Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 6:9 - Common Language New Testament

9 ”ھتي ھڪ ڇوڪرو آھي، جنھن کي جَوَن جون پنج مانيون ۽ ٻہ ڪُرڙيون آھن. پر ڇا اھي ھنن سڀني ماڻھن ۾ پوريون پئجي سگھنديون؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 هتي هڪڙو ڇوڪرو آهي، جنهن وٽ جَوَن جون پنج مانيون ۽ ٻہ ڪُرڙيون آهن، پر اهي ايترن ماڻهن ۾ ڇا ٿينديون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 ”هتي هڪ ڇوڪرو آهي، جنهن کي جَوَن جون پنج روٽيون ۽ ٻہ ڪُرڙيون آهن. پر ڇا اهي هنن سڀني ماڻهن ۾ پوريون پئجي سگھنديون؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 ”هتي هڪ ڇوڪرو آهي، جنهن کي جَوَن جون پنج مانيون ۽ ٻہ ڪُرڙيون آهن. پر ڇا اهي هنن سڀني ماڻهن ۾ پوريون پئجي سگھنديون؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 6:9
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھن چيو تہ ”اسان وٽ ڪل پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون آھن.“


اڃا تائين اوھين نہ ٿا سمجھو؟ ڇا اوھان کي ياد نہ آھي تہ اوھان پنجن مانين جا ڳڀا پنج ھزار ماڻھن ۾ ورھايا ھئا؟ ۽ اوھان ڪيتريون کاريون بچيل ڳڀن جون ڀري کنيون ھيون؟


تنھن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”وڃي ڏسو تہ اوھان وٽ ڪيتريون مانيون آھن؟“ انھن وڃي ڏٺو ۽ اچي کيس ٻڌايائون تہ ”اسان وٽ پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون آھن.“


جڏھن مون پنج مانيون پنج ھزار ماڻھن کي ڀڃي ڏنيون تہ ان وقت اوھان ڪيتريون کاريون اوبر جي بچيل ٽڪرن جون ڀري کنيون ھيون؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”ٻارھن کاريون.“


عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”اوھين کائڻ لاءِ ڏيونِ.“ تنھن تي شاگردن چيو تہ ”اسان وٽ تہ پنجن مانين ۽ ٻن مڇين کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونھي. باقي جيڪڏھن اوھين چئو تہ اسين ھيڏي وڏي ميڙ لاءِ وڃي کاڌو خريد ڪري اچون.“


مارٿا عيسيٰ کي چيو تہ ”اي خداوند! جيڪڏھن اوھين ھتي ھجو ھا تہ منھنجو ڀاءُ نہ مري ھا.


جڏھن مريم عيسيٰ وٽ پھتي ۽ ھن کي ڏٺائين تہ پيرن تي ڪري پيس ۽ چيائينس تہ ”خداوند! جيڪڏھن اوھين ھتي ھجو ھا تہ منھنجو ڀاءُ مري ئي ڪين ھا.“


پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”جيڪي مڇيون ماريون اٿوَ تن مان ڪجھہ کڻي اچو.“


پوءِ عيسيٰ آيو ۽ ماني کڻي انھن کي ڏنائين ۽ کين مڇي بہ ڏنائين.


جڏھن اھي سڪيءَ تي پھتا تہ انھن ڪوئلن جي باھہ تي مڇي پيل ڏٺي ۽ اتي ماني بہ رکي ھئي.


عيسيٰ مانيون کڻي خدا جو شڪر ادا ڪيو ۽ ويٺل ماڻھن ۾ ورھايائين. ھن مڇي بہ ائين ئي ورھائي ۽ سڀني ماڻھن کي ايترو مليو جيترو کين کپندو ھو.


تنھن تي فلپس وراڻيس تہ ”جيڪڏھن ھرھڪ کي ٽڪر ڳڀو ئي ڏجي، تہ بہ انھن لاءِ ٻہ ⁠سؤ چانديءَ جي سڪن جون مانيون پوريون نہ پونديون.“


ڇالاءِ⁠جو اوھين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي فضل کي ڄاڻو ٿا. جيتوڻيڪ ھو دولتمند ھو تڏھن بہ اوھان جي خاطر غريب ٿي ويو، تہ جيئن سندس غريبيءَ جي ڪري اوھين دولتمند ٿي وڃو.


مون ڄڻ تہ چئني ساھوارن جي وچ مان ھي آواز ٻڌو تہ ”ھڪ ڏينھن جي مزوريءَ جي عيوض ھڪ ڪلوگرام ڪڻڪ يا ٽي ڪلوگرام جوَ ملندا. پر زيتون جي تيل ۽ مئي کي زيان نہ ڪر.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ