Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 19:28 - Common Language New Testament

28 پوءِ جڏھن عيسيٰ ڄاتو تہ ھاڻي ھر ڳالھہ پوري ٿي چڪي آھي، تڏھن پاڪ لکت کي پوري ڪرڻ لاءِ ھن چيو تہ ”مون کي اڃ لڳي آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 تنهن کانپوءِ يسوع جڏهن ڏٺو تہ هاڻي سڀ ڳالهيون اچي پوريون ٿيون آهن، تڏهن چيائين تہ مون کي اُڃ لڳي آهي، سو انهي لاءِ تہ پاڪ لکيت پوري ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

28 پوءِ جڏهن يسوع ڄاتو تہ هاڻي هر ڳالهہ پوري ٿي چڪي آهي، تڏهن پوِتر شاستر جي لکت کي پوري ڪرڻ لاءِ هن چيو تہ ”مون کي اڃ لڳي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 پوءِ جڏهن عيسيٰ ڄاتو تہ هاڻي هر ڳالهہ پوري ٿي چڪي آهي، تڏهن پاڪ ڪلام جي لکت کي پوري ڪرڻ لاءِ هن چيو تہ ”مون کي اڃ لڳي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 19:28
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر مون کي ھڪڙي بپتسما وٺڻي آھي ۽ جيستائين اھا پوري ٿئي تيستائين آءٌ ڪيترو نہ پريشان آھيان.


عيسيٰ پنھنجن ٻارھن شاگردن کي ھڪ پاسي وٺي ويو ۽ انھن کي چيائين تہ ”ڏسو، اسين يروشلم ڏانھن ھلي رھيا آھيون ۽ جيڪي ڳالھيون ابن⁠آدم بابت نبي لکي ويا آھن، سي سڀيئي اتي پوريون ٿينديون.


ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو لکيل آھي تہ ’ھو گنھگارن ۾ ليکيو ويندو،‘ سو مون لاءِ پورو ٿيڻ ضروري آھي. بيشڪ جيڪو منھنجي بنسبت لکيل آھي سو پورو ٿيڻ وارو آھي.“


جن جلال ۾ پئي ڏيکاري ڏني ۽ سندس موت بابت ڳالھايو پئي جو يروشلم ۾ ٿيڻو ھو.


ھاڻ جڏھن تہ عيسيٰ کي اھا خبر ھئي تہ ’منھنجي اھا گھڙي اچي ويئي آھي جو آءٌ ھيءَ دنيا ڇڏي پيءُ ڏانھن وڃان،‘ تنھن ھوندي بہ جيڪي ھن دنيا ۾ پنھنجا ھيس تن کي آخري گھڙيءَ تائين پيار ڪندو آيو. عيد فصح کان ھڪ ڏينھن اڳ ۾


جيڪو ڪم تو مون کي ڪرڻ لاءِ ڏنو ھو، سو مون پورو ڪري تنھنجو جلوو دنيا تي ظاھر ڪيو آھي.


عيسيٰ کي سڀ خبر ھئي تہ ساڻس ڇا ٿيڻو آھي، سو ھو ڪجھہ قدم اڳتي وڌي کانئن پڇڻ لڳو تہ ”اوھين ڪنھن کي ڳولي رھيا آھيو؟“


تنھنڪري سپاھين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’جبي کي ڦاڙيون نہ ٿا پر پُکا ٿا وجھون تہ اھو ڪنھن جو ٿو ٿئي.‘ اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن پاڪ لکت پوري ٿئي، جنھن ۾ لکيل آھي تہ ”انھن منھنجا ڪپڙا پاڻ ۾ ورھائي کنيا ۽ منھنجي جبي لاءِ پُکا وڌائون.“ تنھنڪري سپاھين ائين ڪيو.


عيسيٰ ڪؤڙي مئي وٺي چيو تہ ”ھاڻي پورو ٿيو.“ پوءِ سندس ڪنڌ لڙڪي پيو ۽ دم ڏنائين.


اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن پاڪ لکت پوري ٿئي جنھن ۾ لکيل آھي تہ ”ھن جو ھڪڙو بہ ھڏو نہ ڀڄندو.“


عيسيٰ کين چيو تہ ”منھنجو کاڌو اھو آھي تہ انھيءَ جي مرضي پوري ڪريان جنھن مون کي موڪليو آھي ۽ سندس ڪم پورو ڪريان.


جڏھن اھي سڀ ڳالھيون پوريون ڪيائون جيڪي صحيفي ۾ لکيل ھيون، تڏھن ھنن سندس لاش کي صليب تان لاھي قبر ۾ رکيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ