Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 8:26 - Common Language New Testament

26 اوھان بابت فيصلي ڪرڻ لاءِ مون وٽ ڪيتريون ئي ڳالھيون آھن. جنھن مون کي موڪليو آھي سو سچو آھي ۽ جيڪي ⁠بہ ڳالھيون مون کانئس ٻڌيون آھن، سي ئي آءٌ دنيا کي ٻڌايان ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 مون کي اوهان جي بابت گهڻو ڪي چوڻو آهي، ۽ فيصلو ڪرڻو آهي: پر جنهن مون کي موڪليو آهي سو سچو آهي، ۽ جيڪي کانئس ٻُڌو اٿم، سو ئي جهان کي ٻُڌايان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

26 مون وٽ اوهان بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن، جن مان اوهين ڏوهاري ثابت ٿيندا. پر آءٌ رڳو اهي ئي ڳالهيون سنسار کي ٻڌايان ٿو، جيڪي مون انهيءَ کان ٻڌيون آهن جنهن مون کي موڪليو آهي ۽ اهو سچو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 مون وٽ اوهان بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن، جن مان اوهين ڏوهاري ثابت ٿيندا. پر آءٌ رڳو اهي ئي ڳالهيون دنيا کي ٻڌايان ٿو، جيڪي مون انهيءَ کان ٻڌيون آهن جنهن مون کي موڪليو آهي ۽ اهو سچو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 8:26
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھن کان پوءِ آءٌ اوھان کي نوڪر نہ سڏيندس، ڇاڪاڻ⁠تہ نوڪر کي خبر نہ ھوندي آھي تہ سندس مالڪ ڇا ڪري رھيو آھي. پر مون اوھان کي دوست ڪري سڏيو آھي، ڇالاءِ⁠جو جيڪي ڳالھيون مون پنھنجي پيءُ کان ٻڌيون آھن سي سڀ اوھان کي ٻڌايون اٿم.


مون کي اڃا اوھان سان گھڻيون ئي ڳالھيون ڪرڻيون آھن، پر ھاڻي اوھين سھي ڪين سگھندا.


ڇالاءِ⁠جو ڪلام، جيڪو تو مون کي ڏنو سو مون انھن کي ڏنو آھي ۽ انھن اھو قبول ڪيو آھي. انھن کي پڪ آھي تہ آءٌ تو وٽان آيو آھيان ۽ ايمان آندو اٿن تہ تو ئي مون کي موڪليو آھي.


عيسيٰ وراڻيس تہ ”مون دنيا سان ھميشہ کليو کلايو ڳالھايو آھي. مون عبادت⁠خانن ۽ ھيڪل ۾ تعليم ڏني آھي، جتي سڀ يھودي اچي گڏ ٿيندا آھن. مون ڪابہ ڳالھہ ڳجھي نہ چئي آھي،


آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي اسين ڄاڻون ٿا، سو ڳالھايون ٿا ۽ جيڪي اسان ڏٺو آھي، تنھن جي شاھدي ڏيون ٿا. پر اوھان مان ڪوبہ اھڙو نہ آھي جيڪو اسان جي شاھدي قبول ڪري.


عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪا تعليم آءٌ ڏيئي رھيو آھيان، سا منھنجي نہ آھي پر اھا خدا جي طرفان ملي آھي، جنھن مون کي موڪليو آھي.


پوءِ عيسيٰ ھيڪل ۾ تعليم ڏيندي وڏي واڪي چيو تہ ”اوھين مون کي سڃاڻو ٿا ۽ اھا بہ خبر اٿوَ تہ آءٌ ڪٿان آيو آھيان. آءٌ پنھنجي مرضيءَ سان نہ آيو آھيان، بلڪ انھيءَ وٽان موڪليو ويو آھيان جيڪو سچو آھي پر اوھين کيس نہ ٿا سڃاڻو.


تنھن تي انھن پڇيس تہ ”تون ڪير آھين؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ اھو ئي آھيان، جيئن شروعات کان وٺي اوھان کي ٻڌائيندو آيو آھيان.


انھن اھو نہ سمجھيو تہ ھو ساڻن پيءُ بابت ڳالھائي رھيو آھي.


پر اوھين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا، جنھن اوھان کي سچ ٻڌايو آھي. مون اھو ئي ٻڌايو آھي جيڪو مون خدا کان ٻڌو آھي. ابراھيم تہ اھڙو ڪم ڪونہ ڪيو ھو.


پر قسم آھي خدا جي سچائيءَ جو تہ جيڪي ڪجھہ اسين اوھان کي چئون ٿا، ان ۾ ”ھائو“ ۽ ”نہ“ ٻہ معنائون ڪين آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ