Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 8:14 - Common Language New Testament

14 عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”جيتوڻيڪ آءٌ پنھنجي شاھدي پاڻ ٿو ڏيان تہ بہ منھنجي شاھدي سچي آھي، ڇالاءِ⁠جو مون کي خبر آھي تہ آءٌ ڪٿان آيو آھيان ۽ ڪيڏانھن وڃان ٿو. پر اوھان کي خبر ڪانھي تہ آءٌ ڪٿان آيو آھيان ۽ ڪيڏانھن وڃان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 يسوع جواب ڏيئي چين تہ جيتوڻيڪ آئون پاڻ پنهنجي شاهدي ٿو ڀريان، تہ بہ منهنجي شاهدي سچي آهي؛ ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ آئون ڪٿان آيو آهيان، ۽ ڪيڏانهن ٿو وڃان؛ پر اوهان کي خبر ڪانهي تہ آئون ڪٿان آيو آهيان، يا ڪيڏانهن ٿو وڃان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 يسوع کين وراڻيو تہ ”جيتوڻيڪ آءٌ پنهنجي شاهدي پاڻ ٿو ڏيان، تہ بہ منهنجي شاهدي سچي آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ آءٌ ڪٿان آيو آهيان ۽ ڪيڏانهن وڃان ٿو. پر اوهين اها ڳالهہ نہ ٿا ڄاڻو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”جيتوڻيڪ آءٌ پنهنجي شاهدي پاڻ ٿو ڏيان، تہ بہ منهنجي شاهدي سچي آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ آءٌ ڪٿان آيو آهيان ۽ ڪيڏانهن وڃان ٿو. پر اوهين اها ڳالهہ نہ ٿا ڄاڻو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 8:14
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيتري قدر منھنجو واسطو آھي تہ پيءُ مون کي چونڊيو آھي ۽ ھن دنيا ۾ موڪليو آھي. پوءِ اوھين ڪيئن چئو ٿا تہ مون ڪفر بڪيو آھي جو مون چيو تہ ’آءٌ خدا جو فرزند آھيان؟‘


عيسيٰ کي خبر ھئي تہ ’پيءُ مون کي سڀ ڪجھہ ھٿ ۾ ڏنو آھي.‘ کيس اھا بہ خبر ھئي تہ ’آءٌ خدا جي طرفان آيو آھيان ۽ خدا ڏانھن موٽي وڃي رھيو آھيان.‘


ڇا تو کي يقين نہ آھي تہ آءٌ پيءُ ۾ آھيان ۽ پيءُ مون ۾ آھي؟ جيڪي ڳالھيون آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو سي پاڻ ئي ڪين ٿو ٻڌايان، پر پيءُ، جيڪو مون ۾ رھي ٿو سو پنھنجا ڪم پاڻ ڪري ٿو.


آءٌ پيءُ وٽان نڪري دنيا ۾ آيس ۽ ھاڻي دنيا کي ڇڏي پيءُ ڏانھن موٽي وڃان ٿو.“


ڇالاءِ⁠جو ڪلام، جيڪو تو مون کي ڏنو سو مون انھن کي ڏنو آھي ۽ انھن اھو قبول ڪيو آھي. انھن کي پڪ آھي تہ آءٌ تو وٽان آيو آھيان ۽ ايمان آندو اٿن تہ تو ئي مون کي موڪليو آھي.


تنھن تي پلاطس چيس تہ ”پوءِ ڇا تون بادشاھہ آھين؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”اھو تہ اوھين پاڻ ٿا چئو تہ آءٌ بادشاھہ آھيان. آءٌ انھيءَ مقصد لاءِ ڄائس ۽ ھن دنيا ۾ آيس تہ رڳو سچ جي شاھدي ڏيان. جيڪو بہ سچ جي پاسي آھي سو منھنجو آواز ٻڌي ٿو.“


جيڪڏھن آءٌ پاڻ پنھنجي شاھدي ڏيان تہ منھنجي شاھدي قابل قبول نہ ٿيندي.


عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”جيڪڏھن خدا اوھان جو پيءُ ھجي ھا تہ اوھين مون سان پيار ڪريو ھا، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ خدا وٽان آيو آھيان. آءٌ پاڻ ئي ڪين آيو آھيان پر ھن مون کي موڪليو آھي.


خداوند عيسيٰ جو خدا ۽ پيءُ، جنھن جي ھميشہ تائين واکاڻ ھجي، سو ڄاڻي ٿو تہ آءٌ ڪوڙ نہ ٿو ڳالھايان.


آءٌ بي⁠وقوف تہ برابر ٿيو آھيان، پر انھيءَ لاءِ اوھان ئي مون کي مجبور ڪيو آھي. ڇالاءِ⁠جو اوھان کي منھنجي تعريف ڪرڻ گھربي ھئي. جيتوڻيڪ آءٌ ڪي ڪين آھيان، تڏھن بہ اوھان جي تمام وڏن رسولن کان ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ گھٽ نہ آھيان.


اوھين اڃا تائين شايد ائين سمجھندا ھوندا تہ اسين اوھان جي اڳيان پنھنجو بچاءُ ڪري رھيا آھيون. پر اسين خدا کي حاضرناظر ڄاڻي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي ڪري ڳالھايون ٿا. اي عزيزو! ھي سڀ ڪجھہ اوھان جي سڌاري لاءِ آھي.


۽ عيسيٰ مسيح وٽان بہ آھن جيڪو سچو شاھد، جيڪي مئلن مان جيئرا ٿيا تن ۾ پھريتو ۽ دنيا جي بادشاھن تي حڪم ھلائيندڙ آھي. ھو اسان کي پيار ٿو ڪري ۽ ھن پنھنجو رت وھائي اسان کي گناھن کان ڇوٽڪارو ڏنو آھي.


”لوديڪيا واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ جيڪو امين، وفادار ۽ سچو شاھد آھي ۽ جنھن جي وسيلي خدا سڀ ڪجھہ بڻايو، سو ھيئن ٿو چوي تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ