Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 7:12 - Common Language New Testament

12 ماڻھن ۾ ھن بابت ڏاڍي سس⁠پس پئي ٿي. ڪن پئي چيو تہ ”ھو نيڪ ماڻھو آھي.“ پر ٻين پئي چيو تہ ”نہ، ھو ماڻھن کي گمراھہ ڪري رھيو آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ هن بابت ماڻهن ۾ ڏاڍي سُر پُر هلي: ڪن پئي چيو تہ هو نيڪ ماڻهو آهي: ۽ ٻين پئي چيو تہ نہ، هو ماڻهن کي گمراهہ ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 ماڻهن ۾ يسوع بابت ڏاڍي سُس پُس پئي ٿي. ڪن پئي چيو تہ ”هو نيڪ ماڻهو آهي.“ پر ٻين پئي چيو تہ ”نہ، هو ماڻهن کي ڀَٽڪائي رهيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 ماڻهن ۾ عيسيٰ بابت ڏاڍي سُس پُس پئي ٿي. ڪن پئي چيو تہ ”هو نيڪ ماڻهو آهي.“ پر ٻين پئي چيو تہ ”نہ، هو ماڻهن کي گمراهہ ڪري رهيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 7:12
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شاگرد لاءِ اھو سٺو آھي تہ ھو پنھنجي استاد سان ھر حال ۾ شامل رھي ۽ غلام لاءِ تہ پنھنجي مالڪ سان. جيڪڏھن گھر جي مالڪ کي ئي بعل⁠زبول ڪري سڏيو وڃي تہ سندس گھر جي ڀاتين کي تہ ان کان بہ وڌيڪ بدتر ڪري سڏيندا.“


تنھنڪري انھن ڪوشش ڪئي تہ ھن کي گرفتار ڪرائين. پر کين ماڻھن جو ڊپ پئي ٿيو، ڇالاءِ⁠جو انھن عيسيٰ کي نبي پئي سمجھيو.


۽ چيائونس تہ ”سائين! اسان کي ياد آھي تہ ھو ٺڳ جڏھن اڃا جيئرو ھو تہ چوندو ھو تہ ’آءٌ ٽن ڏينھن کان پوءِ وري جيئرو ٿي اٿندس.‘


عيسيٰ چيس تہ ”تون مون کي نيڪ ڇو ٿو سڏين؟ خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نيڪ نہ آھي.


ھي سڀ ڏسي فوجي صوبيدار خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳو، ۽ چيائين تہ ”بيشڪ ھي ھڪ نيڪ ماڻھو ھو.“


يوسف نالي ھڪڙو ڪائونسل جو ميمبر ھو، جو نيڪ ۽ عزت وارو ماڻھو ھو.


نيڪ ماڻھو پنھنجي دل جي چڱي خزاني مان جيڪو چڱو آھي سو ئي ڪڍي ٿو ۽ بڇڙو ماڻھو پنھنجي دل جي بڇڙي خزاني مان جيڪي بڇڙو آھي سو ئي ڪڍي ٿو. ڇاڪاڻ⁠تہ ’دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جو اندر ٻاھر ڪڍي سو ئي.‘“


انھيءَ تي سڀني ۾ ڏھڪاءُ پئجي ويو ۽ خدا جي واکاڻ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اسان ۾ ھڪڙو وڏو نبي ظاھر ٿيو آھي. خدا پنھنجي قوم تي ٻاجھہ ڪئي آھي.“


عيسيٰ جو اھو معجزو ڏسي ماڻھو چوڻ لڳا تہ ”سچ⁠پچ ھي اھو نبي آھي، جيڪو ھن دنيا ۾ اچڻو آھي.“


فريسين ٻڌو تہ ماڻھو عيسيٰ بابت ھنن ڳالھين جي سس⁠پس ڪري رھيا آھن، تنھنڪري انھن ۽ سردار ڪاھنن ڪي پھريدار موڪليا تہ جيئن ھو کيس پڪڙين.


تنھن تي فريسين کين چيو تہ ”اوھين بہ گمراھہ ٿي ويا آھيو ڇا؟


انھن جواب ڏنس تہ ”تون بہ گليلي آھين ڇا؟ پاڪ لکتون پڙھہ تہ تو کي خبر پوي تہ گليل مان ڪوبہ نبي پيدا ٿيڻو نہ آھي.“


تنھن تي فريسين مان ڪن چيو تہ ”جنھن ماڻھوءَ ھي ڪم ڪيو آھي سو خدا جي طرفان ٿي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن سبت جي ڏينھن کي نہ مڃيو آھي.“ ٻين وري چيو تہ ”جيڪو گنھگار آھي سو اھڙا معجزا ڪيئن ٿو ڪري سگھي.“ تنھنڪري انھن ۾ ڏڦيڙ پئجي ويو.


برنباس ھڪ نيڪ شخص ھو، جيڪو پاڪ روح ۽ ايمان سان ڀرپور ھو. سو گھڻن ئي ماڻھن خداوند تي ايمان آندو.


ڪنھن سچار ماڻھوءَ خاطر بہ مشڪل سان ئي ڪو پنھنجي جان ڏيندو، پر ٿي سگھي ٿو جو ڪو ماڻھو ڪنھن نيڪ ماڻھوءَ لاءِ پنھنجي جان ڏيڻ جي ھمت ڪري بہ وجھي.


سڀ ڪم شڪايت ۽ تڪرار ڪرڻ کان سواءِ ڪندا رھو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ