين آيو آهيان پر هن مون کي موڪليو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 8:42
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪلام انساني صورت ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رھيو. اسان سندس جلوو ڏٺو، جيڪو ھن کي پيءُ جي ھڪڙي ئي فرزند ھئڻ ڪري مليو ۽ ھو فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور ھو.


ڇالاءِ⁠جو جيڪو ڪلام مون ڪيو آھي سو پنھنجي طرفان نہ ڪيو آھي پر پيءُ، جنھن مون کي موڪليو آھي تنھن مون کي حڪم ڏنو آھي تہ مون کي ڇا چوڻ ۽ ڳالھائڻ گھرجي.


عيسيٰ کي خبر ھئي تہ ’پيءُ مون کي سڀ ڪجھہ ھٿ ۾ ڏنو آھي.‘ کيس اھا بہ خبر ھئي تہ ’آءٌ خدا جي طرفان آيو آھيان ۽ خدا ڏانھن موٽي وڃي رھيو آھيان.‘


ڇا تو کي يقين نہ آھي تہ آءٌ پيءُ ۾ آھيان ۽ پيءُ مون ۾ آھي؟ جيڪي ڳالھيون آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو سي پاڻ ئي ڪين ٿو ٻڌايان، پر پيءُ، جيڪو مون ۾ رھي ٿو سو پنھنجا ڪم پاڻ ڪري ٿو.


ھاڻي اسين ڄاڻون ٿا تہ اوھان کي سڀني ڳالھين جي خبر آھي ۽ ضروري نہ آھي تہ اوھان کان ڪو سوال جواب ڪيو وڃي. انھيءَ سبب جو اسان ايمان آندو آھي تہ اوھين خدا وٽان آيا آھيو.“


اي سچا بابا! دنيا تو کي نہ سڃاتو پر مون تو کي سڃاتو آھي ۽ ھنن کي اھا خبر آھي تہ تو مون کي موڪليو آھي.


ڇالاءِ⁠جو ڪلام، جيڪو تو مون کي ڏنو سو مون انھن کي ڏنو آھي ۽ انھن اھو قبول ڪيو آھي. انھن کي پڪ آھي تہ آءٌ تو وٽان آيو آھيان ۽ ايمان آندو اٿن تہ تو ئي مون کي موڪليو آھي.


خدا پنھنجو فرزند دنيا ۾ انھيءَ لاءِ نہ موڪليو تہ ھو دنيا کي سزا ڏئي، پر انھيءَ لاءِ موڪليائين تہ ھن جي ئي وسيلي دنيا کي ڇوٽڪارو ملي.


تہ جيئن سڀيئي ماڻھو فرزند جي اھڙي نموني عزت ڪن جھڙي نموني پيءُ جي عزت ڪن ٿا. جيڪو بہ فرزند جي عزت نہ ٿو ڪري سو ڄڻ پيءُ جي عزت نہ ٿو ڪري جنھن کيس موڪليو آھي.


آءٌ تہ پنھنجي پيءُ جي اختياريءَ سان آيو آھيان ۽ اوھان مون کي قبول نہ ٿا ڪريو. پر جيڪڏھن ڪو ٻيو پنھنجي پاران آيو تہ اوھين انھيءَ کي قبول ڪندا.


عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”جيتوڻيڪ آءٌ پنھنجي شاھدي پاڻ ٿو ڏيان تہ بہ منھنجي شاھدي سچي آھي، ڇالاءِ⁠جو مون کي خبر آھي تہ آءٌ ڪٿان آيو آھيان ۽ ڪيڏانھن وڃان ٿو. پر اوھان کي خبر ڪانھي تہ آءٌ ڪٿان آيو آھيان ۽ ڪيڏانھن وڃان ٿو.


لعنت آھي ان تي جيڪو خداوند سان پيار نہ ٿو ڪري. اي اسان جا خداوند! اچ.


پر جڏھن وقت پورو ٿيو تہ خدا پنھنجو فرزند موڪليو جيڪو عورت جي پيٽان پيدا ٿيو ۽ شريعت جي ماتحت پيدا ٿيو.


اسان ڏٺو آھي ۽ انھيءَ جي شاھدي ٿا ڏيون تہ پيءُ پنھنجي فرزند کي جھان جو ڇوٽڪاري ڏيندڙ ڪري موڪليو آھي.


اسين اھو بہ ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند آيو آھي. ھن اسان کي سمجھہ بخشي آھي تہ اسين انھيءَ خدا کي سڃاڻون جيڪو حق آھي ۽ اسين انھيءَ حقيقي خدا جا آھيون، تھڙيءَ ئي طرح سندس فرزند عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل پڻ آھيون. اھو ئي حقيقي خدا ۽ دائمي زندگي آھي.


پوءِ انھيءَ ملائڪ مون کي آبِ⁠حيات جو ھڪڙو درياءُ ڏيکاريو، جيڪو بلور وانگر پئي چمڪيو ۽ خدا ۽ گھيٽي جي تخت مان نڪري،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ