Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 19:15 - Common Language New Testament

15 پر انھن وڏي واڪي چيو تہ ”وٺي وڃونس، وٺي وڃونس ۽ وڃي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻوس.“ تنھن تي پلاطس انھن کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ اوھان جي بادشاھہ کي صليب تي چاڙھيان؟“ سردار ڪاھنن وراڻيو تہ ”قيصر کان سواءِ اسان جو ٻيو ڪوبہ بادشاھہ نہ آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 تنهن تي هنن رڙيون ڪري چيو تہ ڪڍينس! ڪڍينس! صليب تي چاڙهينس! پلاطس چين تہ اوهان جي بادشاهہ کي صليب تي چاڙهيان؟ سردار ڪاهنن جواب ڏنو تہ قيصر کان سواءِ اسان جو ٻيو بادشاهہ آهي ئي ڪونہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 پر انهن وڏي واڪي چيو تہ ”وٺي وڃونس، وٺي وڃونس. وڃي سوليءَ تي چاڙهيوس.“ تنهن تي پلاطس انهن کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ اوهان جي راجا کي سوليءَ تي چاڙهيان؟“ سردار ڪاهنن وراڻيو تہ ”قيصر کان سواءِ اسان جو ٻيو ڪوبہ راجا نہ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 پر انهن وڏي واڪي چيو تہ ”وٺي وڃونس، وٺي وڃونس. وڃي صليب تي چاڙهيوس.“ تنهن تي پلاطس انهن کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ اوهان جي بادشاهہ کي صليب تي چاڙهيان؟“ سردار ڪاهنن وراڻيو تہ ”قيصر کان سواءِ اسان جو ٻيو ڪوبہ بادشاهہ نہ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 19:15
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ اسان کي ٻڌايو تہ اوھين ڇا ٿا سمجھو؟ قيصر کي محصول ڏيڻ اسان لاءِ جائز آھي يا نہ؟“


تنھن تي سڀني وٺي رڙيون ڪيون تہ ”انھيءَ کي ماري ڇڏيو ۽ برابا کي اسان جي خاطر ڇڏي ڏيو.“


پلاطس کين چيو تہ ”اوھين پاڻ ھن کي وٺي وڃو ۽ پنھنجي شريعت موجب سندس فيصلو ڪريو.“ يھودي اڳواڻن وراڻيو تہ ”اسان کي اختياري مليل نہ آھي تہ ڪنھن ماڻھوءَ کي موت جي سزا ڏيون.“


جڏھن سردار ڪاھنن ۽ پھريدارن عيسيٰ کي ڏٺو تہ اھي واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”ھن کي صليب تي چاڙھيو، صليب تي.“ پر پلاطس چين تہ ”اوھين پاڻ وٺي وڃي صليب تي چاڙھيوس. مون کي تہ ھن ۾ ڪوبہ ڏوھہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“


جيتوڻيڪ انھن کي عيسيٰ جي مارائڻ جو ڪوبہ سبب نہ مليو، تنھن ھوندي بہ ھنن پلاطس کي عرض ڪيو تہ کيس مارائي ڇڏي.


جڏھن تہ ماڻھن جو ميڙ پٺيان واڪا ڪندو پئي آيو تہ ”ماري ڇڏيوس، ماري ڇڏيوس.“


ايستائين ھو پولس جي ڳالھہ ٻڌندا رھيا ۽ پوءِ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”ھن ماڻھوءَ کي ختم ڪري ڇڏيو، ڇالاءِ⁠جو اھڙو ماڻھو دنيا ۾ رھڻ جي لائق نہ آھي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ