Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 3:13 - Common Language New Testament

13 ڪوبہ آسمان ڏانھن مٿي چڙھي نہ ويو آھي، سواءِ انھيءَ جي جيڪو آسمان مان آيو آھي، يعني ابن⁠آدم.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ڪوبہ ماڻهو آسمان ۾ چڙهي ڪونہ ويو آهي، سواءِ انهي جي جو آسمان مان لهي آيو آهي، يعني ابن آدم، جو آسمان ۾ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 ڪوبہ آڪاش ڏانهن مٿي چڙهي نہ ويو آهي. رڳو هڪڙو ئي آهي جيڪو آڪاش مان آيو آهي، يعني منش‌پتر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 ڪوبہ آسمان ڏانهن مٿي چڙهي نہ ويو آهي. رڳو هڪڙو ئي آهي جيڪو آسمان مان آيو آهي، يعني ابنِ آدم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 3:13
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ کين تعليم ڏيو تہ انھن سڀني ڳالھين تي عمل ڪن جن جو مون اوھان کي حڪم ڏنو آھي. يقين ڪريو تہ آءٌ دنيا جي پڄاڻيءَ تائين ھميشہ اوھان سان ھوندس.“


عيسيٰ کيس جواب ڏنو تہ ”لومڙين کي ڏريون ۽ پکين کي آکيرا آھن، پر ابن⁠آدم کي اھا جاءِ بہ ڪانھي جتي مٿو لڪائي آرام ڪري.“


ڪنھن بہ ماڻھوءَ خدا کي ڪڏھن ڪونہ ڏٺو آھي پر سندس اڪيلي ئي فرزند، جيڪو سندس پاسي ۾ آھي، تنھن ئي کيس ظاھر ڪيو آھي.


عيسيٰ کي خبر ھئي تہ ’پيءُ مون کي سڀ ڪجھہ ھٿ ۾ ڏنو آھي.‘ کيس اھا بہ خبر ھئي تہ ’آءٌ خدا جي طرفان آيو آھيان ۽ خدا ڏانھن موٽي وڃي رھيو آھيان.‘


اي بابا! ھاڻي پنھنجي حضور ۾ مون کي اھو جلوو بخش، جيڪو دنيا جي پيدا ٿيڻ کان اڳ مون کي تو سان گڏ ھو.


آءٌ اوھان کي ھن دنيا جون ڳالھيون ٿو ٻڌايان، پر اوھين ايمان نہ ٿا آڻيو. پوءِ اوھين ڪيئن ايمان آڻيندا جڏھن آءٌ اوھان کي آسمان جون ڳالھيون ٻڌائيندس؟


جيڪو مٿان اچي ٿو سو سڀني کان مٿاھون آھي. جيڪو دنيا جو آھي سو دنيا سان واسطو رکي ٿو ۽ ائين ڳالھائي ٿو جيئن ڪو دنيا وارو ڳالھائي. جيڪو آسمان کان اچي ٿو سو سڀني کان مٿاھون آھي.


ڇالاءِ⁠جو جيڪا ماني خدا ڏئي ٿو سا اھا آھي جيڪا آسمان مان نازل ٿئي ٿي ۽ دنيا کي زندگي ڏئي ٿي.“


ڇالاءِ⁠جو آءٌ آسمان مان انھيءَ لاءِ نہ لھي آيو آھيان تہ پنھنجي مرضي ھلايان، بلڪ انھيءَ لاءِ تہ پنھنجي موڪلڻ واري جي مرضي پوري ڪريان.


سو انھن چيو تہ ”ڇا ھي اھو عيسيٰ نہ آھي جيڪو يوسف جو پٽ آھي؟ اسين تہ سندس ماءُ⁠پيءُ کي بہ سڃاڻون ٿا. پوءِ ھي ھاڻي ڪيئن ٿو چوي تہ ’آءٌ آسمان مان نازل ٿيو آھيان؟‘“


ان جي معنيٰ اھا نہ آھي تہ ڪنھن ماڻھوءَ پيءُ کي ڏٺو آھي، پر رڳو انھيءَ ئي پيءُ کي ڏٺو آھي، جيڪو خدا جي طرفان آيو آھي.


آءٌ اھا زندہ ماني آھيان جيڪا آسمان مان نازل ٿي آھي. جيڪڏھن ڪو ھن مانيءَ مان کائيندو تہ اھو ھميشہ زندہ رھندو. جيڪا ماني آءٌ ڏيندس سا منھنجو جسم آھي، جيڪو آءٌ ڏيان ٿو تہ جيئن ھن دنيا کي زندگي ملي.“


ڀلا جيڪڏھن اوھين ابن⁠آدم کي آسمان ڏانھن وري چڙھندي ڏسو جتي ھو اڳي ئي ھو، تہ پوءِ ڪيئن ٿا ڀانئيو؟


عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”جيڪڏھن خدا اوھان جو پيءُ ھجي ھا تہ اوھين مون سان پيار ڪريو ھا، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ خدا وٽان آيو آھيان. آءٌ پاڻ ئي ڪين آيو آھيان پر ھن مون کي موڪليو آھي.


ڇالاءِ⁠جو دائود پاڻ آسمان ڏانھن کڄي نہ ويو پر ھن چيو تہ ’خداوند منھنجي خداوند کي چيو تہ ”تون منھنجي ساڄي پاسي ويھہ،


اوھين پاڻ سان گڏ انھيءَ سڄي ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنھن لاءِ پاڪ روح اوھان کي ڌنار مقرر ڪيو آھي. سو خدا جي انھيءَ ڪليسيا کي سنڀاليندا رھجو، جيڪا ھن پنھنجي فرزند جي رت سان خريد ڪئي.


پر جيڪو ايمان جي وسيلي خدا ڏانھن سچار ٿو بڻجي، تنھن بابت چيل آھي تہ ”تون پنھنجي دل ۾ ائين نہ چئُہ تہ ڪير آسمان تي چڙھندو.“ ان جو مطلب ٿيندو مسيح کي ھيٺ لاھي آڻڻ.


پھريون ماڻھو زمين مان آيو ۽ خاڪي ھو، ٻيو ماڻھو آسمان مان آيو.


اھا ڪليسيا مسيح جو بدن ۽ سندس ڀرپوري آھي. ھو پاڻ ئي ھر شيءِ کي ھر طرح سان ڀرپور ڪري ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ