Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 3:33 - Common Language New Testament

33 جنھن بہ ماڻھوءَ اھا شاھدي قبول ڪئي، تنھن ڄڻ اھا تصديق ڪئي تہ خدا سچو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 جنهن سندس شاهدي قبول ڪئي آهي، تنهن هن ڳالهہ تي مهر هڻي ڇڏي آهي تہ خدا سچو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

33 جڏهن تہ جنهن بہ ماڻهوءَ اها شاهدي قبول ڪئي، تنهن اها تصديق ڪئي تہ ايشور سچو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

33 جڏهن تہ جنهن بہ ماڻهوءَ اها شاهدي قبول ڪئي، تنهن اها تصديق ڪئي تہ خدا سچو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 3:33
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

فاني کاڌي لاءِ محنت نہ ڪريو، بلڪ انھيءَ دائمي کاڌي لاءِ محنت ڪريو، جيڪو ھميشہ واري زندگيءَ تائين ٿو ھلي. اھو کاڌو ابن⁠آدم اوھان کي ڏيندو، ڇاڪاڻ⁠تہ پيءُ يعني خدا ھن کي اختياريءَ جي مُھر ڏني آھي.“


اوھان بابت فيصلي ڪرڻ لاءِ مون وٽ ڪيتريون ئي ڳالھيون آھن. جنھن مون کي موڪليو آھي سو سچو آھي ۽ جيڪي ⁠بہ ڳالھيون مون کانئس ٻڌيون آھن، سي ئي آءٌ دنيا کي ٻڌايان ٿو.“


جڏھن آءٌ اھو ضروري ڪم ختم ڪندس ۽ جيڪو انھن لاءِ چندو گڏ ٿيو سو انھن جي حوالي ڪندس، تڏھن آءٌ اسپين ڏانھن ويندس ۽ رستي تي اوھان سان بہ ملندو ويندس.


ابراھيم جو طھر پوءِ ٿيو ۽ اھو طھر ھڪ ثابتيءَ جو نشان ھو تہ خدا کيس طھر کان اڳ ۾ سندس ايمان جي ئي ڪري سچار ڪري قبول ڪيو. سو ابراھيم انھن سڀني جو پيءُ آھي، جيڪي خدا تي ايمان آڻين ٿا ۽ ھو کين سچار ڪري قبول ڪري ٿو، جيتوڻيڪ اھي طھريل نہ آھن.


جيڪڏھن ٻيا مون کي رسول نہ ٿا مڃين تہ ڀلي نہ مڃين، پر اوھان جو تہ رسول آھيان. جيئن تہ اوھين خداوند جا آھيو، سو اھا ئي منھنجي رسالت جي ثابتي آھي.


پر قسم آھي خدا جي سچائيءَ جو تہ جيڪي ڪجھہ اسين اوھان کي چئون ٿا، ان ۾ ”ھائو“ ۽ ”نہ“ ٻہ معنائون ڪين آھن.


انھيءَ خدا اسان کي چونڊيو ۽ اسان جي دلين تي پنھنجي مالڪيءَ جي مُھر بہ ھنئي ۽ پاڪ روح اسان جي دلين ۾ وڌائين، جيڪو آئيندہ واعدي ڪيل نعمتن جو پھريون حصو آھي.


اوھين بہ مسيح جا ٿيا جڏھن اوھان سچائيءَ جو ڪلام يعني اھا خوشخبري ٻڌي، جيڪا اوھان لاءِ ڇوٽڪاري جو سبب بڻي. اوھان مسيح تي ايمان آندو ۽ خدا پنھنجو واعدو پورو ڪندي اوھان کي پاڪ روح ڏنو، جيڪو سندس مالڪيءَ جي مُھر آھي.


انھيءَ سان گڏ خدا جي پاڪ روح کي رنج نہ ڪريو. ڇالاءِ⁠جو اھو روح اوھان تي انھيءَ ڏينھن لاءِ خدا جي مُھر آھي، جنھن ڏينھن تي اوھان جو پوريءَ طرح ڇوٽڪارو ٿيندو.


تنھن ھوندي بہ خدا جو وڌل مضبوط بنياد قائم رھي ٿو. انھيءَ تي ھنن لفظن جي مُھر لڳل آھي تہ ”خداوند پنھنجن کي سڃاڻي ٿو.“ ۽ ”جيڪو خداوند جي نالي جو اقرار ڪري ٿو، تنھن کي بڇڙائيءَ کان پاسو ڪرڻ گھرجي.“


تنھنڪري خدا انھن کي جيڪي ڪيل واعدي جي برڪت حاصل ڪندا، اھو وڌيڪ صفائيءَ سان ڏيکارڻ گھريو تہ سندس ارادي ۾ ڪابہ ڦيرگھير ڪانہ ٿيندي، انھيءَ ڪري قسم بہ کنيائين.


جيڪڏھن اسين چئون تہ اسان گناھہ ڪونہ ڪيو آھي، تڏھن اسين ڄڻ خدا کي ڪوڙو ٿا ڪريون ۽ اسان ۾ سندس ڪلام موجود نہ آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ