Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 6:11 - Common Language New Testament

11 عيسيٰ مانيون کڻي خدا جو شڪر ادا ڪيو ۽ ويٺل ماڻھن ۾ ورھايائين. ھن مڇي بہ ائين ئي ورھائي ۽ سڀني ماڻھن کي ايترو مليو جيترو کين کپندو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 تڏهن يسوع اُهي مانيون وٺي شڪر ڪري، جيڪي ويٺا هئا، تن کي ورهائي ڏنيون، ۽ انهيءَ طرح ڪُرڙين مان بہ جيترو گهُريائون، تيترو ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 پوءِ يسوع اهي روٽيون کڻي ايشور جو شڪر ادا ڪيو ۽ ويٺل ماڻهن ۾ ورهايائين. هن مڇي بہ ائين ئي ورهائي ۽ سڀني ماڻهن کي ايترو مليو جيترو کين کپندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 پوءِ عيسيٰ اهي مانيون کڻي خدا جو شڪر ادا ڪيو ۽ ويٺل ماڻهن ۾ ورهايائين. هن مڇي بہ ائين ئي ورهائي ۽ سڀني ماڻهن کي ايترو مليو جيترو کين کپندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 6:11
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ھن ست ئي مانيون ۽ مڇيون ھٿن تي کڻي انھن ۾ برڪت گھري ۽ ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪندو شاگردن کي ڏيندو ويو ۽ شاگرد خلق کي ڏيندا ويا.


ھو انھن سان گڏ دسترخوان تي ويٺو ۽ ماني کڻي رب جو شڪر ڪيائين. پوءِ ماني ڀڃي کين ڏنائين.


پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”جيڪي مڇيون ماريون اٿوَ تن مان ڪجھہ کڻي اچو.“


پوءِ عيسيٰ آيو ۽ ماني کڻي انھن کي ڏنائين ۽ کين مڇي بہ ڏنائين.


جڏھن اھي سڪيءَ تي پھتا تہ انھن ڪوئلن جي باھہ تي مڇي پيل ڏٺي ۽ اتي ماني بہ رکي ھئي.


جڏھن تہ تبرياس شھر کان ڪي ٻيڙيون پوءِ ڪناري تي اچي لڳيون ھيون، جتي خداوند عيسيٰ خدا جو شڪر ادا ڪيو ھو ۽ پوءِ ماڻھن ماني کاڌي ھئي.


”ھتي ھڪ ڇوڪرو آھي، جنھن کي جَوَن جون پنج مانيون ۽ ٻہ ڪُرڙيون آھن. پر ڇا اھي ھنن سڀني ماڻھن ۾ پوريون پئجي سگھنديون؟“


جڏھن اھو چئي چڪو تہ ماني کڻي سڀني جي اڳيان خدا جو شڪر ڪندي گرھہ ڀڃي کاڌائين.


جيڪڏھن ڪو ڪنھن ڏينھن کي سڀاڳو ٿو سمجھي تہ ھو خداوند جي ڪري ئي ائين ٿو سمجھي ۽ جيڪو گوشت ٿو کائي سو بہ خداوند جي ڪري ئي کائي ٿو، ڇالاءِ⁠جو ھو انھيءَ لاءِ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪري. پر جيڪو نہ ٿو کائي سو بہ خداوند جي ڪري ئي نہ ٿو کائي ۽ ھو بہ انھيءَ لاءِ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪري.


تنھنڪري توڙي اوھين کائو يا پيئو، يا جيڪي ڪجھہ ڪريو، سو سڀ خدا جي جلوي خاطر ڪريو.


ھر حالت ۾ شڪرگذاري ڪريو، ڇالاءِ⁠جو عيسيٰ مسيح جا ھئڻ ڪري اوھان بابت خدا جي اھا ئي مرضي آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ