Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 5:15 - Common Language New Testament

15 پوءِ انھيءَ ماڻھوءَ وڃي يھودي اڳواڻن کي ٻڌايو تہ ”اھو ماڻھو عيسيٰ آھي، جنھن مون کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 پوءِ انهي ماڻهوءَ وڃي يهودين کي ٻُڌايو تہ اُهو يسوع آهي، جنهن مون کي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ وڃي يهودي اڳواڻن کي ٻڌايو تہ ”اهو ماڻهو يسوع آهي، جنهن مون کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ وڃي يهودي اڳواڻن کي ٻڌايو تہ ”اهو ماڻهو عيسيٰ آهي، جنهن مون کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 5:15
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر ھن وڃي جتي ڪٿي اھا خبر ٻڌائي، سو ڳالھہ ايتري تہ ھُلي ويئي جو عيسيٰ پوءِ ڪنھن بہ شھر ۾ کُليءَ طرح داخل ٿي نہ سگھيو، پر ٻاھر ويران جاين ۾ رھيو جتي ماڻھو سڀني ھنڌن کان پئي آيا.


يحيٰ جي شاھدي ھن طرح آھي تہ جڏھن يروشلم جي يھودي اڳواڻن يحيٰ ڏانھن ڪاھن ۽ لاوي موڪليا، جن اچي کانئس پڇيو تہ ”تون ڪير آھين؟“


”ھلو ۽ ھڪ شخص تہ ڏسو، جنھن اھو سڀ ڪجھہ ٻڌايو جيڪي مون ڪيو آھي. ڇا اھو مسيح تہ نہ آھي؟“


تنھنڪري جيڪو ماڻھو ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو ھو تنھن کي يھودي اڳواڻ چوڻ لڳا تہ ”اڄ سبت آھي، سو تو کي کٽولو کڻڻ جائز نہ آھي.“


تڏھن انھن کانئس پڇيو تہ ”اھو ماڻھو ڪير آھي، جنھن تو کي چيو تہ ’پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر؟‘“


انھيءَ سبب ڪري اھي اڳواڻ عيسيٰ کي ستائڻ لڳا، ڇالاءِ⁠جو ھن سبت جي ڏينھن تي اھڙا ڪم ٿي ڪيا.


ھن ڳالھہ جي ڪري تہ يھودي اڳواڻ ھيڪاري کيس مارڻ جا وجھہ ڳولڻ لڳا، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن نہ رڳو سبت جو قاعدو ٿي ڀڳو بلڪ خدا کي پنھنجو پيءُ سڏي پاڻ کي خدا جي برابر ٿي ڪيائين.


پوءِ فريسين انھيءَ ماڻھوءَ کان پڇيو تہ ”تون ڪيئن ڏسڻ وائسڻ لڳين؟“ ھن انھن کي ٻڌايو تہ ”ھڪڙي ماڻھوءَ ٿوري مٽي منھنجين اکين تي لاتي ۽ مون وڃي منھن ڌوتو تہ آءٌ ڏسڻ وائسڻ لڳس.“


انھيءَ ماڻھوءَ وراڻيو تہ ”مون کي خبر نہ آھي تہ ھو گنھگار آھي يا نہ. آءٌ رڳو اھو ڄاڻان ٿو تہ اڳي آءٌ انڌو ھوس ۽ ھاڻي ڏسان وائسان ٿو.“


تنھن تي انھيءَ ماڻھوءَ چيو تہ ”واہ! اھا تہ عجيب ڳالھہ آھي، ھُن منھنجون اکيون کوليون آھن، تڏھن بہ اوھان کي خبر نہ آھي تہ ھو ڪٿان آيو آھي.


تنھن تي انھن چيس تہ ”تون اصل ڄائو ئي گناھن ۾ آھين ۽ ھاڻي تون ٿو اسان کي سيکارين؟“ پوءِ تہ انھن کيس عبادت⁠خاني مان ڪڍي ڇڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ