Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 8:38 - Common Language New Testament

38 آءٌ اوھان کي اھو ٻڌايان ٿو جيڪي مون پيءُ وٽ ڏٺو آھي، پر اوھين اھي ڪم ڪريو ٿا جيڪي اوھان پنھنجي پيءُ کان ٻڌا آھن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

38 جيڪي مون پنهنجي پيءُ وٽ ڏٺو آهي سو چوان ٿو: ۽ اوهان وري جيڪي پنهنجي پيءُ کان ٻُڌو آهي، سو ٿا ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

38 آءٌ اوهان کي اهو ٻڌايان ٿو جيڪي مون پتا وٽ ڏٺو آهي، پر اوهين اهي ڪم ڪريو ٿا جيڪي اوهان پنهنجي پتا کان ٻڌا آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

38 آءٌ اوهان کي اهو ٻڌايان ٿو جيڪي مون پيءُ وٽ ڏٺو آهي، پر اوهين اهي ڪم ڪريو ٿا جيڪي اوهان پنهنجي پيءُ کان ٻڌا آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 8:38
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يحيٰ جڏھن ڏٺو تہ ڪيئي فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ اچي رھيا آھن، تڏھن انھن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوھان کي ڪنھن ٻڌايو آھي تہ اوھين خدا جي ايندڙ غضب کان بچي سگھندا؟


ڇا تو کي يقين نہ آھي تہ آءٌ پيءُ ۾ آھيان ۽ پيءُ مون ۾ آھي؟ جيڪي ڳالھيون آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو سي پاڻ ئي ڪين ٿو ٻڌايان، پر پيءُ، جيڪو مون ۾ رھي ٿو سو پنھنجا ڪم پاڻ ڪري ٿو.


جيڪو مون سان پيار نہ ٿو ڪري سو منھنجي ڪلام تي عمل نہ ٿو ڪري ۽ ڪلام جيڪو اوھان ٻڌو آھي، سو منھنجو نہ آھي پر اھو پيءُ جو آھي جنھن مون کي موڪليو آھي.


ڇالاءِ⁠جو ڪلام، جيڪو تو مون کي ڏنو سو مون انھن کي ڏنو آھي ۽ انھن اھو قبول ڪيو آھي. انھن کي پڪ آھي تہ آءٌ تو وٽان آيو آھيان ۽ ايمان آندو اٿن تہ تو ئي مون کي موڪليو آھي.


ھو انھيءَ جي شاھدي ڏئي ٿو جيڪو ھن پاڻ ڏٺو ۽ ٻڌو آھي، پر سندس شاھدي ڪوبہ قبول نہ ٿو ڪري.


پوءِ عيسيٰ يھودي اڳواڻن کي وراڻيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ فرزند پاڻ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھي. ھو رڳو اھي ڪم ڪري ٿو جيڪي پنھنجي پيءُ کي ڪندي ٿو ڏسي، ڇالاءِ⁠جو جيڪي پيءُ ڪري ٿو سو ئي فرزند ٿو ڪري.


”آءٌ پنھنجي طرفان ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھان، پر جيئن خدا مون کي ٻڌائي ٿو تيئن ئي انصاف ڪريان ٿو. تنھنڪري منھنجو انصاف صحيح آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ پنھنجي مرضيءَ موجب نہ، پر جنھن مون کي موڪليو آھي تنھن جي مرضي موجب ڪم ڪريان ٿو.


اوھان بابت فيصلي ڪرڻ لاءِ مون وٽ ڪيتريون ئي ڳالھيون آھن. جنھن مون کي موڪليو آھي سو سچو آھي ۽ جيڪي ⁠بہ ڳالھيون مون کانئس ٻڌيون آھن، سي ئي آءٌ دنيا کي ٻڌايان ٿو.“


اوھين اھي ڪم ڪريو ٿا جيڪي اوھان جي پيءُ ڪيا آھن.“ تڏھن انھن وراڻيو تہ ”اسان جو پيءُ تہ رڳو خدا آھي ۽ اسين سندس ئي حقيقي اولاد آھيون.“


اوھين پنھنجي پيءُ يعني شيطان جا فرزند آھيو ۽ پنھنجي پيءُ جون مرضيون پوريون ڪرڻ گھرو ٿا. شروعات کان وٺي ھو خوني ھو ۽ ھن ڪڏھن بہ سچ جو پاسو نہ ورتو آھي، ڇالاءِ⁠جو ھن ۾ سچ نہ آھي. جڏھن ھو ڪوڙ ٿو ڳالھائي تہ پنھنجي طبيعت موجب ٿو ڳالھائي، ڇالاءِ⁠جو ھو ڪوڙو آھي ۽ ڪوڙ جو باني آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ