Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 20:16 - Common Language New Testament

16 عيسيٰ چيس تہ ”مريم!“ تنھن تي مريم ڦري عبرانيءَ ۾ چيس تہ ”ربوني!“ يعني ”اي منھنجا استاد!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 يسوع چيس، مريم. هن ڦري عبرانيءَ ۾ چيس، ربوني؛ يعني اي اُستاد.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 يسوع چيس تہ ”مريم!“ تنهن تي مريم ڦري عبرانيءَ ۾ چيس تہ ”ربوني!“ يعني ”اي منهنجا گرو!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 عيسيٰ چيس تہ ”مريم!“ تنهن تي مريم ڦري عبرانيءَ ۾ چيس تہ ”ربوني!“ يعني ”اي منهنجا استاد!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 20:16
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن تي عيسيٰ ھڪدم کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، آءٌ آھيان، دلجاءِ ڪريو.“


عيسيٰ پڇيس تہ ”تون ڇا ٿو چاھين تہ آءٌ تنھنجي لاءِ ڇا ڪريان؟“ انڌي وراڻيو تہ ”اي سائين! آءٌ چاھيان ٿو تہ مون کي وري ديد ملي.“


پر خداوند وراڻيس تہ ”اي مارٿا! اي مارٿا! تون ڪيترين ئي ڳالھين جي ڳڻتين ۽ تڪليف ۾ آھين.


عيسيٰ ڦري انھن کي پنھنجي پويان ايندي ڏسي چيو تہ ”اوھان کي ڇا گھرجي؟“ تنھن تي انھن جواب ڏنو تہ ”اي ربي (يعني استاد)! اوھين ڪٿي رھو ٿا؟“


نٿن⁠ايل چيو تہ ”استاد! اوھين تہ خدا جا فرزند آھيو. اوھين بني اسرائيل جا بادشاھہ آھيو.“


دربان ھن لاءِ در کولي ٿو ۽ رڍون ھن جو آواز ٻڌن ٿيون. ھو نالو وٺي پنھنجين رڍن کي سڏي ٿو ۽ کين ٻاھر آڻي ٿو.


ھن چوڻ کان پوءِ مارٿا موٽي ويئي ۽ پنھنجي ڀيڻ مريم کي پنھنجي منھن سڏي چيائين تہ ”ادي! استاد آيو آھي ۽ تو کي سڏي ٿو.“


اوھين مون کي استاد ۽ خداوند ڪري ٿا سڏيو، سو برابر آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ اھو ئي آھيان.


تنھن تي توما چيس تہ ”اي منھنجا خداوند! اي منھنجا خدا!“


ھڪ رات ھو عيسيٰ وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”سائين! اسان کي خبر آھي تہ اوھين خدا جي طرفان استاد ٿي آيا آھيو، ڇالاءِ⁠جو جيڪي معجزا اوھين ڪريو ٿا سي جيڪر ڪوبہ نہ ڪري سگھي، جيستائين خدا ساڻس نہ ھجي.“


يروشلم ۾ رڍن واري در وٽ ھڪ تلاءُ آھي، جنھن کي عبراني ٻوليءَ ۾ بيت⁠حسدا ڪري سڏبو آھي ۽ انھيءَ کي پنج ڏيڍيون آھن.


ماڻھن جڏھن عيسيٰ کي ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر تي ڳولي لڌو تہ کيس چيائون تہ ”استاد! اوھين ھتي ڪڏھن آيا؟“


ھڪڙي ڏينھن ٽپھريءَ جو ھن رويا ۾ خدا جي ھڪڙي ملائڪ کي چٽيءَ طرح ڏٺو، جنھن چيس تہ ”اي ڪرنيليس!“


ھو زمين تي ڪري پيو ۽ ھڪڙو آواز ٻڌائين تہ ”اي شائول! اي شائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ