Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 5:45 - Common Language New Testament

45 اوھين ائين نہ سمجھو تہ آءٌ پيءُ وٽ اوھان جي دانھن ڏيندس، پر اوھان جي دانھن ڏيڻ وارو موسيٰ آھي جنھن ۾ اوھان جو آسرو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

45 اوهين ائين نہ سمجهو تہ ڪو آئون پيءُ وٽ اوهان تي دانهن ڏيندس: اوهان تي دانهن ڏيڻ وارو تہ آهي، يعني موسيٰ، جنهن تي اوهين ڀاڙي ويٺا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

45 اوهين ائين نہ سمجھو تہ آءٌ پتا وٽ اوهان جي شڪايت ڪندس. اوهان جي شڪايت ڪرڻ وارو موسيٰ ئي آهي جنهن تي اوهان جو آسرو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

45 اوهين ائين نہ سمجھو تہ آءٌ پيءُ وٽ اوهان جي شڪايت ڪندس. اوهان جي شڪايت ڪرڻ وارو موسيٰ ئي آهي جنهن تي اوهان جو آسرو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 5:45
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن تي ابراھيم وراڻيس تہ ’انھن وٽ موسيٰ ۽ نبي موجود آھن، ڀلي تہ انھن جي ٻڌن.‘


جيڪو مون کي نہ ٿو مڃي ۽ منھنجون ڳالھيون قبول نہ ٿو ڪري، تنھن جي فيصلي ڪرڻ وارو ھڪڙو آھي، يعني اھي منھنجون ڪيل ڳالھيون ئي آھن، جيڪي آخرت جي ڏينھن ھن کي ڏوھاري ٺھرائينديون.


ڇا موسيٰ اوھان کي شريعت نہ ڏني ھئي؟ تڏھن بہ اوھان مان ڪو انھيءَ شريعت تي عمل نہ ٿو ڪري. اوھين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟“


جڏھن انھن اھا ڳالھہ ٻڌي تڏھن انھن مان پھريائين وڏا ۽ پوءِ ننڍا ھڪڙو ھڪڙو ٿي ھليا ويا. پوءِ رڳو عيسيٰ اڪيلو وڃي رھيو ۽ اھا عورت بيٺي رھي.


خدا ھر گناھہ ڪندڙ کي سزا ڏيندو. جن شريعت جي ملڻ کان سواءِ گناھہ ڪيو، سي شريعت کان سواءِ ئي ناس ٿيندا ۽ جن شريعت ھوندي گناھہ ڪيو، تن جو فيصلو بہ شريعت موجب ٿيندو.


ڇالاءِ⁠جو جيڪي ⁠بہ شريعت جي ڪمن تي ڀروسو ڪن ٿا، سي سڀيئي لعنت ھيٺ اچن ٿا. ھن ڪري جو لکيل آھي تہ ”جيڪو انھن سڀني ڳالھين تي عمل ڪرڻ ۾ قائم نہ ٿو رھي، جيڪي شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آھن، سو لعنتي آھي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ