Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 8:37 - Common Language New Testament

37 مون کي خبر آھي تہ اوھين ابراھيم جو اولاد آھيو، تہ بہ اوھين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين منھنجي ڪلام کي دل ۾ جاءِ نہ ٿا ڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

37 مون کي خبر آهي تہ اوهين ابراهيم جو اولاد آهيو؛ پوءِ بہ منهنجي مارڻ جي ڪوشش ٿا ڪريو، سو انهي لاءِ جو منهنجو ڪلام اوهان ۾ نٿو سمائجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

37 آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين ابرهام جو اولاد آهيو. پوءِ بہ اوهين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجي ڳالهين کي دل ۾ جاءِ نہ ٿا ڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

37 آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين ابراهيم جو اولاد آهيو. پوءِ بہ اوهين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجي ڳالهين کي دل ۾ جاءِ نہ ٿا ڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 8:37
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ⁠جو ھن قوم جي عقل کي تالو لڳايو ويو آھي، اُھي ڪنن کان ٻوڙا ٿي پيا آھن، ۽ انھن پنھنجون اکيون پوري ڇڏيون آھن. انھيءَ لاءِ تہ متان اُھي پنھنجين اکين سان ڏسن، پنھنجن ڪنن سان ٻڌن، ۽ پوءِ پنھنجي دماغ سان سوچي سمجھي توبھہ⁠تائب ٿين، ۽ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.‘


ائين نہ سمجھو تہ اوھين ابراھيم جو اولاد آھيو. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ خدا ھنن پٿرن مان بہ ابراھيم لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو.


تنھن تي يھودين کيس سنگسار ڪرڻ لاءِ وري بہ پٿر کنيا.


انھيءَ ڏينھن کان وٺي يھودي اڳواڻ عيسيٰ کي مارڻ جون سازشون سٽڻ لڳا.


اوھين ھڪٻئي کان ساراھہ ڪرائڻ گھرو ٿا. پر اھا ساراھہ جا اڪيلي خدا کان ٿي ملي تنھن جي ڳولا نہ ٿا ڪريو، تہ پوءِ اوھين ڪيئن ايمان آڻي سگھندا؟


ھن کان پوءِ عيسيٰ گليل ۾ پئي گھميو. ھو يھوديہ ۾ وڃڻ نہ پيو چاھي، ڇالاءِ⁠جو اتي يھودي اڳواڻ کيس مارڻ لاءِ وجھہ ڳولي رھيا ھئا.


ڇا موسيٰ اوھان کي شريعت نہ ڏني ھئي؟ تڏھن بہ اوھان مان ڪو انھيءَ شريعت تي عمل نہ ٿو ڪري. اوھين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟“


انھيءَ مھل يروشلم جا ڪي ماڻھو چوڻ لڳا تہ ”ڇا ھي اھو ماڻھو تہ نہ آھي جنھن کي ھو مارڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن؟


تنھن تي انھن وراڻيو تہ ”اسين ابراھيم جو اولاد آھيون ۽ ڪڏھن بہ ڪنھن جا غلام نہ ٿيا آھيون، تہ پوءِ تنھنجي انھيءَ چوڻ جو مقصد ڇا آھي تہ ’اوھين آزاد ٿيندا‘؟“


اوھين منھنجو ڳالھائڻ ڇو نہ ٿا سمجھو؟ اھو انھيءَ لاءِ تہ اوھين منھنجي ڪلام کي ٻڌي نہ ٿا سگھو.


اوھان جو پيءُ ابراھيم منھنجي انھيءَ ڏينھن جي ڏسڻ جي اميد تي ڏاڍو خوش ھو. ھُن اھو ڏينھن ڏٺو ۽ خوش ٿيو.“


تنھن تي انھن عيسيٰ کي سنگسار ڪرڻ لاءِ پٿر کنيا، پر عيسيٰ پاڻ کي کڻي لڪايو ۽ ھيڪل مان نڪري ھليو ويو.


انھن کيس ڦاسائڻ لاءِ ائين چيو تہ جيئن مٿس تھمت ھڻن. پر عيسيٰ نِوڙي زمين تي پنھنجيءَ آڱر سان لکڻ لڳو.


اي ڀائرؤ! اي ابراھيم جو اولاد ۽ اوھين اي خداپرست غير يھوديو! انھيءَ ڇوٽڪاري جي ڪلام کي اسان ڏانھن ئي موڪليو ويو آھي.


۽ نڪي ابراھيم جي نسل مان ھئڻ ڪري اھي سڀ سندس ٻار ليکيا ويا آھن. پر لکيل آھي تہ ”اسحاق مان ئي تنھنجو نسل سڏيو ويندو.“


پر جنھن ماڻھوءَ کي پاڪ روح مليل نہ آھي، سو خدا جي پاڪ روح کان مليل ڳالھيون قبول نہ ڪندو، ڇالاءِ⁠جو اھي ھن لاءِ بي⁠وقوفي آھن. ھو انھن کي سمجھي نہ سگھندو، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي روحاني طرح پرکيون وينديون آھن.


اي پيارا ٻارؤ! مون اوھان ڏانھن انھيءَ ڪري لکيو آھي، جو اوھان پيءُ کي سڃاتو آھي. اي پوڙھؤ! مون اوھان ڏانھن انھيءَ ڪري لکيو آھي، جو اوھان انھيءَ کي سڃاتو آھي، جيڪو شروعات کان وٺي آھي. اي نوجوانو! مون اوھان ڏانھن انھيءَ ڪري لکيو آھي، جو اوھين مضبوط آھيو ۽ خدا جو ڪلام اوھان ۾ رھي ٿو ۽ اوھين شيطان تي فتحياب ٿيا آھيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ