Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 7:15 - Common Language New Testament

15 تنھن تي يھودي اڳواڻ ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چيائون تہ ”ھن ماڻھوءَ وٽ ايترو علم ڪٿان آيو، ڇالاءِ⁠جو ھو ڪڏھن بہ پڙھيو نہ آھي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 تنهن تي يهودي عجب ۾ پئي چوڻ لڳا تہ هن کي بنا پڙهڻ ڳڙهڻ جي علم ڪيئن آيو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 تنهن تي يهودي اڳواڻ ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چيائون تہ ”هن ماڻهوءَ تہ ڪڏهن سکيا ئي نہ ورتي آهي، پوءِ وٽس ايڏي ڄاڻ ڪٿان آئي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 تنهن تي يهودي اڳواڻ ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چيائون تہ ”هن ماڻهوءَ تہ ڪڏهن تعليم ئي نہ ورتي آهي، پوءِ وٽس ايڏي ڄاڻ ڪٿان آئي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 7:15
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ موٽي پنھنجي شھر ناصرت ۾ آيو، جتي سندن عبادت⁠خاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو. جن بہ ھن کي ٻڌو تن عجب ۾ پئجي پڇيو تہ ”ھن ايڏي سياڻپ ۽ معجزن ڪرڻ جي اھڙي طاقت ڪٿان حاصل ڪئي آھي؟


جڏھن انھن ھي ٻڌو تہ عجب ۾ پئجي ويا ۽ ھن کي ڇڏي اتان ھليا ويا.


جڏھن ماڻھن ھي ٻڌو تہ اھي ھن جي تعليم تي عجب ۾ پئجي ويا.


جن بہ ھن کي ٻڌو ٿي، سي سڀيئي ھن جي عقل ۽ حاضرجوابيءَ تي عجب پيا کائين.


سڀيئي سندس نيڪي ڪرڻ لڳا ۽ عجب کائين پيا تہ ھن جي واتان ڪھڙا نہ مھر ڀريا لفظ نڪتا پئي ۽ چوڻ لڳا تہ ”ڇا ھي يوسف جو پٽ نہ آھي؟“


يحيٰ جي شاھدي ھن طرح آھي تہ جڏھن يروشلم جي يھودي اڳواڻن يحيٰ ڏانھن ڪاھن ۽ لاوي موڪليا، جن اچي کانئس پڇيو تہ ”تون ڪير آھين؟“


جڏھن تہ يھودي اڳواڻ کيس عيد تي ڳولڻ لڳا ۽ پڇيائون پئي تہ ”عيسيٰ ڪٿي آھي؟“


پر ھن بابت ڪوبہ کليو کلايو نہ پيو ڳالھائي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو يھودي اڳواڻن کان ڊڄن پيا.


پھريدارن جواب ڏنو تہ ”ڪنھن بہ انسان اھڙيءَ طرح ڪڏھن ڪونہ ڳالھايو آھي.“


جيئن ئي پولس ھن نموني پنھنجو بچاءُ ڪري رھيو ھو تہ فيستس وڏي واڪي چيس تہ ”پولس تون ديوانو ٿي پيو آھين. تنھنجي گھڻي علم تو کي چريو ڪري ڇڏيو آھي.“


اھي پطرس ۽ يوحنا تي عجب کائڻ لڳا تہ ھي رواجي ماڻھو ٿوري تعليم ھوندي بہ ڪيترا نہ دلير آھن! پر پوءِ ڄاتائون تہ ھو عيسيٰ جا ساٿي آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ