Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 7:7 - Common Language New Testament

7 دنيا اوھان کان نفرت ڪري نہ ٿي سگھي پر اھا مون کان نفرت ڪري ٿي، ڇالاءِ⁠جو آءٌ کيس ٻڌائيندو رھيو آھيان تہ سندس ڪم بڇڙا آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ٿيڻي نہ آهي جو دنيا اوهان سان نفرت ڪري، پر مون سان نفرت ڪري ٿي، ڇاڪاڻ تہ آئون هن بابت شاهدي ٿو ڏيان تہ سندس ڪم بڇڙا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 سنسار اوهان کان نفرت ڪري نہ ٿو سگھي پر اهو مون کان نفرت ڪري ٿو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ هن کي ٻڌائيندو رهيو آهيان تہ هن جا ڪم بڇڙا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 دنيا اوهان کان نفرت ڪري نہ ٿي سگھي پر اها مون کان نفرت ڪري ٿي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ هن کي ٻڌائيندو رهيو آهيان تہ هن جا ڪم بڇڙا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 7:7
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مصيبت آھي توھان لاءِ، جڏھن سڀ ماڻھو توھان کي ساراھين ٿا، ڇالاءِ⁠جو انھن جا ابا ڏاڏا بہ نبي سڏائيندڙن سان ائين ئي ڪندا ھئا.“


مون انھن کي تنھنجو ڪلام ڏنو آھي پر دنيا انھن کان نفرت ڪري ٿي، ڇالاءِ⁠جو اھي دنيا جا نہ آھن جيئن آءٌ دنيا جو نہ آھيان.


سزا جو سبب ھي آھي تہ روشني تہ دنيا ۾ اچي چڪي آھي پر ماڻھن اونداھيءَ کي روشنيءَ کان وڌيڪ پسند ڪيو، ڇالاءِ⁠جو سندن ڪم بڇڙا ھئا.


انساني نيت خدا جو دشمن بڻائي ٿي، ڇالاءِ⁠جو اھا نيت نہ شريعت جي تابع آھي ۽ نڪي تابع ٿي سگھي ٿي.


تڏھن ھاڻي سچ چوڻ ڪري آءٌ اوھان جو دشمن ٿي پيو آھيان ڇا؟


اي بي⁠وفا انسانو! ڇا اوھين نہ ٿا ڄاڻو تہ دنيا جي دوستي خدا سان دشمني آھي؟ تنھنڪري جيڪو ماڻھو دنيا جو دوست ٿيڻ ٿو گھري، سو پاڻ کي خدا جو دشمن ٿو بڻائي.


ھو دنيا جا آھن، تنھنڪري ھو دنيا جون ڳالھيون ڪن ٿا ۽ دنيا انھن جي ٻڌي ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ