Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 21:19 - Common Language New Testament

19 ھن چوڻ مان عيسيٰ جو مطلب اھو ھو تہ پطرس ڪھڙيءَ طرح دنيا مان لاڏاڻو ڪري خدا جو جلوو ظاھر ڪندو. پوءِ عيسيٰ چيس تہ ”منھنجي پٺيان اچ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 هاڻي انهي چوڻ جي مراد اِها هيس، تہ ڏيکاريان تہ هو ڪهڙيءَ طرح دنيا مان لاڏاڻو ڪري خدا جو جلال ظاهر ڪندو. ۽ جڏهن هيءَ ڳالهہ ڪري چڪو، تنهن کانپوءِ چيائينس، تہ منهنجي پٺيان اچ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 هن چوڻ مان يسوع جو مطلب اهو هو تہ پطرس ڪهڙيءَ طرح سنسار مان لاڏاڻو ڪري ايشور جي جوت ظاهر ڪندو. پوءِ يسوع چيس تہ ”منهنجي پيروي ڪندو رهُہ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 هن چوڻ مان عيسيٰ جو مطلب اهو هو تہ پطرس ڪهڙيءَ طرح دنيا مان لاڏاڻو ڪري خدا جو جلوو ظاهر ڪندو. پوءِ عيسيٰ چيس تہ ”منهنجي پيروي ڪندو رهُہ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 21:19
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو پنھنجو صليب کڻي منھنجي پٺيان نہ ٿو ھلي، سو منھنجي لائق نہ آھي.


عيسيٰ کين چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اڳئين جھان ۾ جڏھن ابن⁠آدم پنھنجي جلوي سان تخت تي ويھندو، تہ اوھين منھنجا ٻارھن پوئلڳ بہ ٻارھن تختن تي ويھندا ۽ بني اسرائيل جي ٻارھن قبيلن جا فيصلا ڪندا.


تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”منھنجي پويان اچ ۽ ڇڏ تہ ڀلي مُڙدا وڃي مُڙدن کي دفنائين.“


جيڪو منھنجي خدمت ڪرڻ چاھي سو منھنجي پٺيان اچي، تہ جيئن جتي آءٌ آھيان اتي منھنجو خدمتگار بہ ھجي. منھنجو پيءُ انھيءَ جي عزت ڪندو جيڪو منھنجي خدمت ڪندو.“


ھن چوڻ مان ھن جو مطلب ھو تہ سندس موت ڪيئن ٿيندو.


اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ عيسيٰ جھڙي نموني پنھنجي موت بابت ٻڌايو ھو سو پورو ٿئي.


آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جڏھن تون جوان ھئين تہ پنھنجو سندرو پاڻ ٻڌندو ھئين ۽ جيڏانھن تو کي وڻندو ھو اوڏانھن گھمندو ڦرندو ھئين. پر جڏھن تون پوڙھو ٿيندين تڏھن پنھنجا ھٿ ڊگھيريندين ۽ ڪو ٻيو تو کي چيلھہ سان سندرو ٻڌي اوڏانھن وٺي ويندو جيڏانھن وڃڻ لاءِ تنھنجي دل نہ چوندي.“


عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪڏھن آءٌ چاھيان تہ ھي ايستائين جيئرو رھي جيستائين آءٌ موٽي نہ اچان، تہ تنھن ۾ تنھنجو ڪھڙو واسطو؟ تون منھنجي پٺيان اچ.“


منھنجي دل جي آرزو، بلڪ اميد اٿم تہ ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ شرمندو نہ ٿيندس. پر منھنجي وڏي دليريءَ جي ڪري ھميشہ وانگر ھاڻي بہ منھنجي بدن جي وسيلي مسيح جي وڏائي ٿيندي، پوءِ توڙي جيئرو رھان يا مري وڃان.


ڇالاءِ⁠جو آءٌ ڄاڻان ٿو تہ منھنجي مرڻ جو وقت ويجھو آھي، جيئن اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح بہ مون تي اھو ظاھر ڪيو آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ