Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 5:30 - Common Language New Testament

30 ”آءٌ پنھنجي طرفان ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھان، پر جيئن خدا مون کي ٻڌائي ٿو تيئن ئي انصاف ڪريان ٿو. تنھنڪري منھنجو انصاف صحيح آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ پنھنجي مرضيءَ موجب نہ، پر جنھن مون کي موڪليو آھي تنھن جي مرضي موجب ڪم ڪريان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 آئون پنهنجي سر ڪجهہ ڪري نٿو سگهان: جيئن ٻُڌان ٿو، تيئن ئي عدالت ٿو ڪريان، ۽ منهنجي عدالت سچي آهي، ڇوتہ آئون پنهنجي مرضي نہ، پر جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن جي مرضيءَ تي هلڻ ٿو گهُران.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

30 ”آءٌ پنهنجي طرفان ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھان، پر جيئن ايشور مون کي ٻڌائي ٿو تيئن ئي فيصلو ڪريان ٿو. تنهنڪري منهنجو فيصلو صحيح آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجي مرضيءَ موجب نہ، بلڪ انهيءَ جي مرضيءَ موجب ڪم ڪريان ٿو، جنهن مون کي موڪليو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 ”آءٌ پنهنجي طرفان ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھان، پر جيئن خدا مون کي ٻڌائي ٿو تيئن ئي فيصلو ڪريان ٿو. تنهنڪري منهنجو فيصلو صحيح آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجي مرضيءَ موجب نہ، بلڪ انهيءَ جي مرضيءَ موجب ڪم ڪريان ٿو، جنهن مون کي موڪليو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 5:30
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ ٿورو پرڀرو ويو ۽ پاڻ کي منھن ڀر ڪيرائي دعا گھرڻ لڳو تہ ”اي منھنجا بابا! جيڪڏھن ٿي سگھي تہ ھي پيالو مون تان ٽاريو وڃي، تنھن ھوندي بہ منھنجي نہ پر تنھنجي مرضي پوري ٿئي.“


ڇا تو کي يقين نہ آھي تہ آءٌ پيءُ ۾ آھيان ۽ پيءُ مون ۾ آھي؟ جيڪي ڳالھيون آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو سي پاڻ ئي ڪين ٿو ٻڌايان، پر پيءُ، جيڪو مون ۾ رھي ٿو سو پنھنجا ڪم پاڻ ڪري ٿو.


جيڪو ڪم تو مون کي ڪرڻ لاءِ ڏنو ھو، سو مون پورو ڪري تنھنجو جلوو دنيا تي ظاھر ڪيو آھي.


تنھن تي عيسيٰ پطرس کي چيو تہ ”پنھنجي تلوار ورائي مياڻ ۾ وجھہ. ڇا آءٌ اھو پيالو نہ پيئان جيڪو پيءُ مون کي پيئڻ لاءِ ڏنو آھي؟“


عيسيٰ کين چيو تہ ”منھنجو کاڌو اھو آھي تہ انھيءَ جي مرضي پوري ڪريان جنھن مون کي موڪليو آھي ۽ سندس ڪم پورو ڪريان.


پوءِ عيسيٰ يھودي اڳواڻن کي وراڻيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ فرزند پاڻ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھي. ھو رڳو اھي ڪم ڪري ٿو جيڪي پنھنجي پيءُ کي ڪندي ٿو ڏسي، ڇالاءِ⁠جو جيڪي پيءُ ڪري ٿو سو ئي فرزند ٿو ڪري.


ڇالاءِ⁠جو آءٌ آسمان مان انھيءَ لاءِ نہ لھي آيو آھيان تہ پنھنجي مرضي ھلايان، بلڪ انھيءَ لاءِ تہ پنھنجي موڪلڻ واري جي مرضي پوري ڪريان.


سو عيسيٰ کين چيو تہ ”جڏھن اوھين ابن⁠آدم کي مٿي چاڙھيندا، تڏھن اوھان کي خبر پوندي تہ آءٌ اھو ئي آھيان. آءٌ پنھنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ ٿو ڪريان، پر اھو ئي ڪجھہ چوان ٿو جيڪي پيءُ مون کي سيکاريو آھي.


عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”جيڪڏھن خدا اوھان جو پيءُ ھجي ھا تہ اوھين مون سان پيار ڪريو ھا، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ خدا وٽان آيو آھيان. آءٌ پاڻ ئي ڪين آيو آھيان پر ھن مون کي موڪليو آھي.


آءٌ پنھنجي ساراھہ نہ ٿو چاھيان، پر ھڪڙو آھي جيڪو چاھي ٿو تہ منھنجي ساراھہ ٿئي ۽ اھو منھنجي فائدي ۾ فيصلو ڪري ٿو.


ڇالاءِ⁠جو مسيح بہ پنھنجي مرضيءَ تي نہ ھليو، پر جيئن لکيل آھي تہ ”جن تو کي طعنا ھنيا تن جا طعنا مون تي اچي پيا.“


اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪي اھڙا ڪم ڪن ٿا تن جو فيصلو خدا جي طرفان حق موجب ٿئي ٿو.


پر تون جو سخت⁠دل ٿيو آھين ۽ توبھہ نہ ٿو ڪرين، سو تون تہ خدا جي انھيءَ قھر واري ڏينھن واسطي پاڻ پنھنجي لاءِ غضب ميڙي گڏ پيو ڪرين، جنھن ڏينھن خدا جو پورو پورو انصاف ظاھر ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ