Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 7:13 - Common Language New Testament

13 پر ھن بابت ڪوبہ کليو کلايو نہ پيو ڳالھائي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو يھودي اڳواڻن کان ڊڄن پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 تنهن هوندي بہ يهودين جي ڊپ کان ڪنهن بہ هن بابت کُلي کُلائي ڳالهہ نٿي ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 پر هن بابت ڪوبہ کُليو کُلايو نہ پيو ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ هو يهودي اڳواڻن کان ڊڄن پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 پر هن بابت ڪوبہ کُليو کُلايو نہ پيو ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ هو يهودي اڳواڻن کان ڊڄن پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 7:13
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن کان پوءِ ارمٿيا وارو يوسف، جيڪو يھودي اڳواڻن جي ڊپ ڪري ڳجھيءَ طرح عيسيٰ جو شاگرد ھو، سو پلاطس وٽ آيو ۽ کيس عرض ڪيائين تہ ”مون کي عيسيٰ جو لاش کڻي وڃڻ جي موڪل ڏيو.“ پلاطس کيس موڪل ڏني. پوءِ ھو اتي آيو ۽ لاش کڻي ھليو ويو.


انھيءَ ساڳئي آچر جي ڏينھن شام جو جڏھن شاگرد يھودي اڳواڻن جي ڊپ کان در دروازا بند ڪيو ويٺا ھئا تہ عيسيٰ اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”سلام.“


ھڪ رات ھو عيسيٰ وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”سائين! اسان کي خبر آھي تہ اوھين خدا جي طرفان استاد ٿي آيا آھيو، ڇالاءِ⁠جو جيڪي معجزا اوھين ڪريو ٿا سي جيڪر ڪوبہ نہ ڪري سگھي، جيستائين خدا ساڻس نہ ھجي.“


ھن کان پوءِ عيسيٰ گليل ۾ پئي گھميو. ھو يھوديہ ۾ وڃڻ نہ پيو چاھي، ڇالاءِ⁠جو اتي يھودي اڳواڻ کيس مارڻ لاءِ وجھہ ڳولي رھيا ھئا.


جڏھن تہ يھودي اڳواڻ کيس عيد تي ڳولڻ لڳا ۽ پڇيائون پئي تہ ”عيسيٰ ڪٿي آھي؟“


تنھن تي يھودي اڳواڻ ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چيائون تہ ”ھن ماڻھوءَ وٽ ايترو علم ڪٿان آيو، ڇالاءِ⁠جو ھو ڪڏھن بہ پڙھيو نہ آھي؟“


سندس ماءُ⁠پيءُ ائين انھيءَ ڪري چيو، ڇالاءِ⁠جو ھو يھودي اڳواڻن کان ڊنا ٿي، جن اڳي ئي ٺھراءُ ڪري ڇڏيو ھو تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو عيسيٰ کي مسيح ڪري مڃيندو تہ ھو انھيءَ کي پنھنجي عبادت⁠گاھہ مان ڪڍي ڇڏيندا.


تنھن تي انھن چيس تہ ”تون اصل ڄائو ئي گناھن ۾ آھين ۽ ھاڻي تون ٿو اسان کي سيکارين؟“ پوءِ تہ انھن کيس عبادت⁠خاني مان ڪڍي ڇڏيو.


مون کي خبر آھي تہ اوھين ڪٿي ٿا رھو، يعني اتي جتي شيطان جو تخت آھي. اوھين منھنجي نالي تي قائم آھيو ۽ اوھان انھن ڏينھن ۾ بہ مون تي ايمان آڻڻ نہ ڇڏيو، جڏھن اوھان منجھان منھنجو وفادار شاھد انتيپاس ان جاءِ تي ماريو ويو جتي شيطان رھي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ