Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 2:12 - Common Language New Testament

12 تنھن کان پوءِ عيسيٰ، سندس ماءُ، ڀائر ۽ سندس شاگرد ڪفرناحوم شھر ڏانھن ويا، جتي ھو ڪجھہ ڏينھن رھيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 تنهن کانپوءِ هو ڪفرناحوم ۾ ويو، پاڻ ۽ سندس ماءُ، ۽ ڀائر، ۽ سندس شاگرد: ۽ هو اُتي گهڻا ڏهاڙا نہ رهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 تنهن کان پوءِ يسوع، سندس ماتا، ڀائر ۽ سندس چيلا ڪفرناحوم شهر ڏانهن ويا، جتي هو ڪجھہ ڏينهن رهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 تنهن کان پوءِ عيسيٰ، سندس ماءُ، ڀائر ۽ سندس شاگرد ڪفرناحوم شهر ڏانهن ويا، جتي هو ڪجھہ ڏينهن رهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 2:12
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي ڪفرناحوم! ڇا تون ڀانئين ٿو تہ تون عرش تي کڄي ويندين؟ بلڪل نہ، پر اٽلندو تون پاتال ۾ ڦٽو ڪيو ويندين. ڇالاءِ⁠جو جيڪي معجزا تو ۾ ڪيا ويا آھن سي جيڪڏھن سدوم شھر ۾ ڪيا وڃن ھا تہ اھو جيڪر اڄ ڏينھن تائين قائم ھجي ھا.


عيسيٰ ميڙ سان اڃا ڳالھائي ئي رھيو ھو تہ سندس ماءُ ۽ ڀائر ٻاھر اچي پھتا ۽ ساڻس ڳالھائڻ ٿي چاھيائون.


ھو ناصرت ۾ نہ رھيو پر وڃي ڪفرناحوم ۾ رھيو، جيڪو گليل ڍنڍ تي زبولون ۽ نفتاليءَ جي حدن اندر آھي.


ڇا ھي اھو ڊکڻ نہ آھي جو مريم جو پٽ ۽ يعقوب، يوسيس، يھوداہ ۽ شمعون جو ڀاءُ آھي؟ ڇا ھن جون ڀينرون ھتي نہ ٿيون رھن؟“ تنھنڪري ھنن عيسيٰ کي قبول نہ ڪيو.


عيسيٰ ۽ سندس شاگردن کي بہ انھيءَ شاديءَ جي دعوت مليل ھئي.


پوءِ عيسيٰ گليل جي شھر قانا ۾ موٽي آيو، جتي ھن پاڻيءَ کي مئي بڻايو ھو. اتي ھڪ عملدار ھو جنھن جو پٽ ڪفرناحوم ۾ بيمار ھو.


رات ٿي ويئي ھئي پر عيسيٰ انھن وٽ نہ آيو ھو، سو ھو ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ڍنڍ جي ھُن ڀر ڪفرناحوم ڏانھن روانا ٿيا.


اسان جو اھو حق نہ آھي ڇا تہ پنھنجين ديندار زالن کي پاڻ سان گڏ گھمائيندا رھون، جيئن ٻيا رسول، خداوند جا ڀائر ۽ پطرس جن ڪن ٿا؟


پر ٻين رسولن مان خداوند جي ڀاءُ يعقوب کان سواءِ مون ڪنھن کي بہ ڪونہ ڏٺو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ