Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 7:37 - Common Language New Testament

37 عيد جو آخري ڏينھن، جيڪو خاص ڏينھن آھي، انھيءَ ڏينھن تي عيسيٰ اٿي بيٺو ۽ وڏي آواز سان چيائين تہ ”جيڪو بہ اڃايل آھي، سو ڀلي مون وٽ اچي پيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

37 تڏهن عيد جي پوئين ڏينهن، جو خاص ڏينهن هو، يسوع بيهي وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ جيڪڏهن ڪو اُڃايل هجي تہ اُهو مون وٽ اچي پيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

37 پوءِ تنبن واري تهوار جو انتم ڏينهن، جيڪو خاص ڏينهن آهي، تنهن ڏينهن تي يسوع اُٿي بيٺو ۽ وڏي آواز سان چيائين تہ ”جيڪو بہ اڃايل آهي، سو ڀلي مون وٽ اچي پيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

37 پوءِ تنبن واري عيد جو آخري ڏينهن، جيڪو خاص ڏينهن آهي، تنهن ڏينهن تي عيسيٰ اُٿي بيٺو ۽ وڏي آواز سان چيائين تہ ”جيڪو بہ اڃايل آهي، سو ڀلي مون وٽ اچي پيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 7:37
50 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوھين سڀ جيڪي ڳرا بار کڻي ٿڪجي پيا آھيو سي مون وٽ اچو، آءٌ اوھان کي آرام ڏيندس.


يحيٰ اھو ئي ھو جنھن لاءِ يسعياہ نبي چيو ھو تہ ”رڻ⁠پٽ ۾ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ ’خداوند لاءِ رستو تيار ڪريو، ھن لاءِ واٽون سڌيون ڪريو.‘“


سڀاڳا آھن اھي جيڪي سچائيءَ جا بکايل ۽ اڃايل آھن، ڇالاءِ⁠جو خدا انھن کي چڱيءَ طرح ڍءُ ڪرائيندو.


تنھن تي يحيٰ يسعياہ نبيءَ جا ھي لفظ ورجايا تہ ”آءٌ اھو آواز آھيان، جو رڻ⁠پٽ ۾ پڪاري ٿو تہ ’خداوند جي لاءِ واٽ سڌي ڪريو.‘“


عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”رستو، سچ ۽ زندگي آءٌ آھيان. منھنجي وسيلي کان سواءِ ڪوبہ پيءُ تائين پھچي نہ ٿو سگھي.


عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏھن تو کي خدا جي بخشش جي خبر ھجي ھا ۽ ڄاڻين ھا تہ تو کان پاڻي گھرڻ وارو ڪير آھي، تہ تون جيڪر ھن کان گھرين ھا ۽ ھو تو کي زندگيءَ جو پاڻي ڏئي ھا.“


عورت چيو تہ ”سائين! اوھان وٽ تہ ڪو ڏول ڪونھي ۽ کوھہ بہ اونھو آھي. پوءِ اوھين زندگيءَ جو پاڻي ڪٿان آڻيندا؟


پر جيڪو پاڻي آءٌ ڏيندس سو جيڪڏھن ڪو پيئندو تہ ان کي وري اڃ نہ لڳندي. جيڪو پاڻي آءٌ کيس ڏيندس سو ان ۾ ھڪ چشمو ٿي پوندو، جنھن مان زندگيءَ جو پاڻي نڪرندو جو کيس دائمي زندگي ڏيندو.“


تڏھن بہ اوھين مون وٽ نہ ٿا اچو تہ دائمي زندگي مليوَ.


عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”زندگيءَ جي ماني آءٌ آھيان. جيڪو مون وٽ اچي ٿو تنھن کي وري ڪڏھن بہ بک نہ لڳندي ۽ جيڪو مون تي ايمان آڻي ٿو، تنھن کي ڪڏھن بہ اڃ نہ لڳندي.


جيڪي پيءُ مون کي ڏيندو سي سڀ مون وٽ ايندا ۽ جيڪو بہ مون وٽ ايندو تنھن کي آءٌ ڪڏھن بہ نہ موٽائيندس.


ڇالاءِ⁠جو منھنجو گوشت سچ⁠پچ کائڻ جي شيءِ آھي ۽ منھنجو رت سچ⁠پچ پيئڻ جي شيءِ آھي.


پوءِ عيسيٰ ھيڪل ۾ تعليم ڏيندي وڏي واڪي چيو تہ ”اوھين مون کي سڃاڻو ٿا ۽ اھا بہ خبر اٿوَ تہ آءٌ ڪٿان آيو آھيان. آءٌ پنھنجي مرضيءَ سان نہ آيو آھيان، بلڪ انھيءَ وٽان موڪليو ويو آھيان جيڪو سچو آھي پر اوھين کيس نہ ٿا سڃاڻو.


اوھين خداوند جي پيالي ۽ ڀوتن جي پيالي ٻنھي مان پي نہ ٿا سگھو ۽ اوھين خداوند جي دسترخوان ۽ ڀوتن جي دسترخوان ٻنھي تي شريڪ ٿي نہ ٿا سگھو.


اھڙيءَ طرح ھن کائڻ کان پوءِ پيالو بہ ورتو ۽ چيائين تہ ”ھيءُ پيالو اھو نئون عھد آھي جيڪو منھنجي رت جي وسيلي ڪيو ويو آھي. جڏھن بہ اھو پيئو تہ منھنجي يادگيريءَ لاءِ ائين ڪندا رھجو.“


جھڙيءَ طرح اسان سڀني کي ھڪڙي ئي پاڪ روح جي وسيلي ھڪڙي ئي بدن ۾ بپتسما ملي آھي، توڙي جو ڪي يھودي، ڪي غير يھودي، ڪي غلام تہ ڪي آزاد ھئا، پر اسان سڀني کي ھڪڙو ئي پاڪ روح اندر ۾ ڏنو ويو.


مئي پي الوٽ نہ ٿيو، ڇوجو انھيءَ سان بڇڙائي پيدا ٿي ٿئي. پر اٽلندو پاڪ روح سان ڀرپور ٿيندا وڃو.


ھن مون کي چيو تہ ”اھي ڳالھيون پوريون ٿي چڪيون آھن. آءٌ اول ۽ آخر، ازلي ۽ ابدي آھيان. جيڪو اڃايل آھي تنھن کي آبِ⁠حيات جي چشمي مان مفت پياريندس.


پوءِ انھيءَ ملائڪ مون کي آبِ⁠حيات جو ھڪڙو درياءُ ڏيکاريو، جيڪو بلور وانگر پئي چمڪيو ۽ خدا ۽ گھيٽي جي تخت مان نڪري،


پاڪ روح ۽ ڪنوار ٻئي چون ٿا تہ ”اچ“ ۽ ھر ٻڌڻ وارو بہ ڀلي چوي تہ ”اچ.“ جيڪو اڃايل آھي سو ڀلي اچي ۽ جنھن جي مرضي ھجي سو آبِ⁠حيات مفت پيئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ