Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 6:29 - Common Language New Testament

29 عيسيٰ وراڻيو تہ ”خدا جو ڪم اھو آھي تہ اوھين انھيءَ تي ايمان آڻيو، جنھن کي خدا موڪليو آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 يسوع جواب ڏيئي چين تہ خدا جو ڪم هيءُ آهي تہ جنهن کي موڪليو اٿس، تنهن تي ايمان آڻيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

29 يسوع وراڻيو تہ ”ايشور جي مرضي اها آهي تہ اوهين انهيءَ تي وشواس آڻيو، جنهن کي ايشور موڪليو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 عيسيٰ وراڻيو تہ ”خدا جي مرضي اها آهي تہ اوهين انهيءَ تي ايمان آڻيو، جنهن کي خدا موڪليو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 6:29
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اڃا ھو ڳالھائي ئي پيو تہ ھڪ تمام اڇي ڪڪر اچي مٿن ڇانوَ ڪئي ۽ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”ھي منھنجو پيارو فرزند آھي ۽ ھن مان آءٌ گھڻو خوش آھيان. اوھين ھن جي ڌيان سان ٻڌو.“


جيڪوبہ ايمان آڻيندو ۽ بپتسما وٺندو سو ڇوٽڪارو حاصل ڪندو ۽ جيڪوبہ ايمان نہ آڻيندو سو ڏوھاري ٿيندو.


جيڪو بہ فرزند تي ايمان آڻي ٿو تنھن کي دائمي زندگي مليل آھي. پر جيڪو فرزند کي قبول نہ ٿو ڪري تنھن کي اھا زندگي ڪڏھن بہ نہ ملندي، اٽلندو خدا جو غضب مٿس رھي ٿو.


اوھين پاڪ لکتون انھيءَ لاءِ ڌيان سان ٿا پڙھو، جو اوھان جو خيال آھي تہ انھن ۾ اوھان کي دائمي زندگي ملندي ۽ اھي پاڪ لکتون ئي منھنجي شاھدي ڏين ٿيون.


پوءِ انھن کانئس پڇيو تہ ”اسان کي خدا جا ڪم بجا آڻڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گھرجي؟“


ڇالاءِ⁠جو آءٌ آسمان مان انھيءَ لاءِ نہ لھي آيو آھيان تہ پنھنجي مرضي ھلايان، بلڪ انھيءَ لاءِ تہ پنھنجي موڪلڻ واري جي مرضي پوري ڪريان.


جھڙيءَ طرح زندہ پيءُ مون کي موڪليو آھي ۽ آءٌ ھن جي ڪري زندہ آھيان، تھڙيءَ طرح جيڪو بہ مون کي کائي ٿو سو منھنجي ڪري زندہ رھندو.


تنھن تي ھنن وراڻيس تہ ”خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻ تہ تو کي ۽ تنھنجي ڪٽنب کي ڇوٽڪارو ملندو.“


اسين پنھنجي خدا ۽ پيءُ جي اڳيان اوھان جي ايمان جي ڪم، محبت واري محنت ۽ انھيءَ صبر کي جيڪو اوھان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح ۾ اميد رکڻ جي ڪري آھي، سدائين ياد پيا ڪريون.


پوءِ ڪامل بڻجي ھو پنھنجي سڀني فرمانبردارن لاءِ دائمي ڇوٽڪاري جو باني بڻيو.


ھاڻي تون سمجھي ٿو سگھين تہ ابراھيم جي ايمان سندس عمل سان گڏجي ڪم ٿي ڪيو ۽ عمل جي ڪري ئي سندس ايمان ڪامل ٿيو.


ھن جو حڪم ھيءُ آھي تہ اسين سندس فرزند عيسيٰ مسيح جي نالي تي ايمان آڻيون ۽ ھڪ ٻئي سان ائين پيار ڪريون جيئن ھن اسان کي حڪم ڏنو آھي.


جنھن کي اھو يقين آھي تہ عيسيٰ ئي مسيح آھي، سو خدا جو ٻار آھي ۽ جيڪو پيءُ سان پيار ٿو ڪري، سو سندس ٻار سان بہ پيار ٿو ڪري.


جيڪو غالب پوندو ۽ منھنجي مرضيءَ مطابق توڙ نڀائيندو، تنھن کي آءٌ قومن تي اختيار ڏيندس،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ