Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 3:6 - Common Language New Testament

6 انسان جسماني طرح پنھنجي ماءُ⁠پيءُ مان پيدا ٿيندو آھي، پر روحاني طرح پاڪ روح مان پيدا ٿيندو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 جيڪي جسم مان پيدا ٿيو آهي، سو جسم آهي؛ ۽ جيڪي روح مان پيدا ٿيو آهي، سو روح آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 انسان شرير جي لحاظ کان پنهنجي ماتا پتا مان پيدا ٿيندو آهي، پر آتمڪ لحاظ کان پوِتر آتما مان پيدا ٿئي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 انسان جسماني لحاظ کان پنهنجي ماءُ پيءُ مان پيدا ٿيندو آهي، پر روحاني لحاظ کان پاڪ روح مان پيدا ٿئي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 3:6
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اھي رواجي طرح جسماني خواھش يا انساني مرضيءَ سان خدا جا ٻار نہ ٿيا، پر خدا خود کين پنھنجو ٻار بڻايو.


تون انھيءَ ڪري عجب نہ کاءُ جو مون تو کي چيو تہ اوھان سڀني کي نئين سر پيدا ٿيڻ گھرجي.


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ مون ۾ يعني منھنجي انساني فطرت ۾ ڪابہ نيڪي ڪانہ ٿي رھي. ڇالاءِ⁠جو منھنجي دل ۾ نيڪي ڪرڻ جي خواھش آھي، پر آءٌ ڪري نہ ٿو سگھان.


آءٌ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪريان، جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي مون کي ڇڏائيندو. مطلب تہ آءٌ پنھنجي عقل سان خدا جي شريعت جو تابعدار آھيان، پر آءٌ پنھنجي انساني فطرت جي ڪري گناھہ جي حڪم جو تابعدار آھيان.


جڏھن اسين رڳو انساني فطرت موجب رھندا ھئاسين، تڏھن اسان جون نفساني خواھشون، جيڪي شريعت جي ڪري ظاھر ٿي ٿيون سي اسان تي قابض ھيون، جنھن ڪري اسان موت لائق ڦل جھليوسين.


ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن اوھين انساني فطرت موجب زندگي گذاريندا تہ ضرور مرندا. پر جيڪڏھن پاڪ روح جي وسيلي جسم جي نفساني خواھشن کي فنا ڪندا تہ جيئرا رھندا.


پر جيڪو خداوند سان ملي ٿو سو روحاني طرح ساڻس گڏجي ھڪ ٿي وڃي ٿو.


تنھنڪري جيڪڏھن ڪو مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھي تہ ھو نئون خلقيل آھي. پراڻيون ڳالھيون گذري ويون، ڏسو، ان جي نئين حالت شروع ٿي ويئي.


جيڪي عيسيٰ مسيح جا آھن، تن انساني فطرت کي ان جي لاڙن ۽ برين خواھشن سميت صليب تي چاڙھي ڇڏيو آھي.


ان وقت اسين سڀيئي بہ انھن سان گڏ پنھنجي انساني فطرت جي جسماني خواھشن موجب زندگي گذاريندا ھئاسين ۽ پنھنجي جسم ۽ دل جون خواھشون پوريون ڪندا ھئاسين. اسين فطري حالت جي ڪري ٻين سڀني وانگر خدا جي ناراضپي جا حقدار ھئاسين.


انھيءَ سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اوھان جو اھڙو طھر ٿيو آھي جيڪو ماڻھن جي ھٿن سان نہ، بلڪ مسيح کان ٿيو آھي. انھيءَ طھر سان اوھان جي گناھن سان ڀريل فطرت کي لاٿو ويو آھي.


جيڪو خدا جو ٻار آھي سو گناھہ نہ ڪندو آھي، ڇالاءِ⁠جو خدا جي فطرت منجھس رھي ٿي. جيئن تہ ھو خدا مان پيدا ٿيل آھي تنھنڪري ھو گناھہ ڪري ئي نہ سگھندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ