Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 6:70 - Common Language New Testament

70 عيسيٰ انھن کان پڇيو تہ ”ڇا مون اوھان ٻارھن کي نہ چونڊيو آھي؟ تڏھن بہ اوھان ۾ ھڪڙو شيطان آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

70 يسوع کين جواب ڏنو، تہ مون اوهان ٻارهن ئي کي ڪين چونڊيو آهي، ۽ اوهان مان هڪڙو شيطان آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

70 تڏهن يسوع انهن کي چيو تہ ”جيتوڻيڪ مون اوهان ٻارهن کي چونڊيو آهي، تنهن هوندي بہ اوهان ۾ هڪ اهڙو آهي جيڪو شيطان آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

70 تڏهن عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”جيتوڻيڪ مون اوهان ٻارهن کي چونڊيو آهي، تنهن هوندي بہ اوهان ۾ هڪ اهڙو آهي جيڪو ابليس آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 6:70
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”آءٌ اوھان سڀني بابت نہ ٿو ڳالھايان. جن کي مون چونڊيو آھي تن کي آءٌ ڄاڻان ٿو. پر پاڪ لکت پوري ٿيڻ گھرجي، جنھن ۾ لکيل آھي تہ ’جيڪو منھنجي ماني کائي ٿو، سو ئي منھنجي خلاف ٿيندو.‘


عيسيٰ ۽ سندس شاگرد رات جي ماني کائي رھيا ھئا. انھيءَ وقت کان اڳ ئي شمعون جي پٽ يھوداہ اسڪريوتيءَ جي دل ۾ شيطان اھا ڳالھہ وجھي ڇڏي ھئي تہ ھو عيسيٰ سان دغا ڪري.


جڏھن عيسيٰ ھي چئي چڪو، تڏھن دل ۾ پريشان ٿيڻ لڳو ۽ شاھدي ڏيندي چيائين تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھان مان ھڪڙو مون کي پڪڙائيندو.“


جيئن ئي يھوداہ گرھہ ورتو تيئن ئي شيطان منجھس گھڙيو. عيسيٰ کيس چيو تہ ”جيڪو تو کي ڪرڻو آھي سو جلدي ڪري وٺ.“


اوھان مون کي ڪين چونڊيو آھي، بلڪ مون اوھان کي چونڊيو آھي ۽ انھيءَ لاءِ مقرر ڪيو اٿم تہ وڃي اھڙو ميوو جھليو جيڪو ھميشہ ھلي. پوءِ اوھين پيءُ کان منھنجي نالي تي جيڪي بہ گھرندا سو ھو اوھان کي ڏيندو.


جيڪڏھن اوھين دنيا جا ھجو ھا تہ جيڪر دنيا اوھان سان پنھنجن جھڙو پيار ڪري ھا. پر جيئن تہ اوھين دنيا جا نہ آھيو مگر مون اوھان کي دنيا مان چونڊي ڪڍيو آھي، تنھنڪري دنيا اوھان کان نفرت ڪري ٿي.


جيستائين آءٌ انھن سان گڏ ھوس، تيستائين تنھنجي انھيءَ نالي جي قدرت سان جيڪو نالو تو مون کي ڏنو آھي، کين سلامت رکندو آيو آھيان. مون انھن جي سنڀال ڪئي آھي. جيڪو برباد ٿيڻو ھو تنھن کان سواءِ ٻيو ڪوبہ منجھائن برباد نہ ٿيو آھي، تہ جيئن پاڪ لکت پوري ٿئي.


عيسيٰ ۽ سندس شاگردن کي بہ انھيءَ شاديءَ جي دعوت مليل ھئي.


توما انھن ٻارھن شاگردن مان ھڪڙو ھو جنھن کي جاڙو بہ سڏيندا ھئا، سو عيسيٰ جي اچڻ مھل شاگردن سان گڏ نہ ھو.


تڏھن بہ اوھان مان ڪيترا ئي ايمان نہ ٿا آڻين.“ جيئن تہ عيسيٰ شروعات کان ئي ڄاتو ٿي تہ ڪھڙا ڪھڙا ايمان نہ آڻيندا ۽ ڪير ساڻس دغا ڪندو.


تنھنڪري عيسيٰ ٻارھن شاگردن کي چيو تہ ”اوھين بہ مون کي ڇڏي ويندا ڇا؟“


ھو يھوداہ بابت ڳالھائي رھيو ھو، جيڪو شمعون اسڪريوتيءَ جو پٽ ھو، ڇالاءِ⁠جو يھوداہ ٻارھن شاگردن مان ھوندي بہ اڳتي ھلي ساڻس دغا ڪرڻ وارو ھو.


اوھين پنھنجي پيءُ يعني شيطان جا فرزند آھيو ۽ پنھنجي پيءُ جون مرضيون پوريون ڪرڻ گھرو ٿا. شروعات کان وٺي ھو خوني ھو ۽ ھن ڪڏھن بہ سچ جو پاسو نہ ورتو آھي، ڇالاءِ⁠جو ھن ۾ سچ نہ آھي. جڏھن ھو ڪوڙ ٿو ڳالھائي تہ پنھنجي طبيعت موجب ٿو ڳالھائي، ڇالاءِ⁠جو ھو ڪوڙو آھي ۽ ڪوڙ جو باني آھي.


يھوداہ اسان جي ئي ٽولي مان ھو، ڇاڪاڻ⁠تہ اسان جي ڪم ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ کيس بہ چونڊيو ويو ھو.“


۽ چيائينس تہ ”اي شيطان جا پٽ! تون ھر نيڪيءَ جو دشمن آھين، ھر قسم جي بڇڙائيءَ ۽ ٺڳيءَ سان ڀريل آھين ۽ ھميشہ ڪوشش ڪندو رھين ٿو تہ خداوند جي سچائيءَ کي ڪوڙو ڪرين.


ساڳئي نموني خدمتگار عورتن کي بہ سنجيدہ رھڻ گھرجي. اھي گلا ڪندڙ نہ، بلڪ پرھيزگار ۽ ھر ڳالھہ ۾ ڀروسي جھڙيون ھجن.


ساڳيءَ طرح پوڙھين عورتن کي سمجھاءِ تہ اھي ھلت چلت ۾ پاڪيزہ ھجن. اھي گلا ڪندڙ يا مئي جون عادي نہ ھجن، بلڪ چڱيون ڳالھيون سيکارڻ واريون ھجن.


جيڪو گناھہ ڪري ٿو سو شيطان مان آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ شيطان شروع کان وٺي گناھہ ڪندو ٿو اچي. خدا جو فرزند انھيءَ لاءِ ظاھر ٿيو تہ جيئن شيطان جي ڪمن کي ناس ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ