Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 2:22 - Common Language New Testament

22 تنھنڪري جڏھن ھو مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو، تڏھن سندس شاگردن کي ياد آيو تہ ھن اھا ڳالھہ ڪئي ھئي، سو ھنن پاڪ لکت ۽ عيسيٰ جي لفظن تي ايمان آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 پوءِ جڏهن هو مُئلن مان جي اُٿيو، تڏهن سندس شاگردن کي ياد آيو تہ هن اها ڳالهہ ڪئي هئي: ۽ هنن کي پاڪ لکيت، ۽ يسوع جي ڪلام تي ايمان آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 تنهنڪري جڏهن هو مئلن مان جيوت ٿي اٿيو، تڏهن سندس چيلن کي ياد آيو تہ هن ڇا چيو هو. سو هنن کي پوِتر شاستر جي لکت ۽ يسوع جي چيل انهيءَ ڳالهہ تي يقين ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 تنهنڪري جڏهن هو مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو، تڏهن سندس شاگردن کي ياد آيو تہ هن ڇا چيو هو. سو هنن کي پاڪ ڪلام جي لکت ۽ عيسيٰ جي چيل انهيءَ ڳالهہ تي يقين ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 2:22
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇا مسيح لاءِ اھو ضروري نہ ھو تہ ھو ھيئن ڏک سھي ۽ پوءِ اچي پنھنجو شان وَ شوڪت ماڻي؟“


پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اھي ئي ڳالھيون ھيون جيڪي مون اوھان کي ٻڌايون ھيون، جڏھن اڃا اوھان سان ھوس، تہ منھنجي بابت جيڪوبہ موسيٰ جي توريت، نبين جي لکتن ۽ زبور ۾ لکيل آھي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.“


سندس شاگردن کي پھريائين تہ اھي ڳالھيون سمجھہ ۾ ڪين ٿي آيون. پر پوءِ جڏھن عيسيٰ جو جلوو ظاھر ٿيو، تڏھن انھن کي ياد آيو تہ اھي ئي ڳالھيون ھن بابت صحيفي ۾ لکيل آھن ۽ ائين ئي ماڻھن ساڻس سلوڪ ڪيو.


پر مددگار يعني پاڪ روح، جنھن کي پيءُ منھنجي نالي موڪليندو، سو اوھان کي سڀ ڳالھيون سيکاريندو ۽ اوھان کي اھي ڳالھيون ياد ڏياريندو رھندو، جيڪي مون اوھان کي چيون آھن.


پر مون اھي ڳالھيون اوھان کي انھيءَ لاءِ ٻڌايون آھن تہ جڏھن اھا گھڙي اچي تہ اوھين ياد ڪريو تہ مون انھن بابت اڳي ئي اوھان کي ٻڌائي ڇڏيو ھو.“ ”مون شروعات ۾ اھي ڳالھيون اوھان کي انھيءَ ڪري نہ ٻڌايون جو آءٌ اوھان سان گڏ ھوس.


ھيءُ عيسيٰ جو پھريون معجزو ھو، جيڪو ھن گليل جي شھر قانا ۾ ڏيکاري پنھنجو جلوو ظاھر ڪيو ۽ سندس شاگردن مٿس ايمان آندو.


تڏھن سندس شاگردن کي اھو لکيو ياد آيو تہ ”اي خدا! تنھنجي گھر لاءِ منھنجي غيرت مون کي جلائيندي.“


عيسيٰ ۽ سندس شاگردن کي بہ انھيءَ شاديءَ جي دعوت مليل ھئي.


پوءِ مون کي خداوند جو چوڻ ياد آيو تہ ’يحيٰ پاڻيءَ سان بپتسما ڏني ھئي، پر اوھان کي پاڪ روح سان بپتسما ڏني ويندي.‘


تہ ڪيئن خدا عيسيٰ کي جيئرو ڪري سندن اولاد يعني اسان جي لاءِ اھو واعدو پورو ڪيو، جيئن ٻئي زبور ۾ لکيل آھي تہ ’تون منھنجو فرزند آھين ۽ اڄ آءٌ تنھنجو پيءُ ٿيو آھيان.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ