Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 3:4 - Common Language New Testament

4 نيڪديمس پڇيس تہ ”ھڪ پوڙھو ماڻھو وري ٻيھر ڪيئن پيدا ٿي سگھندو؟ ڇا ائين ٿي سگھي ٿو جو ھو ٻيھر ماءُ جي پيٽ ۾ وڃي ۽ وري پيدا ٿئي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 نيڪديمس چيس تہ ماڻهو پيرسن ٿيو تہ پوءِ ڪيئن پيدا ٿي سگهندو؟ ٿيڻي آهي جو هو ٻيهر ماءُ جي پيٽ ۾ وڃي ۽ پيدا ٿئي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 نيڪديمس چيس تہ ”ڪو ماڻهو وري ٻيهر ڪيئن پيدا ٿي سگھندو؟ اهو بلڪل ناممڪن آهي جو هو ٻيهر ماتا جي پيٽ ۾ وڃي ۽ وري پيدا ٿئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 نيڪديمس چيس تہ ”ڪو ماڻهو وري ٻيهر ڪيئن پيدا ٿي سگھندو؟ اهو بلڪل ناممڪن آهي جو هو ٻيهر ماءُ جي پيٽ ۾ وڃي ۽ وري پيدا ٿئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 3:4
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ڪو ماڻھو نئين سر پيدا نہ ٿيندو، تيستائين خدا جي بادشاھت ڏسي نہ سگھندو.“


تنھن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ڪو ماڻھو پاڻيءَ ۽ پاڪ روح مان پيدا نہ ٿيندو، تيستائين اھو خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿي نہ سگھندو.


عيسيٰ وراڻين تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين اوھين ابن⁠آدم جو گوشت نہ کائيندا ۽ سندس رت نہ پيئندا، تيستائين اوھان ۾ زندگي نہ ھوندي.


ڪيترن ئي شاگردن اھو ٻڌو ۽ چيائون تہ ”ھيءَ ڳالھہ ڏاڍي ڏکي آھي. اھا ڪير ٻڌي سگھندو؟“


سو جيڪي برباد ٿي رھيا آھن، تن لاءِ صليب جو پيغام بي⁠وقوفي آھي. پر اسين جيڪي ڇوٽڪارو حاصل ڪري رھيا آھيون، تن لاءِ اھو خدا جي قدرت آھي.


پر جنھن ماڻھوءَ کي پاڪ روح مليل نہ آھي، سو خدا جي پاڪ روح کان مليل ڳالھيون قبول نہ ڪندو، ڇالاءِ⁠جو اھي ھن لاءِ بي⁠وقوفي آھن. ھو انھن کي سمجھي نہ سگھندو، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي روحاني طرح پرکيون وينديون آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ