Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 19:38 - Common Language New Testament

38 تنھن کان پوءِ ارمٿيا وارو يوسف، جيڪو يھودي اڳواڻن جي ڊپ ڪري ڳجھيءَ طرح عيسيٰ جو شاگرد ھو، سو پلاطس وٽ آيو ۽ کيس عرض ڪيائين تہ ”مون کي عيسيٰ جو لاش کڻي وڃڻ جي موڪل ڏيو.“ پلاطس کيس موڪل ڏني. پوءِ ھو اتي آيو ۽ لاش کڻي ھليو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

38 تنهن کانپوءِ ارمتياہ وارو يوسف، جو يسوع جو شاگرد هو، پر يهودين جي ڊپ کان لڪل هو، تنهن يسوع جو لاش کڻي وڃڻ لاءِ پلاطس کي عرض ڪيو، ۽ پلاطس موڪل ڏنيس. تڏهن هو آيو ۽ لاش کڻي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

38 تنهن کان پوءِ ارمٿيا وارو يوسف، جيڪو يهودي اڳواڻن جي ڊپ ڪري ڳجھيءَ طرح يسوع جو چيلو هو، سو پلاطس وٽ آيو ۽ کيس وينتي ڪيائين تہ ”مون کي يسوع جو لاش کڻي وڃڻ جي آگيا ڏيو.“ پلاطس کيس آگيا ڏني. پوءِ هن وڃي لاش کنيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

38 تنهن کان پوءِ ارمٿيا وارو يوسف، جيڪو يهودي اڳواڻن جي ڊپ ڪري ڳجھيءَ طرح عيسيٰ جو شاگرد هو، سو پلاطس وٽ آيو ۽ کيس عرض ڪيائين تہ ”مون کي عيسيٰ جو لاش کڻي وڃڻ جي اجازت ڏيو.“ پلاطس کيس اجازت ڏني. پوءِ هن وڃي لاش کنيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 19:38
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن ھوندي بہ ڪيترن ئي اڳواڻن عيسيٰ تي ايمان آندو، پر فريسين جي ڪري اھي کُليءَ طرح اقرار نہ پيا ڪن، تہ متان کين عبادت⁠گاھن مان ٻاھر ڪڍي نہ ڇڏين.


پر ھن بابت ڪوبہ کليو کلايو نہ پيو ڳالھائي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو يھودي اڳواڻن کان ڊڄن پيا.


سندس ماءُ⁠پيءُ ائين انھيءَ ڪري چيو، ڇالاءِ⁠جو ھو يھودي اڳواڻن کان ڊنا ٿي، جن اڳي ئي ٺھراءُ ڪري ڇڏيو ھو تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو عيسيٰ کي مسيح ڪري مڃيندو تہ ھو انھيءَ کي پنھنجي عبادت⁠گاھہ مان ڪڍي ڇڏيندا.


جڏھن اھي سڀ ڳالھيون پوريون ڪيائون جيڪي صحيفي ۾ لکيل ھيون، تڏھن ھنن سندس لاش کي صليب تان لاھي قبر ۾ رکيو.


منھنجي قيد ۾ ھجڻ جي ڪري گھڻن ايمان وارن کي خداوند ۾ ڀروسو حاصل ٿيو آھي، ايتري قدر جو اھي وڌيڪ ھمت ۽ بي⁠خوفيءَ سان خدا جو ڪلام ٻڌائين ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ