Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 4:31 - Common Language New Testament

31 ساڳئي وقت سندس شاگردن عرض ڪيس تہ ”اي استاد! ڪجھہ کائو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 ايتري ۾ شاگردن عرض ڪري چيس، تہ اي اُستاد، ڪجهہ کاءُ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

31 هوڏانهن يسوع جي چيلن کيس وينتي ڪئي تہ ”اي گرو! ڪجھہ کائو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 هوڏانهن عيسيٰ جي شاگردن کيس عرض ڪيو تہ ”اي استاد! ڪجھہ کائو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 4:31
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھو چاھين ٿا تہ ماڻھو کين بازارن ۾ سلامي ٿين ۽ کين ’سائين‘ يا ’استاد‘ ڪري سڏين.


اوھان کي ’سائين‘ يا ’استاد‘ سڏائڻ نہ کپي، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين سڀيئي ھڪٻئي جا ڀائر آھيو ۽ اوھان جو رڳو ھڪ استاد آھي.


دغاباز يھوداہ ڳالھايو ۽ پڇيائين تہ ”اي سائين! اھو آءٌ تہ نہ آھيان؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”ائين تہ تون پاڻ ٿو چوين.“


ھو پھچڻ شرط سڌو عيسيٰ وٽ آيو ۽ چيائين تہ ”اي سائين! سلام.“ پوءِ کيس چمي ڏنائين.


تنھن تي پطرس کي اُھا ڳالھہ ياد پئي ۽ عيسيٰ کي چيائين تہ ”اي سائين! جنھن انجير جي وڻ کي توھان پاراتو ڏنو ھو، سو سڪي ويو آھي.“


ھو پھچڻ شرط سڌو عيسيٰ وٽ آيو ۽ اچي ”سائين! سائين!“ ڪري کيس چمي ڏنائين.


تنھن تي پطرس عيسيٰ کي چيو تہ ”سائين! اھا اسان جي خوش⁠نصيبي آھي جو اسين ھتي آھيون. اسين ھتي ٽي تنبو ٿا کڻي کوڙيون ھڪ اوھان لاءِ، ھڪ موسيٰ لاءِ ۽ ھڪ الياس لاءِ.“


عيسيٰ ڦري انھن کي پنھنجي پويان ايندي ڏسي چيو تہ ”اوھان کي ڇا گھرجي؟“ تنھن تي انھن جواب ڏنو تہ ”اي ربي (يعني استاد)! اوھين ڪٿي رھو ٿا؟“


نٿن⁠ايل چيو تہ ”استاد! اوھين تہ خدا جا فرزند آھيو. اوھين بني اسرائيل جا بادشاھہ آھيو.“


تنھن تي شاگردن چيس تہ ”اي استاد! اڃا تازو ماڻھو اوھان کي سنگسار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا ھئا ۽ اوھين وري اوڏانھن موٽي ھلو ٿا؟“


ھڪ رات ھو عيسيٰ وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”سائين! اسان کي خبر آھي تہ اوھين خدا جي طرفان استاد ٿي آيا آھيو، ڇالاءِ⁠جو جيڪي معجزا اوھين ڪريو ٿا سي جيڪر ڪوبہ نہ ڪري سگھي، جيستائين خدا ساڻس نہ ھجي.“


اھي يحيٰ وٽ ويا ۽ کيس چيائون تہ ”استاد! اوھان کي اھو ماڻھو ياد آھي جيڪو اردن درياءَ جي ھُن ڀر اوھان سان گڏ ھو ۽ جنھن بابت اوھان شاھدي ڏني ھئي؟ اھو ھاڻي ماڻھن کي بپتسما ڏيئي رھيو آھي ۽ ھر ڪو انھيءَ ڏانھن وڃي رھيو آھي.“


پوءِ اھي شھر مان نڪري عيسيٰ وٽ آيا.


پر ھن کين چيو تہ ”مون وٽ کائڻ لاءِ اھو کاڌو آھي، جنھن جي اوھان کي ڪابہ خبر نہ آھي.“


ماڻھن جڏھن عيسيٰ کي ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر تي ڳولي لڌو تہ کيس چيائون تہ ”استاد! اوھين ھتي ڪڏھن آيا؟“


ھن جي شاگردن کانئس پڇيو تہ ”استاد! ڪنھن جي گناھہ جي ڪري ھو انڌو ڄائو؟ ڇا ھن جي پنھنجي گناھہ جي ڪري يا سندس ماءُ⁠پيءُ جي گناھہ سبب؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ