Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 7:6 - Common Language New Testament

6 تنھن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”منھنجو وقت اڃا ڪونہ آيو آھي، پر اوھان جو وقت تہ سدائين آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 تڏهن يسوع چين، تہ منهنجو وقت اڃا ڪونہ آيو آهي، پر اوهان جو وقت تہ ٻارهوئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 تنهن تي يسوع کين چيو تہ ”منهنجو وقت اڃا ڪونہ آيو آهي، پر اوهان جو وقت تہ سدائين آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 تنهن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”منهنجو وقت اڃا ڪونہ آيو آهي، پر اوهان جو وقت تہ سدائين آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 7:6
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ ھنن کي چيو تہ ”شھر ۾ فلاڻي ماڻھوءَ وٽ وڃو ۽ منھنجي لاءِ کيس ٻڌايو تہ ’استاد چوي ٿو تہ سندس وقت اچي ويجھو ٿيو آھي. ھو پنھنجن شاگردن سميت عيد فصح اوھان جي گھر ۾ ملھائيندو.‘“


ھاڻ جڏھن تہ عيسيٰ کي اھا خبر ھئي تہ ’منھنجي اھا گھڙي اچي ويئي آھي جو آءٌ ھيءَ دنيا ڇڏي پيءُ ڏانھن وڃان،‘ تنھن ھوندي بہ جيڪي ھن دنيا ۾ پنھنجا ھيس تن کي آخري گھڙيءَ تائين پيار ڪندو آيو. عيد فصح کان ھڪ ڏينھن اڳ ۾


انھن ڳالھين ڪرڻ کانپوءِ عيسيٰ آسمان ڏانھن نھاري چيو تہ ”اي بابا! اھا گھڙي آئي آھي. ھاڻي تون پنھنجي فرزند جو جلوو ظاھر ڪر تہ فرزند تنھنجو جلوو ظاھر ڪري.


تنھن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”اما! تون مون کي ڇو ٿي چوين، منھنجي گھڙي اڃا ڪانہ آئي آھي.“


تنھن تي انھن کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪنھن بہ مٿس ھٿ نہ کنيو، ڇالاءِ⁠جو ھن جو وقت اڃا ڪونہ آيو ھو.


اوھين ڀلي عيد تي وڃو. آءٌ ھن عيد تي نہ ٿو وڃان، ڇاڪاڻ⁠تہ منھنجو وقت اڃا ڪونہ آيو آھي.“


عيسيٰ اھي ڳالھيون ان وقت چيون جنھن وقت ھو ھيڪل جي خزاني واري ڪمري ۾ تعليم ڏيئي رھيو ھو ۽ کيس ڪنھن بہ نہ پڪڙيو، ڇاڪاڻ⁠تہ اڃا سندس وقت نہ آيو ھو.


عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”وقت ۽ ڏينھن منھنجي پيءُ پنھنجي اختياريءَ سان مقرر ڪري ڇڏيا آھن، تن کي ڄاڻڻ اوھان جو ڪم ناھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ