Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 20:2 - Common Language New Testament

2 سو ھوءَ ڊوڙندي شمعون پطرس ۽ انھيءَ ٻي شاگرد وٽ آئي، جنھن سان عيسيٰ جو پيار ھو ۽ کين چيائين تہ ”اھي خداوند کي قبر مان کڻي ويا آھن ۽ خبر نہ آھي تہ کيس الائجي ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 تنهن تي اُٿي ڊوڙي، ۽ شمعون پطرس ۽ اُنهي ٻئي شاگرد وٽ آئي، جنهن تي يسوع جو پيار هو، ۽ چيائين، تہ خداوند کي قبر مان کڻي ويا آهن، ۽ خبر ئي ڪانہ ٿي پوي تہ ڪٿي وڃي رکيو اٿنس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 سو هوءَ ڊوڙندي شمعون پطرس ۽ انهيءَ ٻئي چيلي وٽ آئي، جنهن سان يسوع جو پيار هو ۽ کين چيائين تہ ”اهي پرڀوءَ کي قبر مان کڻي ويا آهن ۽ سڌ نہ آهي تہ کيس الائجي ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 سو هوءَ ڊوڙندي شمعون پطرس ۽ انهيءَ ٻئي شاگرد وٽ آئي، جنهن سان عيسيٰ جو پيار هو ۽ کين چيائين تہ ”اهي خداوند کي قبر مان کڻي ويا آهن ۽ خبر نہ آهي تہ کيس الائجي ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 20:2
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شاگردن مان ھڪڙو جنھن سان عيسيٰ جو پيار ھو، سو عيسيٰ جي سيني ڏانھن جھُڪي کائي رھيو ھو.


جڏھن عيسيٰ پنھنجي ماءُ ۽ انھيءَ شاگرد کي جنھن سان سندس پيار ھو، اتي ڀرسان بيٺل ڏٺو تہ ھن پنھنجي ماءُ کي چيو تہ ”اما! ھي تنھنجو پٽ آھي.“


انھن پڇيس تہ ”اي مائي! روئين ڇو ٿي؟“ ھُن وراڻيو تہ ”اھي منھنجي خداوند کي کڻي ھليا ويا آھن ۽ خبر ئي ڪانھي تہ کيس ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“


عيسيٰ چيس تہ ”اي مائي! ڇو ٿي روئين؟ ڪنھن کي ٿي ڳولين؟“ مريم سمجھيو تہ ھي ڪو باغ جو مالھي آھي، سو چيائين تہ ”سائين! جيڪڏھن تون ھن کي ھتان کڻي ويو ھجين تہ ڀلائي ڪري ٻڌاءِ تہ کيس ڪٿي وڃي رکيو اٿيئي، تہ آءٌ وڃي اتان کڻي اچانس.“


شاگردن اڃا تائين اھا پاڪ لکت نہ سمجھي ھئي تہ عيسيٰ کي مئلن مان جيئرو ٿي اٿڻو ھو.


پطرس پٺ ورائي ڏٺو تہ اھو شاگرد جنھن سان عيسيٰ جو پيار ھو، سو پٺيان پيو اچي. انھيءَ شاگرد رات جي ماني کائڻ مھل بہ سندس سيني تي ٽيڪ ڏيئي پڇيو ھوس تہ ”خداوند! اھو ڪير آھي جيڪو تو کي پڪڙائيندو؟“


ھي اُھو شاگرد آھي جيڪو انھن ڳالھين جي شاھدي ٿو ڏئي ۽ اھي ڳالھيون لکيون بہ اٿس ۽ اسان کي خبر آھي تہ سندس شاھدي سچي آھي.


پوءِ انھيءَ شاگرد جنھن سان عيسيٰ جو پيار ھو، تنھن پطرس کي چيو تہ ”اڙي، خداوند اٿيئي.“ جڏھن شمعون پطرس ٻڌو تہ ”اھو خداوند آھي.“ تڏھن جيئن تہ ھو پٺيءَ اگھاڙو ھو، سو قميص چيلھہ سان ٻڌندو مسيح سان ملڻ لاءِ ھڪدم پاڻيءَ ۾ ٽپي پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ