Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 7:30 - Common Language New Testament

30 تنھن تي انھن کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪنھن بہ مٿس ھٿ نہ کنيو، ڇالاءِ⁠جو ھن جو وقت اڃا ڪونہ آيو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 تنهن تي هو کيس جهلڻ جي ڪوشش ۾ هئا، پر ڪنهن بہ هٿ نہ لاتس، ڇالاءِ جو اڃا سندس گهڙي ڪانہ آئي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

30 تنهن تي ڪن ماڻهن کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪوبہ کيس پڪڙي نہ سگھيو، ڇاڪاڻ تہ هن جو وقت اڃا ڪونہ آيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 تنهن تي ڪن ماڻهن کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪوبہ کيس پڪڙي نہ سگھيو، ڇاڪاڻ تہ هن جو وقت اڃا ڪونہ آيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 7:30
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

فريسي ھليا ويا ۽ پاڻ ۾ سازشون سٽڻ لڳا تہ ڪيئن عيسيٰ کي ختم ڪجي.


تنھنڪري انھن ڪوشش ڪئي تہ ھن کي گرفتار ڪرائين. پر کين ماڻھن جو ڊپ پئي ٿيو، ڇالاءِ⁠جو انھن عيسيٰ کي نبي پئي سمجھيو.


سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن جڏھن اھو ٻڌو تڏھن ھو موقعي جي تاڙ ۾ رھڻ لڳا تہ ڪنھن بہ طرح عيسيٰ کي ماري ڇڏين. اھي عيسيٰ کان ڊڄن بہ پيا ڇاڪاڻ⁠تہ سڄي خلق ھن جي تعليم تي حيران ھئي.


شريعت جي عالمن ۽ سردار ڪاھنن انھيءَ وقت ڪوشش پئي ڪئي تہ عيسيٰ کي پڪڙايون، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن ڄاتو پئي تہ ”ھن اھو مثال اسان تي آندو آھي.“ پر ھو ماڻھن کان ڊنا ٿي.


آءٌ اوھان سان روزانو ھيڪل ۾ گڏ ھوندو ھوس، پر اوھان اتي تہ مون تي ھٿ بہ نہ کنيو. پر ھاڻي اوھان جو وقت آھي ڇوتہ ھي اونداھيءَ جو راڄ آھي.“


تنھن تي يھودين کيس سنگسار ڪرڻ لاءِ وري بہ پٿر کنيا.


تنھن تي انھن وري بہ عيسيٰ کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھو سندن ھٿن مان نڪري ويو.


سردار ڪاھنن ۽ فريسين ھي حڪم ڏيئي ڇڏيو تہ ”جيڪڏھن ڪنھن کي خبر ھجي تہ عيسيٰ ڪٿي آھي تہ اھو ضرور ٻڌائي تہ جيئن کيس پڪڙيو وڃي.“


ڇا موسيٰ اوھان کي شريعت نہ ڏني ھئي؟ تڏھن بہ اوھان مان ڪو انھيءَ شريعت تي عمل نہ ٿو ڪري. اوھين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟“


فريسين ٻڌو تہ ماڻھو عيسيٰ بابت ھنن ڳالھين جي سس⁠پس ڪري رھيا آھن، تنھنڪري انھن ۽ سردار ڪاھنن ڪي پھريدار موڪليا تہ جيئن ھو کيس پڪڙين.


تنھن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”منھنجو وقت اڃا ڪونہ آيو آھي، پر اوھان جو وقت تہ سدائين آھي.


اوھين ڀلي عيد تي وڃو. آءٌ ھن عيد تي نہ ٿو وڃان، ڇاڪاڻ⁠تہ منھنجو وقت اڃا ڪونہ آيو آھي.“


عيسيٰ اھي ڳالھيون ان وقت چيون جنھن وقت ھو ھيڪل جي خزاني واري ڪمري ۾ تعليم ڏيئي رھيو ھو ۽ کيس ڪنھن بہ نہ پڪڙيو، ڇاڪاڻ⁠تہ اڃا سندس وقت نہ آيو ھو.


مون کي خبر آھي تہ اوھين ابراھيم جو اولاد آھيو، تہ بہ اوھين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين منھنجي ڪلام کي دل ۾ جاءِ نہ ٿا ڏيو.


تنھن تي انھن عيسيٰ کي سنگسار ڪرڻ لاءِ پٿر کنيا، پر عيسيٰ پاڻ کي کڻي لڪايو ۽ ھيڪل مان نڪري ھليو ويو.


جيستائين ڏينھن آھي تيستائين اسان کي انھيءَ جا ڪم ڪرڻ گھرجن جنھن مون کي موڪليو آھي. رات ايندي تہ پوءِ ڪوبہ ماڻھو ڪم ڪري نہ سگھندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ