Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 8:31 - Common Language New Testament

31 پوءِ جن يھودين مٿس ايمان آندو ھو، عيسيٰ تن کي چيو تہ ”جيڪڏھن اوھين منھنجي تعليم تي قائم رھندا تہ اوھين سچ⁠پچ منھنجا شاگرد آھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 تڏهن اهي يهودي جن کيس مڃيو هو، تن کي چوڻ لڳو، تہ جي اوهين منهنجي ڪلام تي قائم رهندا، تہ سچ پچ منهنجا شاگرد آهيو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

31 پوءِ جن يهودين مٿس وشواس آندو هو، يسوع تن کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين منهنجي ڳالهين تي قائم رهندا تہ اوهين سچ پچ منهنجا چيلا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 پوءِ جن يهودين مٿس ايمان آندو هو، عيسيٰ تن کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين منهنجي ڳالهين تي قائم رهندا تہ اوهين سچ پچ منهنجا شاگرد آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 8:31
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اوھان مان جيڪو توڙ تائين نڀائيندو، اھو ئي ڇوٽڪارو حاصل ڪندو.


جڏھن عيسيٰ نٿن⁠ايل کي پاڻ ڏانھن ايندي ڏٺو، تڏھن سندس بابت چيائين تہ ”اِجھو، ھي بني اسرائيل جو سچو ماڻھو اٿوَ، ھن ۾ ڪابہ ڏنگائي ڪانہ آھي.“


عيسيٰ ۽ سندس شاگردن کي بہ انھيءَ شاديءَ جي دعوت مليل ھئي.


ڇالاءِ⁠جو منھنجو گوشت سچ⁠پچ کائڻ جي شيءِ آھي ۽ منھنجو رت سچ⁠پچ پيئڻ جي شيءِ آھي.


تنھنڪري جيڪڏھن فرزند اوھان کي آزاد ڪندو تہ اوھين سچ⁠پچ آزاد ٿيندا.


مجلس پوري ٿيڻ کان پوءِ ڪيترائي يھودي ۽ سندن ديندار نوان مريد پولس ۽ برنباس جي پٺيان ھلڻ لڳا ۽ ھنن ساڻن ڳالھائي انھن کي تاڪيد ڪيو تہ ”خدا جي فضل تي قائم رھندا اچو.“


انھن شاگردن کي ھمتايو ۽ کين نصيحت ڪئي تہ ھو ايمان تي قائم رھن. انھن کين ٻڌايو تہ ”اسان سڀني کي خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترين ئي مصيبتن مان لنگھڻو پوندو.“


پر اڄ تائين خدا جي مدد مون ساڻ آھي، سو آءٌ پنھنجيءَ ڳالھہ تي قائم آھيان ۽ ھر غريب توڙي امير جي اڳيان ھڪ جھڙي شاھدي ٿو ڏيان. آءٌ رڳو اھي ڳالھيون ٿو ٻڌايان، جن بابت موسيٰ ۽ ٻيا نبي چئي ويا آھن تہ اھي ضرور ٿينديون.


ڏسو، خدا ڪيڏو نہ مھربان ۽ سخت آھي. ھو انھن تي سخت آھي جيڪي گمراھہ ٿيا. پر اوھان تي ايستائين مھربان آھي جيستائين اوھين سندس مھربانيءَ تي قائم رھندا. پر جيڪڏھن اوھين قائم نہ رھندا تہ اوھين بہ ڀڳل ٽارين وانگر ٿيندا.


جيڪي نيڪي ڪرڻ ۾ ثابت قدم رھندي جلال، عزت ۽ بقا جا طالب آھن، تن کي خدا دائمي زندگي ڏيندو.


بشرطيڪ اوھين پنھنجي ايمان جي بنياد تي مضبوط ۽ قائم رھو ۽ جيڪا خوشخبري اوھان ٻڌي آھي تنھن جي اميد نہ ڇڏيو. انھيءَ خوشخبريءَ جي منادي آسمان ھيٺان رھندڙ ھر ڪنھن ماڻھوءَ ۾ ڪئي ويئي آھي، جنھن جو آءٌ پولس خادم ٿيو آھيان.


تنھن ھوندي بہ ٻارن ڄڻڻ سان عورت بچي ويندي، بشرطيڪ ھوءَ ايمان، محبت ۽ پاڪيزگيءَ تي پرھيزگاريءَ سان قائم رھي.


پاڻ کي ۽ پنھنجي تعليم کي جاچيندو رھہ. انھن ھدايتن تي ثابت قدم رھہ، ڇالاءِ⁠جو ائين ڪرڻ سان تون پاڻ کي ۽ پنھنجي ٻڌڻ وارن کي بچائڻ جو سبب ٿيندين.


پر تون انھن ڳالھين تي قائم رھہ، جيڪي سکيون اٿيئي ۽ جن جو تو کي پورو يقين آھي، ڇالاءِ⁠جو تون انھن کي ڄاڻين ٿو جن کان تو اھي سکيون آھن.


ڇالاءِ⁠جو اسين مسيح سان شريڪ ٿيا آھيون، بشرطيڪ اسين پنھنجي شروع واري يقين تي پڇاڙيءَ تائين مضبوطيءَ سان قائم رھون.


اھو انھيءَ عھد وانگر نہ ھوندو، جيڪو مون سندن ابن ڏاڏن سان انھيءَ ڏينھن ڪيو، جڏھن کين مصر جي ملڪ مان ڪڍي آڻڻ لاءِ سندن ھٿ جھليو ھوم.‘ خداوند فرمائي ٿو تہ ’اھي منھنجي عھد تي قائم نہ رھيا، انھيءَ ڪري مون بہ انھن ڏانھن ڌيان ڪونہ ڏنو.‘


پر جيڪو ماڻھو آزادي ڏيندڙ ڪامل شريعت کي غور سان ڏسندو ٿو رھي، سو ٻُڌي ڪري وسارڻ وارو ناھي، بلڪ عمل ڪرڻ وارو آھي ۽ اھو ئي پنھنجن ڪمن ۾ برڪت وارو ٿيندو.


مسيح جا اِھي دشمن نڪتا تہ اسان منجھان ئي آھن، پر حقيقت ۾ اھي اسان منجھان نہ ھئا، ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪڏھن ھو اسان منجھان ھجن ھا تہ اسان سان گڏ رھن ھا. ھو اسان کي انھيءَ لاءِ ڇڏي ويا تہ جيئن ظاھر ٿئي تہ انھن مان ڪنھن جو بہ اسان سان ڪو واسطو ڪونہ ھو.


جيڪو ڪجھہ اوھان کي شروع ۾ ٻڌايو ويو آھي، سو اوھان جي دلين ۾ رھڻ گھرجي. جيڪڏھن اھو اوھان کي ياد رھيو تہ اوھين بہ پيءُ ۽ سندس فرزند ٻنھي سان گڏجي ھڪ ٿي ويندا.


جيڪو مسيح جي تعليم کان اڳتي وڌي وڃي ٿو، تنھن وٽ خدا موجود نہ آھي. پر جيڪو مسيح جي تعليم تي قائم رھي ٿو، تنھن وٽ پيءُ ۽ فرزند ٻئي موجود آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ