Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 6:38 - Common Language New Testament

38 ڇالاءِ⁠جو آءٌ آسمان مان انھيءَ لاءِ نہ لھي آيو آھيان تہ پنھنجي مرضي ھلايان، بلڪ انھيءَ لاءِ تہ پنھنجي موڪلڻ واري جي مرضي پوري ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

38 ڇالاءِ تہ آئون پنهنجيءَ مرضيءَ تي هلڻ لاءِ نہ، پر جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن جي مرضيءَ تي هلڻ لاءِ آسمان مان لهي آيو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

38 آءٌ آڪاش مان انهيءَ لاءِ نہ لهي آيو آهيان تہ پنهنجي مرضي هلايان، بلڪ انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي موڪلڻ واري جي مرضي پوري ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

38 آءٌ آسمان مان انهيءَ لاءِ نہ لهي آيو آهيان تہ پنهنجي مرضي هلايان، بلڪ انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي موڪلڻ واري جي مرضي پوري ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 6:38
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ساڳيءَ طرح ابن⁠آدم بہ انھيءَ لاءِ نہ آيو آھي تہ ٻيا سندس خدمت ڪن، پر انھيءَ لاءِ تہ پاڻ ٻين جي خدمت ڪري ۽ پنھنجي جان گھڻن جي ڇوٽڪاري جي لاءِ قربان ڪري ڇڏي.“


ڪوبہ آسمان ڏانھن مٿي چڙھي نہ ويو آھي، سواءِ انھيءَ جي جيڪو آسمان مان آيو آھي، يعني ابن⁠آدم.“


خدا پنھنجو فرزند دنيا ۾ انھيءَ لاءِ نہ موڪليو تہ ھو دنيا کي سزا ڏئي، پر انھيءَ لاءِ موڪليائين تہ ھن جي ئي وسيلي دنيا کي ڇوٽڪارو ملي.


جيڪو مٿان اچي ٿو سو سڀني کان مٿاھون آھي. جيڪو دنيا جو آھي سو دنيا سان واسطو رکي ٿو ۽ ائين ڳالھائي ٿو جيئن ڪو دنيا وارو ڳالھائي. جيڪو آسمان کان اچي ٿو سو سڀني کان مٿاھون آھي.


عيسيٰ کين چيو تہ ”منھنجو کاڌو اھو آھي تہ انھيءَ جي مرضي پوري ڪريان جنھن مون کي موڪليو آھي ۽ سندس ڪم پورو ڪريان.


پوءِ عيسيٰ يھودي اڳواڻن کي وراڻيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ فرزند پاڻ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھي. ھو رڳو اھي ڪم ڪري ٿو جيڪي پنھنجي پيءُ کي ڪندي ٿو ڏسي، ڇالاءِ⁠جو جيڪي پيءُ ڪري ٿو سو ئي فرزند ٿو ڪري.


”آءٌ پنھنجي طرفان ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھان، پر جيئن خدا مون کي ٻڌائي ٿو تيئن ئي انصاف ڪريان ٿو. تنھنڪري منھنجو انصاف صحيح آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ پنھنجي مرضيءَ موجب نہ، پر جنھن مون کي موڪليو آھي تنھن جي مرضي موجب ڪم ڪريان ٿو.


عيسيٰ وراڻيو تہ ”خدا جو ڪم اھو آھي تہ اوھين انھيءَ تي ايمان آڻيو، جنھن کي خدا موڪليو آھي.“


ڇالاءِ⁠جو جيڪا ماني خدا ڏئي ٿو سا اھا آھي جيڪا آسمان مان نازل ٿئي ٿي ۽ دنيا کي زندگي ڏئي ٿي.“


سو انھن چيو تہ ”ڇا ھي اھو عيسيٰ نہ آھي جيڪو يوسف جو پٽ آھي؟ اسين تہ سندس ماءُ⁠پيءُ کي بہ سڃاڻون ٿا. پوءِ ھي ھاڻي ڪيئن ٿو چوي تہ ’آءٌ آسمان مان نازل ٿيو آھيان؟‘“


جھڙيءَ طرح زندہ پيءُ مون کي موڪليو آھي ۽ آءٌ ھن جي ڪري زندہ آھيان، تھڙيءَ طرح جيڪو بہ مون کي کائي ٿو سو منھنجي ڪري زندہ رھندو.


ڇالاءِ⁠جو مسيح بہ پنھنجي مرضيءَ تي نہ ھليو، پر جيئن لکيل آھي تہ ”جن تو کي طعنا ھنيا تن جا طعنا مون تي اچي پيا.“


ھاڻي سندس مٿي چڙھي وڃڻ جو مطلب ھن کان سواءِ ٻيو ڇا آھي تہ ھو پھريائين ھيٺ زمين تي بہ لٿو.


جيتوڻيڪ ھو فرزند ھو، تڏھن بہ ھن ڏک سھي ڪري فرمانبرداري سکي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ