Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 2:23 - Common Language New Testament

23 عيد فصح جي موقعي تي جڏھن عيسيٰ يروشلم ۾ ھو، تڏھن سندس معجزا ڏسي ڪيترن ئي ماڻھن مٿس ايمان آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 هاڻي جڏهن هو عيد فسح جي وقت يروشلم ۾ هو، تڏهن معجزا جي ڏيکاريائين پئي، سي ڏسي گهڻن سندس نالي تي ايمان آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 فصح جي تهوار جي موقعي تي جڏهن يسوع يروشلم ۾ هو، تڏهن سندس چمتڪارَ ڏسي ڪيترن ئي ماڻهن مٿس وشواس آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 عيد فصح جي موقعي تي جڏهن عيسيٰ يروشلم ۾ هو، تڏهن سندس معجزا ڏسي ڪيترن ئي ماڻهن مٿس ايمان آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 2:23
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٽڪر وارا اھي ماڻھو آھن، جيڪي ڪلام ٻڌن ٿا تڏھن خوشيءَ سان قبول تہ ڪن ٿا، پر پاڙ نہ ھئڻ ڪري ٿورو وقت ايمان آڻي پوءِ آزمائش جي مھل ڦري ٿا وڃن.


جيڪي يھودي مريم وٽ آيا ھئا، تن مان ڪيترن ئي جڏھن عيسيٰ جو ھي ڪم ڏٺو تڏھن مٿس ايمان آندائون.


ھيءُ عيسيٰ جو پھريون معجزو ھو، جيڪو ھن گليل جي شھر قانا ۾ ڏيکاري پنھنجو جلوو ظاھر ڪيو ۽ سندس شاگردن مٿس ايمان آندو.


يھودين جي عيد فصح ويجھي ھئي تہ عيسيٰ يروشلم ڏانھن ويو.


ھڪ رات ھو عيسيٰ وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”سائين! اسان کي خبر آھي تہ اوھين خدا جي طرفان استاد ٿي آيا آھيو، ڇالاءِ⁠جو جيڪي معجزا اوھين ڪريو ٿا سي جيڪر ڪوبہ نہ ڪري سگھي، جيستائين خدا ساڻس نہ ھجي.“


جڏھن ھو گليل ۾ پھتو تہ اتي جي ماڻھن سندس آڌرڀاءُ ڪيو، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي بہ عيد فصح جي موقعي تي يروشلم ڏانھن ويا ھئا ۽ اتي عيسيٰ جيڪي ڪجھہ ڪيو سو سڀ ڏٺو ھئائون.


پر مون وٽ جيڪا شاھدي آھي سا يحيٰ جي شاھديءَ کان بہ وڌيڪ آھي، ڇالاءِ⁠جو جيڪي ڪم پيءُ مون کي پوري ڪرڻ لاءِ ڏنا آھن، يعني اھي ساڳيا ئي ڪم جيڪي آءٌ ھينئر ڪري رھيو آھيان، سي ئي منھنجي شاھدي ٿا ڏين تہ پيءُ مون کي موڪليو آھي.


عيسيٰ جو اھو معجزو ڏسي ماڻھو چوڻ لڳا تہ ”سچ⁠پچ ھي اھو نبي آھي، جيڪو ھن دنيا ۾ اچڻو آھي.“


ھڪڙو وڏو ميڙ سندس پٺيان ھليو، ڇالاءِ⁠جو ھنن اھي معجزا ڏٺا ھئا جيڪي ھن بيمارن تي ڪيا ھئا.


انھن ماڻھن مان ڪيترن ئي مٿس ايمان آندو ۽ چوڻ لڳا تہ ”جڏھن مسيح ايندو تہ اھو ھن کان وڌيڪ معجزا ڪندو ڇا؟“


ڇالاءِ⁠جو جڏھن اسين عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھيون، تڏھن طھر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪنھن ڪم جو نہ آھي. پر رڳو ايمان ئي ڪم جو آھي، جيڪو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري.


ھن جو حڪم ھيءُ آھي تہ اسين سندس فرزند عيسيٰ مسيح جي نالي تي ايمان آڻيون ۽ ھڪ ٻئي سان ائين پيار ڪريون جيئن ھن اسان کي حڪم ڏنو آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ