Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 6:33 - Common Language New Testament

33 ڇالاءِ⁠جو جيڪا ماني خدا ڏئي ٿو سا اھا آھي جيڪا آسمان مان نازل ٿئي ٿي ۽ دنيا کي زندگي ڏئي ٿي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 ڇالاءِ تہ خدا جي ماني اُها آهي جا آسمان مان لهي اچي جهان کي زندگي ٿي ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

33 هائو، اها روٽي جيڪا ايشور ڏئي ٿو سا آڪاش مان پرگھٽ ٿئي ٿي ۽ سنسار کي جيون ڏئي ٿي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

33 هائو، اها ماني جيڪا خدا ڏئي ٿو سا آسمان مان نازل ٿئي ٿي ۽ دنيا کي زندگي ڏئي ٿي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 6:33
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ کي خبر ھئي تہ ’پيءُ مون کي سڀ ڪجھہ ھٿ ۾ ڏنو آھي.‘ کيس اھا بہ خبر ھئي تہ ’آءٌ خدا جي طرفان آيو آھيان ۽ خدا ڏانھن موٽي وڃي رھيو آھيان.‘


آءٌ پيءُ وٽان نڪري دنيا ۾ آيس ۽ ھاڻي دنيا کي ڇڏي پيءُ ڏانھن موٽي وڃان ٿو.“


ڇالاءِ⁠جو ڪلام، جيڪو تو مون کي ڏنو سو مون انھن کي ڏنو آھي ۽ انھن اھو قبول ڪيو آھي. انھن کي پڪ آھي تہ آءٌ تو وٽان آيو آھيان ۽ ايمان آندو اٿن تہ تو ئي مون کي موڪليو آھي.


ڪوبہ آسمان ڏانھن مٿي چڙھي نہ ويو آھي، سواءِ انھيءَ جي جيڪو آسمان مان آيو آھي، يعني ابن⁠آدم.“


عيسيٰ چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ آسمان واري ماني اوھان کي موسيٰ نہ ڏني، پر اھو منھنجو پيءُ آھي جيڪو آسمان مان سچي ماني ڏئي ٿو.


ڇالاءِ⁠جو آءٌ آسمان مان انھيءَ لاءِ نہ لھي آيو آھيان تہ پنھنجي مرضي ھلايان، بلڪ انھيءَ لاءِ تہ پنھنجي موڪلڻ واري جي مرضي پوري ڪريان.


تنھن تي يھودي مٿس ڪرڪڻ لڳا، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن چيو ھو تہ ”آءٌ اھا ماني آھيان، جيڪا آسمان مان نازل ٿي آھي.“


آءٌ زندگيءَ جي ماني آھيان.


پر جيڪا ماني آسمان مان نازل ٿئي ٿي، سا اھڙي آھي جنھن کي جيڪو بہ کائيندو سو نہ مرندو.


ھيءَ اھا ماني آھي جيڪا آسمان مان نازل ٿي آھي. ھيءَ ماني اھڙي نہ آھي جھڙي اوھان جي ابن ڏاڏن کاڌي ۽ مري ويا، پر جيڪو ھيءَ ماني کائيندو سو ھميشہ زندہ رھندو.“


عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”جيڪڏھن خدا اوھان جو پيءُ ھجي ھا تہ اوھين مون سان پيار ڪريو ھا، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ خدا وٽان آيو آھيان. آءٌ پاڻ ئي ڪين آيو آھيان پر ھن مون کي موڪليو آھي.


اھا ڳالھہ سچي ۽ ھر طرح قبول ڪرڻ جي لائق آھي تہ عيسيٰ مسيح گنھگارن کي ڇوٽڪاري ڏيڻ لاءِ دنيا ۾ آيو، جن مان بدترين آءٌ آھيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ