Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 3:32 - Common Language New Testament

32 ھو انھيءَ جي شاھدي ڏئي ٿو جيڪو ھن پاڻ ڏٺو ۽ ٻڌو آھي، پر سندس شاھدي ڪوبہ قبول نہ ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 جيڪي هن ڏٺو ۽ ٻُڌو آهي، تنهن جي ئي شاهدي ٿو ڀري، ۽ ڪوبہ سندس شاهدي قبول نٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

32 هن پاڻ جيڪي ڪجھہ اتي ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، تنهن جي ئي شاهدي ڏئي ٿو، پر سندس شاهدي ڪوبہ قبول نہ ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 هن پاڻ جيڪي ڪجھہ اتي ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، تنهن جي ئي شاهدي ڏئي ٿو، پر سندس شاهدي ڪوبہ قبول نہ ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 3:32
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ⁠جو جيڪو گھرندو آھي تنھن کي ملندو آھي، جيڪو ڳوليندو آھي، تنھن کان لڀندو آھي ۽ جيڪو در کڙڪائيندو آھي تنھن لاءِ کلندو آھي.


ھو پنھنجن وٽ آيو، مگر پنھنجن کيس قبول نہ ڪيو.


ھن کان پوءِ آءٌ اوھان کي نوڪر نہ سڏيندس، ڇاڪاڻ⁠تہ نوڪر کي خبر نہ ھوندي آھي تہ سندس مالڪ ڇا ڪري رھيو آھي. پر مون اوھان کي دوست ڪري سڏيو آھي، ڇالاءِ⁠جو جيڪي ڳالھيون مون پنھنجي پيءُ کان ٻڌيون آھن سي سڀ اوھان کي ٻڌايون اٿم.


تنھن تي پلاطس چيس تہ ”پوءِ ڇا تون بادشاھہ آھين؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”اھو تہ اوھين پاڻ ٿا چئو تہ آءٌ بادشاھہ آھيان. آءٌ انھيءَ مقصد لاءِ ڄائس ۽ ھن دنيا ۾ آيس تہ رڳو سچ جي شاھدي ڏيان. جيڪو بہ سچ جي پاسي آھي سو منھنجو آواز ٻڌي ٿو.“


آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي اسين ڄاڻون ٿا، سو ڳالھايون ٿا ۽ جيڪي اسان ڏٺو آھي، تنھن جي شاھدي ڏيون ٿا. پر اوھان مان ڪوبہ اھڙو نہ آھي جيڪو اسان جي شاھدي قبول ڪري.


اھي يحيٰ وٽ ويا ۽ کيس چيائون تہ ”استاد! اوھان کي اھو ماڻھو ياد آھي جيڪو اردن درياءَ جي ھُن ڀر اوھان سان گڏ ھو ۽ جنھن بابت اوھان شاھدي ڏني ھئي؟ اھو ھاڻي ماڻھن کي بپتسما ڏيئي رھيو آھي ۽ ھر ڪو انھيءَ ڏانھن وڃي رھيو آھي.“


جنھن بہ ماڻھوءَ اھا شاھدي قبول ڪئي، تنھن ڄڻ اھا تصديق ڪئي تہ خدا سچو آھي.


انھيءَ جو سبب ھي آھي تہ پيءُ فرزند سان پيار ٿو ڪري ۽ کيس اھي سڀ ڪم ڏيکاري ٿو جيڪي ھو پاڻ ڪري ٿو. ھو انھن ڪمن کان اڃا بہ وڏا ڪم کيس ڏيکاريندو ۽ اوھين سڀيئي حيران ٿي ويندا.


اوھان بابت فيصلي ڪرڻ لاءِ مون وٽ ڪيتريون ئي ڳالھيون آھن. جنھن مون کي موڪليو آھي سو سچو آھي ۽ جيڪي ⁠بہ ڳالھيون مون کانئس ٻڌيون آھن، سي ئي آءٌ دنيا کي ٻڌايان ٿو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ