Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 21:23 - Common Language New Testament

23 ان کان پوءِ سڀني ايمان وارن ۾ اھا ڳالھہ مشھور ٿي ويئي تہ اھو شاگرد ڪڏھن بہ نہ مرندو. جيتوڻيڪ عيسيٰ انھيءَ شاگرد کي ائين ڪونہ چيو ھو تہ ”تون مرندين ئي ڪونہ.“ پر ھيئن چيو ھئائين تہ ”جيڪڏھن آءٌ چاھيان تہ ھي ايستائين جيئرو رھي جيستائين آءٌ موٽي نہ اچان تہ تنھن ۾ تنھنجو ڪھڙو واسطو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 تنهن تي اُها ڳالهہ ڀائرن ۾ هُلي ويئي، تہ اُهو شاگرد مرندو ئي ڪين: جيتوڻيڪ يسوع ڪو هن کي ائين ڪين چيو تہ تون مرندين ئي ڪين، پر هيئن چيائين، تہ جيڪڏهن منهنجي مرضي هجي تہ جيستائين آئون اچان تيستائين هو رهي، تہ انهيءَ ۾ تنهنجو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 ان کان پوءِ سڀني وشواسين ۾ اها ڳالهہ مشهور ٿي ويئي تہ اهو چيلو ڪڏهن بہ نہ مرندو، جيتوڻيڪ يسوع انهيءَ چيلي بابت ائين ڪونہ چيو هو تہ ”هو مرندو ئي ڪونہ.“ پر هن هيئن چيو هو تہ ”جيڪڏهن آءٌ چاهيان تہ هي ايستائين جيوت رهي جيستائين آءٌ موٽي نہ اچان تہ ان ۾ تنهنجو ڪهڙو واسطو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 ان کان پوءِ سڀني ايمان وارن ۾ اها ڳالهہ مشهور ٿي ويئي تہ اهو شاگرد ڪڏهن بہ نہ مرندو، جيتوڻيڪ عيسيٰ انهيءَ شاگرد بابت ائين ڪونہ چيو هو تہ ”هو مرندو ئي ڪونہ.“ پر هن هيئن چيو هو تہ ”جيڪڏهن آءٌ چاهيان تہ هي ايستائين جيئرو رهي جيستائين آءٌ موٽي نہ اچان تہ ان ۾ تنهنجو ڪهڙو واسطو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 21:23
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھيءَ ڪري جو ابن⁠آدم پنھنجي پيءُ جي جلوي ۾ ملائڪن سان گڏ ايندو ۽ ھر ھڪ ماڻھوءَ کي سندس ڪمن موجب اجر ڏيندو.


ھڪڙي ڏينھن جڏھن اٽڪل ھڪ ⁠سؤ ويھہ ڄڻا اچي گڏ ٿيا، تڏھن پطرس ڀائرن جي وچ ۾ اٿي بيٺو ۽ چيائين تہ


اسان کي اتي ڪي ڀائر مليا جن چيو تہ ”ھڪ ھفتو اسان وٽ ترسو.“


تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! پاڻ مان ست معتبر ماڻھو چونڊيو، جيڪي سياڻپ ۽ پاڪ روح سان ڀريل ھجن. اسين انھن کي ھن ڪم جو ذميوار مقرر ڪنداسين.


مطلب تہ جڏھن بہ اوھين ھيءَ ماني کائو ٿا ۽ ھيءُ پيالو پيئو ٿا، تڏھن اوھين خداوند جي موت جو اظھار ٿا ڪريو، جيستائين ھو پاڻ موٽي اچي.


تنھنڪري خداوند جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنھن بہ ڳالھہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اھو ئي اوندھہ ۾ لڪل شيون پڌريون ڪندو ۽ ماڻھن جي دلين جون رٿون ظاھر ڪندو. تڏھن خدا جي طرفان ھر ڪنھن جي پوري پوري ساراھہ ٿيندي.


تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خداوند جي اچڻ تائين صبر ڪريو. ڏسو، ھاري زمين جي قيمتي پيدائش لاءِ ڪيڏو نہ انتظار ٿو ڪري. ھو آڳاٽي ۽ پاڇاٽي مينھن پوڻ تائين صبر ٿو ڪري.


پر جيڪي اوھان کي مليو تنھن کي سوگھو جھليو جيستائين آءٌ اچان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ