Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 6:46 - Common Language New Testament

46 ان جي معنيٰ اھا نہ آھي تہ ڪنھن ماڻھوءَ پيءُ کي ڏٺو آھي، پر رڳو انھيءَ ئي پيءُ کي ڏٺو آھي، جيڪو خدا جي طرفان آيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

46 ائين نہ آهي تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ پيءُ کي ڏٺو آهي، سواءِ انهي جي، جو خدا وٽان آهي، تنهن ئي پيءُ کي ڏٺو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

46 انهيءَ جو مطلب اهو نہ آهي تہ ڪنهن ماڻهوءَ ڪڏهن پتا کي ڏٺو آهي، پر رڳو انهيءَ ئي پتا کي ڏٺو آهي، جيڪو سندس طرفان آيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

46 انهيءَ جو مطلب اهو نہ آهي تہ ڪنهن ماڻهوءَ ڪڏهن پيءُ کي ڏٺو آهي، پر رڳو انهيءَ ئي پيءُ کي ڏٺو آهي، جيڪو سندس طرفان آيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 6:46
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ مسيح چيو تہ ”منھنجي پيءُ مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آھن. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ پٽ کي نہ ٿو سڃاڻي ۽ نڪي پٽ کانسواءِ پيءُ کي ڪو سڃاڻي ٿو، يا رڳو اھي جن تي پٽ ظاھر ڪري.


”منھنجي پيءُ مون کي سڀني شين تي اختياري ڏني آھي. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ پٽ ڪير آھي ۽ پٽ کان سواءِ ڪنھن کي بہ خبر نہ آھي تہ پيءُ ڪير آھي يا جن تي پٽ اھو ظاھر ڪري.“


ڪنھن بہ ماڻھوءَ خدا کي ڪڏھن ڪونہ ڏٺو آھي پر سندس اڪيلي ئي فرزند، جيڪو سندس پاسي ۾ آھي، تنھن ئي کيس ظاھر ڪيو آھي.


جيڪڏھن اوھين مون کي سڃاڻو ٿا تہ منھنجي پيءُ کي بہ سڃاڻيندا. اڄ کان وٺي اوھين کيس سڃاڻو ٿا ۽ کيس ڏٺو بہ اٿوَ.“


جيڪي ڪم ٻئي ڪنھن بہ نہ ڪيا آھن، سي جيڪڏھن آءٌ انھن ۾ نہ ڪريان ھا تہ پوءِ اھي ڏوھاري نہ ٿين ھا. پر ھاڻي تہ انھن منھنجا ڪم ڏٺا آھن، تنھن ھوندي بہ مون کان ۽ منھنجي پيءُ کان نفرت ڪئي اٿن.


بلڪ پيءُ، جنھن مون کي موڪليو آھي، تنھن پاڻ بہ مون بابت شاھدي ڏني آھي. اوھان نہ تہ ڪڏھن ھن جو آواز ٻڌو آھي، نڪي سندس صورت ڏٺي اٿوَ،


مگر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ وٽانئس آيو آھيان ۽ ھن ئي مون کي موڪليو آھي.“


تنھن تي انھن پڇيس تہ ”تنھنجو پيءُ ڪٿي آھي؟“ عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”اوھين نہ مون کي سڃاڻو ٿا ۽ نڪي منھنجي پيءُ کي. جيڪڏھن اوھين مون کي سڃاڻو ھا تہ منھنجي پيءُ کي بہ سڃاڻو ھا.“


اوھان ھن کي ڪڏھن بہ نہ سڃاتو آھي پر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو. جيڪڏھن آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ ھن کي نہ ٿو ڄاڻان تہ آءٌ بہ اوھان جھڙو ڪوڙو ٿيندس. پر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو ۽ سندس ڪلام تي عمل ڪريان ٿو.


خدا جيڪو ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي، تنھن جي ظاھري صورت مسيح آھي. ھو ساري مخلوقات کان مٿاھون آھي.


رڳو اھو ئي بقا وارو آھي ۽ ھو انھيءَ روشنيءَ ۾ ٿو رھي، جنھن تائين ڪوبہ پھچي نہ ٿو سگھي. خدا کي نہ ڪنھن ماڻھوءَ ڏٺو آھي ۽ نہ ڪو ڏسي ٿو سگھي. انھيءَ جي عزت ۽ قدرت ھميشہ تائين قائم رھي. آمين.


ڪنھن بہ انسانذات ڪڏھن بہ خدا کي نہ ڏٺو آھي. پر جيڪڏھن اسين ھڪ ٻئي سان پيار ڪريون ٿا تہ خدا اسان ۾ رھي ٿو ۽ سندس پيار اسان ۾ مڪمل ٿئي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ