Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 6:5 - Common Language New Testament

5 عيسيٰ نھاري ڏٺو تہ ماڻھن جو وڏو ميڙ ڏانھس اچي رھيو آھي. سو فلپس کي چيائين تہ ”اسين ھيترن ماڻھن کي کارائڻ لاءِ ايترو کاڌو ڪٿان آڻينداسون؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 پوءِ يسوع اکيون مٿي کڻي ڏٺو تہ هڪ وڏو ميڙاڪو وٽس پيو اچي، تڏهن فلپس کي چوڻ لڳو تہ هيترا جي کائيندا، سو ماني ڪٿان ڳنهون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 تڏهن هن نهاري ڏٺو تہ ماڻهن جو وڏو ميڙ ڏانهس اچي رهيو آهي. سو فلپس کي چيائين تہ ”اسين هيترن ماڻهن کي کارائڻ لاءِ ايترو کاڌو ڪٿان آڻينداسون؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 تڏهن هن نهاري ڏٺو تہ ماڻهن جو وڏو ميڙ ڏانهس اچي رهيو آهي. سو فلپس کي چيائين تہ ”اسين هيترن ماڻهن کي کارائڻ لاءِ ايترو کاڌو ڪٿان آڻينداسون؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 6:5
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن تي شاگردن چيس تہ ”ھتي سڃ ۾ اسين ھيڏي ساري خلق کي کارائڻ لاءِ ايتري ماني ڪٿان آڻينداسين؟“


سو ھو ھڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ڪنھن نويڪليءَ جاءِ ڏانھن روانا ٿي ويا.


رسول جڏھن موٽي آيا، تڏھن عيسيٰ کي سڄو احوال ڪري ٻڌايائون جيڪي ڪيو ھئائون. عيسيٰ انھن کي پاڻ سان گڏ بيت⁠صيدا نالي شھر ڏانھن نويڪلو وٺي ويو.


ٻئي ڏينھن تي عيسيٰ گليل ڏانھن وڃڻ جو ارادو ڪيو. ھو وڃي فلپس سان مليو ۽ کيس چيائين تہ ”منھنجي پٺيان اچ.“


فلپس بيت⁠صيدا شھر جو ويٺل ھو، جتي اندرياس ۽ پطرس بہ رھندا ھئا.


فلپس نٿن⁠ايل سان مليو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”جنھن بابت موسيٰ توريت ۾ ذڪر ڪيو آھي ۽ ٻين نبين پڻ لکيو آھي، سو اسان کي ملي ويو آھي. اھو يوسف جو پٽ عيسيٰ آھي ۽ ناصرت کان آيو آھي.“


نٿن⁠ايل ھن کي چيو تہ ”ناصرت مان بہ ڪا چڱي شيءِ نڪري سگھي ٿي ڇا؟“ تنھن تي فلپس چيس تہ ”ڀلا ھلي ڏس.“


تنھن تي نٿن⁠ايل کانئس پڇيو تہ ”اوھين مون کي ڪيئن ٿا سڃاڻو؟“ عيسيٰ وراڻيس تہ ”فلپس جي تو کي سڏڻ کان اڳ ۾ مون تو کي انجير جي وڻ ھيٺان ڏٺو ھو.“


اوھين چئو ڪين ٿا تہ لاباري ۾ چار مھينا پيا آھن؟ پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ اکيون کوليو ۽ پوکن ڏانھن نھاريو جو اھي لاباري لاءِ ھاڻي بلڪل تيار آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ