Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 5:34 - Common Language New Testament

34 مون کي تہ انسان جي شاھديءَ جي ضرورت نہ آھي، تنھن ھوندي بہ اھي ڳالھيون انھيءَ لاءِ ڪيون اٿم تہ جيئن اوھان کي ڇوٽڪارو ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 پر مون کي انسان جي شاهدي قبول ڪانهي: تنهن هوندي بہ اهي ڳالهيون جي ڪيون اٿم، سي هن لاءِ تہ اوهان کي نجات ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

34 جيتوڻيڪ مون کي انسان جي شاهديءَ جي ضرورت نہ آهي، تنهن هوندي بہ اهي ڳالهيون انهيءَ لاءِ ڪيون اٿم تہ جيئن اوهان کي مڪتي ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 جيتوڻيڪ مون کي انسان جي شاهديءَ جي ضرورت نہ آهي، تنهن هوندي بہ اهي ڳالهيون انهيءَ لاءِ ڪيون اٿم تہ جيئن اوهان کي ڇوٽڪارو ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 5:34
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي يروشلم! اي يروشلم! تون جو نبين جو قاتل آھين ۽ جيڪي تو ڏانھن موڪليا ٿا وڃن، تن کي سنگسار ٿو ڪرين، مون تنھنجي ٻچن کي ڪيترائي دفعا ائين گڏ ڪرڻ ٿي گھريو جيئن ڪڪڙ پنھنجن چوزن کي پنھنجن کنڀن ھيٺان گڏ ڪندي آھي، پر تو نہ چاھيو.


ابن⁠آدم انھن کي ڳولڻ ۽ بچائڻ آيو آھي جيڪي گمراھہ ٿي ويا آھن.“


۽ ھن جي نالي ۾ يروشلم کان وٺي سڀني قومن تائين توبھہ ۽ گناھن جي بخشڻ جي تبليغ ضرور ڪئي وڃي.


پر اِھي انھيءَ لاءِ لکيل آھن تہ جيئن اوھين ايمان آڻيو تہ عيسيٰ ئي مسيح ۽ خدا جو فرزند آھي ۽ اھڙي ايمان آڻڻ سان اوھان کي ھن جي نالي ۾ زندگي ملي.


پر اھو ٻيو آھي جيڪو مون بابت شاھدي ٿو ڏئي ۽ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جيڪا شاھدي ھو مون بابت ڏئي ٿو سا سچي آھي.


آءٌ نہ ٿو چاھيان تہ انسان منھنجي ساراھہ ڪن.


عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪڏھن آءٌ پنھنجي ساراھہ ڪريان تہ منھنجي ساراھہ ڪا معنيٰ نہ ٿي رکي. پر جيڪو منھنجي ساراھہ ڪري ٿو سو منھنجو پيءُ آھي، جنھن جي لاءِ اوھين چئو ٿا تہ ’اھو اسان جو خدا آھي.‘


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! منھنجي دلي خواھش آھي تہ شل بني اسرائيل کي ڇوٽڪارو ملي ۽ انھيءَ لاءِ آءٌ خدا جي در دعاڳو آھيان.


پر بني اسرائيل بابت ھو چوي ٿو تہ ”آءٌ سڄو ڏينھن ھڪڙي نافرمان ۽ ضدي قوم ڏانھن پنھنجا ھٿ ڊگھيريندو رھيس.“


اوھين بڇڙائيءَ کان شڪست نہ کائو، بلڪ نيڪيءَ جي وسيلي بڇڙائيءَ تي فتح حاصل ڪريو.


پوءِ جيڪڏھن انھن مان ڪن وفاداري نہ ڪئي تہ ڇا انھن جي بيوفائي خدا جي وفا کي بيڪار بڻائيندي؟


ڪمزورن لاءِ آءٌ ڪمزور بڻيس تہ جيئن ڪمزورن کي ھٿ ڪريان. مطلب تہ جيڪو جھڙو ھو تنھن لاءِ آءٌ تھڙو بڻيس، تہ جيئن ڪنھن نہ ڪنھن نموني آءٌ ڪن کي بچايان.


پاڻ کي ۽ پنھنجي تعليم کي جاچيندو رھہ. انھن ھدايتن تي ثابت قدم رھہ، ڇالاءِ⁠جو ائين ڪرڻ سان تون پاڻ کي ۽ پنھنجي ٻڌڻ وارن کي بچائڻ جو سبب ٿيندين.


اسين ماڻھن جي شاھدي قبول ڪريون ٿا. پر خدا جي شاھدي تہ انھيءَ کان وڌيڪ آھي، ڇالاءِ⁠جو اھا خدا جي شاھدي آھي، جيڪا ھن پنھنجي فرزند جي حق ۾ ڏني آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ