Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 4:25 - Common Language New Testament

25 تنھن تي عورت عيسيٰ کي چيو تہ ”مون کي خبر آھي تہ مسيح اچڻو آھي. جڏھن اھو ايندو تڏھن اسان کي سڀ ڳالھيون ٻڌائيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 زال چيس، تہ مون کي خبر آهي تہ مسيح اچڻو آهي (جنهن کي ڪرستس ڪري ٿا چون)، جڏهن اُهو ايندو، تڏهن اسان کي سڀ ڳالهيون ٻُڌائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 پوءِ ناريءَ يسوع کي چيو تہ ”مون کي سڌ آهي تہ مسيح اچڻو آهي. سو جڏهن اهو ايندو تڏهن اسان کي سڀ ڳالهيون ٻڌائيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 پوءِ عورت عيسيٰ کي چيو تہ ”مون کي خبر آهي تہ مسيح اچڻو آهي. سو جڏهن اهو ايندو تڏهن اسان کي سڀ ڳالهيون ٻڌائيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 4:25
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يعقوب مان يوسف پيدا ٿيو جيڪو مريم جو مڙس ھو ۽ انھيءَ مريم جي پيٽان عيسيٰ پيدا ٿيو جيڪو مسيح سڏيو وڃي ٿو.


پوءِ جڏھن ماڻھو اچي گڏ ٿيا تہ پلاطس انھن کان پڇيو تہ ”ٻڌايو تہ اوھان جي خاطر آءٌ ڪنھن کي آزاد ڪريان، برابا کي يا عيسيٰ کي، جيڪو مسيح ٿو سڏجي؟“


تنھن تي پلاطس انھن کان پڇيو تہ ”پوءِ عيسيٰ کي ڇا ڪريان جيڪو مسيح ٿو سڏجي؟“ انھن سڀني چيو تہ ”ھن کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻو.“


ڇوتہ اڄ دائود جي شھر ۾ اوھان لاءِ ھڪڙو ڇوٽڪاري ڏيڻ وارو ڄائو آھي، جو مسيح خداوند آھي.


نٿن⁠ايل چيو تہ ”استاد! اوھين تہ خدا جا فرزند آھيو. اوھين بني اسرائيل جا بادشاھہ آھيو.“


”ھلو ۽ ھڪ شخص تہ ڏسو، جنھن اھو سڀ ڪجھہ ٻڌايو جيڪي مون ڪيو آھي. ڇا اھو مسيح تہ نہ آھي؟“


انھيءَ شھر جي ڪيترن ئي سامرين عيسيٰ تي ايمان آندو، ڇالاءِ⁠جو ان عورت شاھدي ڏني ھئي تہ ”جيڪي ڪجھہ مون ڪيو آھي سو سڀ ھن مون کي ٻڌايو آھي.“


پوءِ اھي ان عورت کي چوڻ لڳا تہ ”ھاڻي اسان تنھنجي چوڻ تي ئي مٿس ايمان نہ ٿا آڻيون، پر اسان پاڻ کيس ٻڌو آھي ۽ ڄاڻون ٿا تہ حقيقت ۾ ھيءُ ئي دنيا جو ڇوٽڪارو ڏيندڙ آھي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ