Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 21:15 - Common Language New Testament

15 نيرن ڪرڻ کان پوءِ عيسيٰ شمعون پطرس کي چيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان ھنن کان وڌيڪ پيار ڪرين ٿو؟“ ھن وراڻيو تہ ”ھائو خداوند! تو کي خبر آھي تہ آءٌ تو سان پيار ڪريان ٿو.“ تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”منھنجي گھيٽن کي وڃي چار.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 پوءِ جڏهن ناشتو ڪري چڪا، تہ يسوع شمعون پطرس کي چيو تہ شمعون بن يوحنا، تون مون کي هنن کان وڌيڪ پيار ٿو ڪرين؟ هن چيو تہ هائو، اي خداوند، تون ڄاڻين ٿو تہ آئون توکي چاهيان ٿو. هن چيس تہ منهنجن گهيٽن کي چارج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 جڏهن هو نيرن ڪري چڪا تڏهن يسوع شمعون پطرس کان پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان هنن کان وڌيڪ پيار ڪرين ٿو؟“ هن وراڻيو تہ ”هائو پرڀو! اوهين ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ تنهن تي يسوع چيس تہ ”منهنجي گھيٽڙن کي وڃي چار.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 جڏهن هو نيرن ڪري چڪا تڏهن عيسيٰ شمعون پطرس کان پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان هنن کان وڌيڪ پيار ڪرين ٿو؟“ هن وراڻيو تہ ”هائو خداوند! اوهين ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”منهنجي گھيٽڙن کي وڃي چار.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 21:15
49 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو مون کان وڌيڪ پنھنجي پيءُ يا ماءُ سان پيار ڪري ٿو، سو منھنجي لائق نہ آھي ۽ جيڪو پنھنجي ڌيءَ يا پٽ کي مون کان وڌيڪ پيار ڪري ٿو سو بہ منھنجي لائق نہ آھي.


عيسيٰ چيس تہ ”اي يوحنا جا پٽ شمعون! تون سڀاڳو آھين، ڇاڪاڻ⁠تہ ھيءَ حقيقت تو کي ڪنھن انسان کان نہ پر منھنجي آسمان واري پيءُ کان ملي آھي.


”ڏسو، متان ھنن ننڍڙن مان ڪنھن بہ ھڪ کي خسيس ڪري سمجھو، ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ آسمان ۾ ھنن جا ملائڪ ھر وقت منھنجي آسمان واري پيءُ جي حضور ۾ حاضر رھن ٿا.


تنھن تي پطرس ڳالھايو ۽ عيسيٰ کي چيائين تہ ”توڙي جو ٻيا سڀ اوھان کي ڇڏي وڃن، پر آءٌ اوھان کي ڪڏھن بہ نہ ڇڏي ويندس.“


پطرس وراڻيو تہ ”آءٌ ائين ڪڏھن بہ نہ چوندس تہ آءٌ اوھان کي نہ ٿو سڃاڻان، توڙي جو مون کي اوھان سان گڏ مرڻو پوي.“ ٻين سڀني شاگردن بہ اھڙيءَ طرح اقرار ڪيو.


تنھن تي پطرس وراڻيس تہ ”توڙي جو ٻيا سڀ اوھان کي ڇڏي وڃن، پر آءٌ اوھان کي ڪڏھن بہ ڇڏي نہ ويندس.“


”اي ننڍڙا ٽولا! متان ڊڄو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان جي پيءُ جي مرضي آھي تہ اوھان کي بادشاھت عطا ڪري.


پر مون تو لاءِ دعا گھري آھي تہ شل تنھنجو ايمان نہ لُڏي. جڏھن تون مون ڏانھن موٽي اچين تہ پنھنجي ڀائرن جي مدد ڪج.“


پوءِ ھو شمعون کي عيسيٰ وٽ وٺي آيو. عيسيٰ ھن ڏانھن نھاري چيو تہ ”تون يوحنا جو پٽ شمعون آھين، تون ڪيفا جي نالي سان سڏبين.“


پطرس پڇيس تہ ”اي خداوند! آءٌ تو سان ھاڻي ڇو نہ ٿو ھلي سگھان؟ آءٌ تہ تنھنجي لاءِ پنھنجي جان بہ ڏيڻ لاءِ تيار آھيان.“


ڇالاءِ⁠جو پيءُ پاڻ اوھان سان انھيءَ لاءِ پيار ڪري ٿو جو اوھان مون سان پيار ڪيو آھي ۽ ايمان آندو اٿوَ تہ آءٌ پيءُ وٽان آيو آھيان.


پوءِ عيسيٰ کين چيو تہ ”اچي نيرن ڪريو.“ پر شاگردن مان ڪنھن کي بہ ھمت نہ ٿي جو کڻي پڇيس تہ ”تون ڪير آھين؟“ ڇاڪاڻ⁠تہ انھن کي خبر ھئي تہ ھو خداوند آھي.


پوءِ انھيءَ شاگرد جنھن سان عيسيٰ جو پيار ھو، تنھن پطرس کي چيو تہ ”اڙي، خداوند اٿيئي.“ جڏھن شمعون پطرس ٻڌو تہ ”اھو خداوند آھي.“ تڏھن جيئن تہ ھو پٺيءَ اگھاڙو ھو، سو قميص چيلھہ سان ٻڌندو مسيح سان ملڻ لاءِ ھڪدم پاڻيءَ ۾ ٽپي پيو.


عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”جيڪڏھن خدا اوھان جو پيءُ ھجي ھا تہ اوھين مون سان پيار ڪريو ھا، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ خدا وٽان آيو آھيان. آءٌ پاڻ ئي ڪين آيو آھيان پر ھن مون کي موڪليو آھي.


اوھين پاڻ سان گڏ انھيءَ سڄي ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنھن لاءِ پاڪ روح اوھان کي ڌنار مقرر ڪيو آھي. سو خدا جي انھيءَ ڪليسيا کي سنڀاليندا رھجو، جيڪا ھن پنھنجي فرزند جي رت سان خريد ڪئي.


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ منھنجي وڃڻ کان پوءِ وحشي بگھڙ اوھان ۾ اچي پوندا ۽ ڌڻ تي ڪوبہ قياس نہ ڪندا.


جنھن جو ايمان ڪمزور آھي تنھن جو آڌرڀاءُ ڪريو، پر انھيءَ سان اجايو بحث نہ ڪريو.


اسان مان جن جو ايمان مضبوط آھي سي رڳو پنھنجي مرضيءَ تي نہ ھلن، پر ڪمزور ايمان وارن جي ڪمزورين کي برداشت ڪن.


مطلب تہ اوھان جي علم جي ڪري ڪمزور سمجھہ وارو شخص، يعني اھو ڀاءُ ڀيڻ برباد ٿو ٿئي جنھن جي خاطر مسيح مئو.


ڇالاءِ⁠جو جڏھن اسين عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھيون، تڏھن طھر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪنھن ڪم جو نہ آھي. پر رڳو ايمان ئي ڪم جو آھي، جيڪو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري.


انھيءَ کان پوءِ اڳتي اسين ٻارڙا نہ رھون ۽ ماڻھن جي ٺڳي ۽ مڪاريءَ جي ڪري سندن گمراھہ ڪندڙ منصوبن پٺيان ھر قسم جي تعليم جي جھوٽي سان ڇولين وانگر ھيڏي ھوڏي گھلبا ۽ لڙھندا نہ وتون.


شل انھن سڀني تي فضل ھجي، جيڪي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح سان لازوال محبت رکن ٿا.


اطمينان ڏيندڙ خدا دائمي عھد جي رت جي وسيلي، اسان جي خداوند عيسيٰ کي رڍن جو وڏو ڌنار ڪري مئلن مان وري جياري اٿاريو.


ڪابہ خلقيل شيءِ خدا کان لڪل ڪانھي، بلڪ جنھن کي اسين حساب ڏينداسين تنھن جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کليل آھن.


جيتوڻيڪ اوھان عيسيٰ کي نہ ڏٺو آھي، تڏھن بہ کيس پيار ٿا ڪريو. اوھين ھاڻي بہ کيس نہ ٿا ڏسو، تڏھن بہ مٿس ايمان ٿا آڻيو ۽ ايتري تہ عظيم خوشيءَ سان ڀرپور آھيو جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاھر آھي،


جيئن نوان ڄاول ٻارڙا نج کير جا طلبگار ٿا ٿين، تيئن اوھين بہ نج روحاني کير جا طلبگار ٿيو، تہ انھيءَ جي وسيلي وڌي اوھين ڇوٽڪارو حاصل ڪريو.


ڇالاءِ⁠جو اڳي اوھين ڀٽڪيل رڍن وانگر ھئا پر ھاڻي پنھنجن روحن جي ڌنار ۽ نگھبان وٽ موٽي آيا آھيو.


اسين پيار انھيءَ لاءِ ٿا ڪريون، جو پھريائين خدا اسان سان پيار ڪيو آھي.


جنھن کي اھو يقين آھي تہ عيسيٰ ئي مسيح آھي، سو خدا جو ٻار آھي ۽ جيڪو پيءُ سان پيار ٿو ڪري، سو سندس ٻار سان بہ پيار ٿو ڪري.


آءٌ انھيءَ عورت جي پوئلڳن کي ماري ڇڏيندس ۽ پوءِ سڀني ڪليسيائن کي خبر پوندي تہ آءٌ اھو آھيان جيڪو اندر جا خيال ۽ دلين جا راز ڄاڻيان ٿو. آءٌ اوھان مان ھر ھڪ کي سندس ڪمن جو اجر ڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ