Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 5:16 - Common Language New Testament

16 انھيءَ سبب ڪري اھي اڳواڻ عيسيٰ کي ستائڻ لڳا، ڇالاءِ⁠جو ھن سبت جي ڏينھن تي اھڙا ڪم ٿي ڪيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ انهي سبب ڪري يهودي، يسوع کي ستائڻ لڳا، ڇالاءِ جو هن سبت جي ڏينهن اهڙا ڪم ٿي ڪيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 انهيءَ سبب اهي اڳواڻ يسوع کي ستائڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ هن سبت جي ڏينهن تي اهڙا ڪم ٿي ڪيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 انهيءَ سبب اهي اڳواڻ عيسيٰ کي ستائڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ هن سبت جي ڏينهن تي اهڙا ڪم ٿي ڪيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 5:16
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ھن انھيءَ ماڻھوءَ کي چيو تہ ”پنھنجو ھٿ ڊگھو ڪر.“ ھن ھٿ ڊگھيريو تہ سندس ھٿ ٺيڪ ٿي ويو ۽ بلڪل ٻئي ھٿ جھڙو ٿي پيس.


تنھن تي فريسي جلدي ٻاھر نڪري ويا ۽ ھيروديس جي پارٽيءَ جي ميمبرن سان عيسيٰ جي خلاف سازشون سٽڻ لڳا تہ ڪيئن کيس ختم ڪجي.


ھو ڪاوڙ ۾ تپي باھہ ٿي ويا ۽ پاڻ ۾ صلاحون ڪرڻ لڳا تہ ”عيسيٰ سان ڇا ڪرڻ گھرجي؟“


يحيٰ جي شاھدي ھن طرح آھي تہ جڏھن يروشلم جي يھودي اڳواڻن يحيٰ ڏانھن ڪاھن ۽ لاوي موڪليا، جن اچي کانئس پڇيو تہ ”تون ڪير آھين؟“


تنھن تي انھن وري بہ عيسيٰ کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھو سندن ھٿن مان نڪري ويو.


مون اوھان کي جيڪي ٻڌايو آھي سو ياد رکو تہ ڪوبہ غلام پنھنجي مالڪ کان وڏو نہ آھي. سو جيڪڏھن ماڻھن مون کي ستايو آھي تہ اوھان کي بہ ستائيندا. جيڪڏھن انھن منھنجي تعليم تي عمل ڪيو آھي تہ اوھان جي تعليم تي بہ عمل ڪندا.


تنھنڪري جيڪو ماڻھو ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو ھو تنھن کي يھودي اڳواڻ چوڻ لڳا تہ ”اڄ سبت آھي، سو تو کي کٽولو کڻڻ جائز نہ آھي.“


جيڪو ماڻھو چڱو ڀلو ٿيو ھو تنھن کي اھا خبر ڪانہ ھئي تہ اھو ڪير ھو، ڇاڪاڻ⁠تہ گھڻي گوڙ ھئڻ ڪري عيسيٰ اتان کسڪي ھليو ويو ھو.


پوءِ انھيءَ ماڻھوءَ وڃي يھودي اڳواڻن کي ٻڌايو تہ ”اھو ماڻھو عيسيٰ آھي، جنھن مون کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو آھي.“


عيسيٰ کين جواب ڏنو تہ ”منھنجو پيءُ اڄ تائين ھميشہ ڪم ڪندو رھي ٿو ۽ آءٌ بہ پيو ڪم ڪريان.“


ھن ڳالھہ جي ڪري تہ يھودي اڳواڻ ھيڪاري کيس مارڻ جا وجھہ ڳولڻ لڳا، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن نہ رڳو سبت جو قاعدو ٿي ڀڳو بلڪ خدا کي پنھنجو پيءُ سڏي پاڻ کي خدا جي برابر ٿي ڪيائين.


عيسيٰ وراڻيو تہ ”مون سبت جي ڏينھن تي ھڪڙو ڪم ڪيو ھو تہ اوھين سڀ حيران ٿي ويا ھئا.


انھيءَ مھل يروشلم جا ڪي ماڻھو چوڻ لڳا تہ ”ڇا ھي اھو ماڻھو تہ نہ آھي جنھن کي ھو مارڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ