Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 6:68 - Common Language New Testament

68 شمعون پطرس وراڻيو تہ ”اي خداوند! اوھان کي ڇڏي ڪنھن ڏانھن وينداسون؟ اوھان وٽ اھي ڳالھيون آھن جن ۾ دائمي زندگي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

68 شمعون پطرس جواب ڏنس، تہ اي خداوند، اسين ڪنهن وٽ وڃون؟ هميشہ جي زندگيءَ جون ڳالهيون تہ تو وٽ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

68 شمعون پطرس وراڻيو تہ ”اي پرڀو! اوهان کي ڇڏي ڪنهن ڏانهن وينداسون؟ اوهان وٽ اهي ڳالهيون آهن جن ۾ امر جيون آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

68 شمعون پطرس وراڻيو تہ ”اي خداوند! اوهان کي ڇڏي ڪنهن ڏانهن وينداسون؟ اوهان وٽ اهي ڳالهيون آهن جن ۾ دائمي زندگي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 6:68
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن تي شمعون پطرس وراڻيو تہ ”تون مسيح، زندہ خدا جو فرزند آھين.“


عيسيٰ پڇين تہ ”اوھين منھنجي لاءِ ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آھيان؟“ تنھن تي پطرس جواب ڏنس تہ ”اوھين مسيح آھيو.“


ھن شاگردن کان پڇيو تہ ”اوھين ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آھيان؟“ تنھن تي پطرس چيس تہ ”تون خدا جو مسيح آھين.“


ڇالاءِ⁠جو جيڪو ڪلام مون ڪيو آھي سو پنھنجي طرفان نہ ڪيو آھي پر پيءُ، جنھن مون کي موڪليو آھي تنھن مون کي حڪم ڏنو آھي تہ مون کي ڇا چوڻ ۽ ڳالھائڻ گھرجي.


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ ھن جو حڪم دائمي زندگي ڏئي ٿو. تنھنڪري جيڪي ڪجھہ آءٌ چوان ٿو، سو اھو ئي آھي جيڪو پيءُ مون کي ٻڌائڻ لاءِ چيو آھي.“


ڇالاءِ⁠جو ڪلام، جيڪو تو مون کي ڏنو سو مون انھن کي ڏنو آھي ۽ انھن اھو قبول ڪيو آھي. انھن کي پڪ آھي تہ آءٌ تو وٽان آيو آھيان ۽ ايمان آندو اٿن تہ تو ئي مون کي موڪليو آھي.


آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منھنجو ڪلام ٻڌي ٿو ۽ جنھن مون کي موڪليو آھي، تنھن تي ايمان آڻي ٿو، تنھن جي زندگي دائمي آھي ۽ مٿس سزا لاڳو نہ ٿيندي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو موت مان نڪري زندگيءَ ۾ آيو آھي.


ڇالاءِ⁠جو منھنجي پيءُ جي اھا مرضي آھي تہ جيڪو بہ سندس فرزند کي سڃاڻي ٿو ۽ مٿس ايمان ٿو آڻي، تنھن کي دائمي زندگي ملي ۽ آءٌ کيس آخرت جي ڏينھن تي جيئرو ڪري اٿاريندس.“


زندگي ڏيڻ وارو تہ روح آھي، انساني جسم ڪابہ شيءِ ڪانھي. ھي ڳالھيون جيڪي مون اوھان کي ٻڌايون آھن سي روح بہ آھن ۽ زندگي بہ.


اي ڀائرؤ! اي ابراھيم جو اولاد ۽ اوھين اي خداپرست غير يھوديو! انھيءَ ڇوٽڪاري جي ڪلام کي اسان ڏانھن ئي موڪليو ويو آھي.


ڪنھن بہ ٻئي جي ھٿ ۾ ڇوٽڪارو نہ آھي، ڇالاءِ⁠جو آسمان جي ھيٺان ماڻھن کي ٻيو ڪوبہ نالو ڏنل ڪونھي جنھن جي وسيلي اسان کي ڇوٽڪارو ملي.“


”وڃو ۽ ھيڪل ۾ بيھي ماڻھن کي ھن نئين زندگيءَ بابت سڀ ڪجھہ ٻڌايو.“


ھي اھو ئي آھي، جيڪو ان وقت اتي ھو جڏھن سڀيئي بني اسرائيل بيابان ۾ گڏ ٿيا ھئا. اتي ھو اسان جي ابن ڏاڏن سان گڏ ھو ۽ انھيءَ ملائڪ سان گڏ ھو جنھن ھن سان سينا جي جبل تي ڳالھايو ھو. ھي اھو ئي آھي جنھن کي زندہ ڪلام مليو، انھيءَ لاءِ تہ اھو اسان تائين پھچائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ