Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 4:1 - Common Language New Testament

1 فريسين ٻڌو تہ عيسيٰ يحيٰ کان وڌيڪ شاگرد ڪري رھيو آھي ۽ بپتسما ڏيئي رھيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 پوءِ جڏهن خداوند کي خبر پيئي تہ فريسين ٻُڌو آهي تہ يسوع يوحنا کان بہ وڌيڪ شاگرد پيو ڪري ۽ بپتسما پيو ڏئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 يسوع کي خبر پيئي تہ فريسين ٻڌو آهي تہ يسوع يوحنا کان وڌيڪ چيلا ڪري رهيو آهي ۽ بپتسما ڏيئي رهيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 عيسيٰ کي خبر پيئي تہ فريسين ٻڌو آهي تہ عيسيٰ يحيٰ کان وڌيڪ شاگرد ڪري رهيو آهي ۽ بپتسما ڏيئي رهيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 4:1
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون، اي منھنجا ٻچا! خدا تعاليٰ جو نبي سڏيو ويندين. تون خداوند جي آڏو ھلندين تہ انھيءَ لاءِ رستو تيار ڪرين،


جيڪڏھن ڪو اوھان کان کڻي پڇي تہ ’ان کي ڇو ٿا ڇوڙيو،‘ تہ اوھين چئجوس تہ ’سائينءَ کي انھيءَ جي ضرورت آھي.‘“


ھنن ورندي ڏني تہ ”سائينءَ کي انھيءَ جي ضرورت آھي.“


ڇوتہ اڄ دائود جي شھر ۾ اوھان لاءِ ھڪڙو ڇوٽڪاري ڏيڻ وارو ڄائو آھي، جو مسيح خداوند آھي.


جڏھن خداوند ان رن⁠زال کي ڏٺو، تڏھن کيس مٿس ڪھل آئي، سو چيائينس تہ ”روءُ نہ.“


انھن ھٿان خداوند ڏانھن چوائي موڪليائين تہ ”جيڪو اچڻ وارو آھي، سو اوھين ئي آھيو يا اسين ڪنھن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“


ھن کان پوءِ عيسيٰ ۽ سندس شاگرد يھوديہ جي علائقي ۾ آيا. ھو اتي انھن سان ڪجھہ وقت رھيو ۽ بپتسما ڏيڻ لڳو.


اھي يحيٰ وٽ ويا ۽ کيس چيائون تہ ”استاد! اوھان کي اھو ماڻھو ياد آھي جيڪو اردن درياءَ جي ھُن ڀر اوھان سان گڏ ھو ۽ جنھن بابت اوھان شاھدي ڏني ھئي؟ اھو ھاڻي ماڻھن کي بپتسما ڏيئي رھيو آھي ۽ ھر ڪو انھيءَ ڏانھن وڃي رھيو آھي.“


اھو ڪلام جيڪو امن جي خوشخبري آھي سو خدا بني اسرائيل قوم ڏانھن عيسيٰ مسيح جي وسيلي موڪليو، جيڪو سڀني جو خداوند آھي.


ڇالاءِ⁠جو مسيح مون کي بپتسما ڏيڻ لاءِ نہ پر خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ موڪليو آھي ۽ اھا بہ ڏاھپ جي لفظن سان نہ، متان مسيح جو صليب تي چڙھي جان ڏيڻ بي⁠اثر ٿئي.


پھريون ماڻھو زمين مان آيو ۽ خاڪي ھو، ٻيو ماڻھو آسمان مان آيو.


انھيءَ ڏاھپ کي ھن زماني جي حاڪمن نہ سمجھيو. جيڪڏھن اھي سمجھن ھا تہ جيڪر خداوند ذوالجلال کي ڪڏھن بہ صليب تي ڪين چاڙھين ھا.


ڏسو، اسين پنھنجي نہ پر عيسيٰ مسيح جي تبليغ ڪريون ٿا تہ ھو خداوند آھي. پنھنجي لاءِ ھيئن ٿا چئون تہ عيسيٰ جي خاطر اسين اوھان جا خادم آھيون.


اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي خداوند ذوالجلال عيسيٰ مسيح جا ايمان آڻڻ وارا ٿي ڪري اوھين طرفداري نہ ڪريو.


ھن جي پوشاڪ تي ۽ سندس ران تي ھي نالو لکيل آھي تہ ”بادشاھن جو بادشاھہ ۽ خداوندن جو خداوند.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ