Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 5:18 - Common Language New Testament

18 ھن ڳالھہ جي ڪري تہ يھودي اڳواڻ ھيڪاري کيس مارڻ جا وجھہ ڳولڻ لڳا، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن نہ رڳو سبت جو قاعدو ٿي ڀڳو بلڪ خدا کي پنھنجو پيءُ سڏي پاڻ کي خدا جي برابر ٿي ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 انهي سبب ڪري يهودي هيڪاري کيس مارڻ لاءِ وجهہ ڳولڻ لڳا، ڇالاءِ جو هن نہ رڳو سبت ٿي ڀڳو، پر خدا کي خاص پنهنجو پيءُ سڏي، پاڻ کي خدا جي برابر ٿي ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 هن ڳالهہ جي ڪري يهودي اڳواڻ هيڪاري کيس مارڻ جا وجھہ ڳولڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ هن نہ رڳو سبت جو قاعدو ٿي ڀڳو، بلڪ ايشور کي پنهنجو پتا سڏي پاڻ کي ايشور جي برابر ٿي ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 هن ڳالهہ جي ڪري يهودي اڳواڻ هيڪاري کيس مارڻ جا وجھہ ڳولڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ هن نہ رڳو سبت جو قاعدو ٿي ڀڳو، بلڪ خدا کي پنهنجو پيءُ سڏي پاڻ کي خدا جي برابر ٿي ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 5:18
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇا اوھان توريت ۾ نہ پڙھيو آھي تہ ھيڪل ۾ توڙي جو ڪاھن سبت جي ڏينھن جي پرھيز نہ ٿا رکن تہ بہ ڏوھدار نہ ٿا ليکجن؟


يحيٰ جي شاھدي ھن طرح آھي تہ جڏھن يروشلم جي يھودي اڳواڻن يحيٰ ڏانھن ڪاھن ۽ لاوي موڪليا، جن اچي کانئس پڇيو تہ ”تون ڪير آھين؟“


تنھن تي يھودين وراڻيس تہ ”اسين تو کي ڪنھن چڱي ڪم ڪرڻ ڪري سنگسار نہ ٿا ڪريون پر ڪفر بڪڻ ڪري، ڇالاءِ⁠جو تو انسان ٿي ڪري پاڻ کي خدا سڏايو آھي.“


تنھن تي عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو سو منھنجي ڪلام تي عمل ڪندو. منھنجو پيءُ ھن سان پيار ڪندو، آءٌ ۽ منھنجو پيءُ ھن وٽ اينداسون ۽ ساڻس گڏجي رھنداسون.


عيسيٰ چيس تہ ”اي فلپس! ھيترو وقت آءٌ اوھان سان ھوس تہ بہ اوھين مون کي نہ ٿا سڃاڻو؟ جنھن بہ مون کي ڏٺو آھي تنھن پيءُ کي ڏٺو آھي. پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ’اسان کي پيءُ ڏيکار‘؟


تنھن تي انھن ماڻھن زور ڀري چيو تہ ”اسان وٽ شريعت آھي ۽ ان موجب ھو موت جي لائق آھي، ڇالاءِ⁠جو ھن خدا جو فرزند ھجڻ جي دعويٰ ڪئي آھي.“


پوءِ انھيءَ ماڻھوءَ وڃي يھودي اڳواڻن کي ٻڌايو تہ ”اھو ماڻھو عيسيٰ آھي، جنھن مون کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو آھي.“


انھيءَ سبب ڪري اھي اڳواڻ عيسيٰ کي ستائڻ لڳا، ڇالاءِ⁠جو ھن سبت جي ڏينھن تي اھڙا ڪم ٿي ڪيا.


عيسيٰ کين جواب ڏنو تہ ”منھنجو پيءُ اڄ تائين ھميشہ ڪم ڪندو رھي ٿو ۽ آءٌ بہ پيو ڪم ڪريان.“


تہ جيئن سڀيئي ماڻھو فرزند جي اھڙي نموني عزت ڪن جھڙي نموني پيءُ جي عزت ڪن ٿا. جيڪو بہ فرزند جي عزت نہ ٿو ڪري سو ڄڻ پيءُ جي عزت نہ ٿو ڪري جنھن کيس موڪليو آھي.


ھن کان پوءِ عيسيٰ گليل ۾ پئي گھميو. ھو يھوديہ ۾ وڃڻ نہ پيو چاھي، ڇالاءِ⁠جو اتي يھودي اڳواڻ کيس مارڻ لاءِ وجھہ ڳولي رھيا ھئا.


ڇا موسيٰ اوھان کي شريعت نہ ڏني ھئي؟ تڏھن بہ اوھان مان ڪو انھيءَ شريعت تي عمل نہ ٿو ڪري. اوھين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟“


عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪڏھن آءٌ پنھنجي ساراھہ ڪريان تہ منھنجي ساراھہ ڪا معنيٰ نہ ٿي رکي. پر جيڪو منھنجي ساراھہ ڪري ٿو سو منھنجو پيءُ آھي، جنھن جي لاءِ اوھين چئو ٿا تہ ’اھو اسان جو خدا آھي.‘


عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ ابراھيم جي ڄمڻ کان اڳي بہ آءٌ آھيان.“


جيتوڻيڪ ھو بذاتِ⁠خود خدا ھو، تہ بہ ھن خدا سان برابر ھئڻ جي درجي کي زوريءَ پنھنجي قبضي ۾ رکڻ جي شيءِ نہ سمجھيو.


پوءِ انھيءَ ملائڪ مون کي آبِ⁠حيات جو ھڪڙو درياءُ ڏيکاريو، جيڪو بلور وانگر پئي چمڪيو ۽ خدا ۽ گھيٽي جي تخت مان نڪري،


اڳتي وري ڪابہ لعنت ڪانہ ھوندي. انھيءَ شھر ۾ خدا ۽ گھيٽي جو تخت ھوندو ۽ سندس ٻانھا ھن جي عبادت ڪندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ